ھر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جا نقصان

ڏٺو وڃي تہ اھا ھڪ ڀلي ڳالهہ ۽ احسن قدم آھي تہ موجودہ حڪومت جيڪا سنڌ جي ھر ھڪ ضلعي ۾ ھڪ يونيورسٽي قائم ڪرڻ گهري ٿي ۽ ان ڀلي وک لاءِ ھن وقت سنڌ ۾ ڪافي نيون يونيورسٽيون پڻ قائم ٿينديون پيون وڃن پر انتھائي باريڪ بينيءَ سان ڏسبو تہ بغير تعميري حڪمت عمليءَ جي، اسان جي آئيندي جي معمارن سان ھڪ وک اڳي ٻہ وکون پوئتي ڪرڻ جيان ئي ھي عمل ٿيندو. بظاھر ھر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ هڪ طرف تہ تعليم تائين پھچ وڌائڻ جي ھڪ بھترين ڪوشش آهي تہ ٻئي طرف ائين ڪرڻ سان ڪيترا ئي ڳجها سوال پڻ اڀرن ٿا. خاص طور تي جڏهن ڳالهہ شاگردن جي شخصيت، تعليم جي معيار، ۽ مستقبل جي موقعن جي ھجي، تہ اهو سوال پاڻ ئي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو تہ ڇا واقعي اھو اسان جي مستقبل سازيءَ لاءِ ھي عمل احسن قدم آھي يا ان جا ڪي اڻ ڏٺا نقصان بہ آھن؟
تعليم هميشه کان هڪ اهڙو موضوع رهيو آهي جنھن ۾ هر قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ واري خواب جي ساڀيان شامل ھوندي آهي. جڏهن ھر فرد تائين تعليم جي پھچ واري ڳالهہ ٿئي ٿي، تہ هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ هڪ مثبت قدم آھي. ھيءَ قدم انهن ضلعن لاءِ خاص طور تي اهم آهي جتي تعليمي سھولتون محدود آهن ۽ جتي غريب ۽ پسماندہ طبقن جا نوجوان تعليم جي سھولت کان محروم رهجي وڃن ٿا. انهن نوجوانن کي پنھنجي علائقي ۾ ئي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو ملڻ سان نہ رڳو انهن جي زندگيءَ ۾ ھاڪاري تبديليون اينديون، پر مقامي معيشت بہ مضبوط ٿيندي. اھو بہ ڏٺو ويو آھي تہ يونيورسٽيون مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا بہ پيدا ڪنديون آھن جنھن سان وري علائقي جي سماجي زندگيءَ ۾ پڻ نواڻ ايندي آھي.
پر جتي هن پاليسيءَ جا مٿيان فائدا آهن، اتي جديد تحقيقن ۾ ان قدم جا ڪجهہ ڏور ڏس نقصان بہ سامهون آيا آھن، جيڪي پڻ غور طلب آهن. هڪ اهم مسئلو جيڪو هن پاليسيءَ جي ڪري سامهون ايندو آهي، اهو شاگردن جي شخصيت ۾ سندن ذھني واڌاري جي کوٽ آهي. پوري دنيا ۾ مرڪزي ۽ وڏين يونيورسٽين ۾ مختلف ضلعن، علائقن، ۽ ثقافتن جا شاگرد گڏجي تعليم حاصل ڪندا آھن. تعليم جو ھي سرشتو شاگردن جي شخصيت ۾ نواڻ ۽ تنوع پيدا ڪري ٿو، جيڪو انهن جي سوچ ۽ زندگيءَ جي تجربي کي وسيع ڪندو آهي. پر جڏهن هر ضلعي ۾ ھڪ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي جيڪا گهڻو ڪري ڇڙو ان علائقي جي شاگردن تي منحصر ٿيندي آھي، تڏھن شاگردن کي مختلف پرڳڻن جي اٿڻيءَ ويھڻيءَ واري ماحول ۽ نون تجربن سان متعارف ٿيڻ جا موقعا گهٽجي ويندا آھن، جنھن جي ڪري سندن سوچ محدود ۽ تقابلي حساب سان گهڻي اوسر ناھي ڪري سگهندي.
تعليم جو هڪ اهم مقصد اهو ھوندو آهي تہ شاگردن کي وسيع تجربا ۽ نراليون ۽ نيون سوچون ملي سگهن، جيڪي سوچون انهن جي شخصيت ۽ کوجنائن کي وڌائينديون آھن. پر جڏھن هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ٿئي ٿي، تہ انهن شاگردن کي محدود ثقافتي ماحول ۾ تعليم حاصل ڪرڻي پوندي آھي، جيڪا ڳالهہ انهن جي تجربي ۽ سوچ ۾ تنگي پڻ پيدا ڪري سگهي ٿي. اهو مسئلو شاگردن جي آئيندي جي ڪاميابيءَ ۾ رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو، ڇوتہ انهن کي زندگيءَ جي مختلف رخن کي سمجهڻ ۽ انهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ مناسب تربيت ۽ تجربو حاصل ناھي ٿي سگهندو.
يونيورسٽيون تعليم جو معيار ۽ تحقيق جون مکيہ گهر هونديون آهن. پر جڏهن هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ٿئي ٿي، تہ وسيلن جي کوٽ ۽ تعليمي معيار جو مسئلو پڻ سامهون ايندو آھي. ڏٺو اھو ئي ويو آھي تہ گهڻو ڪري اھڙيون يونيورسٽيون محدود وسيلن سان ڪم ڪن ٿيون، جتي استاد، ليبارٽريز، ۽ تحقيق ڪرڻ جا موقعا گهٽ هوندا آهن. جنھن جي ڪري ان يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي تعليم متاثر ٿيندي آھي، جنھن سببان شاگرد صحيح ۽ گهڻ پاسائين تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا. ھو تعليم حاصل ڪرڻ تہ ايندا آھن پر سندن معيار انهن يونيورسٽين ۾ گهٽجي وڃي ٿو، ۽ شاگرد صرف ڊگريون حاصل ڪرڻ تائين محدود رهجي وڃن ٿا.
انهن مسئلن جي باوجود، هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ، سماجي اوسر ۾ هڪ اهم وک ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن ان پاليسي کي صحيح طريقي سان لاڳو ڪيو وڃي. جديد تدريسي تحقيقن ۾ اھا ڳالهہ سامهون آئي آھي تہ ھر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ هڪ اهم قدم ٿي سگهي ٿو، جيڪڏھن يونيورسٽين جي وچ ۾ تعاون ۽ ڪلچرل ايڪسچينج پروگرامن کي ھٿي وٺرائي سگهجي. ان سلسلي ۾ مختلف ضلعن جي يونيورسٽين کي هڪٻئي سان گڏجڻ جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن، جتي شاگردن کي مختلف پرڳڻن، علائقن، ۽ سوچن سان متعارف ٿيڻ جا موقعا ملي سگهن. ھي عمل شاگردن جي سوچ ۽ تجربي کي وسيع ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهي ٿو ۽ انهن جي شخصيت ۾ پڻ نواڻ ۽ گهڻ رخي سوچ پيدا ڪري سگهي ٿو.
حڪومت کي اها پاليسي ترتيب ڏيڻ وقت شاگردن جي تعليم، شخصيت جي تعمير، ۽ مستقبل جي موقعن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو مقصد اهو هجڻ گهرجي تہ نوجوانن کي بھترين تعليم، وسيع تجربا، ۽ مستقبل جا مضبوط موقعا فراهم ڪيا وڃن. ان لاءِ حڪومت کي نہ صرف يونيورسٽين جو قيام ڪرڻ گهرجي، پر انهن جي معيار، وسيلن، ۽ شاگردن جي تنوع کي بھتر بڻائڻ جي حڪمت عمليءَ تي پڻ عمل ڪرڻ گهرجي.
تعليم هر قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو اهم ذريعو آهي. هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو قدم ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم موڙ ٿي سگهي ٿو، پر ان پاليسي کي صحيح طريقي سان لاڳو ڪرڻ ۽ ان جي اُگرن اثرن کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي. تعليمي پاليسين جو مقصد اهو هجڻ گهرجي تہ نوجوانن کي هڪ اهڙي تعليم فراهم ڪئي وڃي، جيڪا انهن جي زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ ۽ خوشحاليءَ جو سبب بڻجي سگهي. هر ضلعي ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي پاليسي کي ان مقصد کي ئي سامهون رکندي ئي لاڳو ڪرڻ گهرجي، تہ جيئن نوجوانن کي بھترين تعليم ۽ زندگيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا موقعا ملي سگهن.