مغربي ماڻهن ۽ اسان وچ ۾ وڏو فرق

اھا شايد ستانوي جي ڳالهہ آهي، مان ريلويز ۾ هوندو هئم. ٿيو ڇا تہ آسٽريا جي ويانا شھر مان ريلويز جي ٽريڪ کي مرمت ڪندڙ مشينن جو ڊپٽي چيف انجنيئر مسٽر اخھارٽ صاحب گڏ هئو، مان ۽ هو ملتان وڃي رهيا هئا سين. سو ريلويز جون ڳالهيون ڪندي ڪندي ٿڪجي نيٺ مان ئي پاسو ورايو ۽ پڇيو مانس تہ ”سگمنڊ فرائيڊ“ جي نالي سان اتي ڪا يونيورسٽي آهي؟ تنهن تي همراه امالڪ پڇيو: ڪير سگمنڊ فرائيد؟
مان هڪو ٻڪو رهجي ويم. جڏهن ٻڌايو مانس تہ مشھور نفسياتدان سگمنڊ فرائيڊ! تڏهن چيائين ها ها… پر مونکي گهڻي خبر ناهي!
الائي ڇو مان ان مھل پريشان ٿي ويم.. تہ هي ڪھڙي قوم آهي جيڪا پنھنجي ڪمال جي ماڻهن کي نہ ٿي سڃاڻي!
وري ڪجهہ ئي مھينا ڪونہ گذريا، ان ئي ملڪ جي لنز شھر مان هڪ جهوني اچي پھتي. رائيونڊ ۾ هئاسين.. مان ان کان بہ ساڳيو سوال پڇيو ته هيءَ مائي بہ ”چٻو منھن“ ٺاهي ويھي رهي!
بھرحال عجب لڳو.
وري ٿيو ڇا جو ورلڊ وزين ۾ ڪم ڪندو هئم جو اتان هڪ پروگرام مينيجر آيو نالو هئس مسٽر جيمز ٿامسن. ماڻهو غضب جو هو… شھدادڪوٽ پيا وڃون جو هن کان پڇيم تہ ڏي خبر ميان جيمز.. تون ”ٿامس هارڊي“ ٻڌو آهي؟
همراھ آئي م سوري چئي جواب ڏنو! ساڳي حيرت ٿي الائي ڇو! تہ هن گريجوئيٽ گوري کي گذريل صديءَ جي جڳ مشھور ناولسٽ ۽ شاعر ٿامس هارڊي جي خبر ناهي تہ ڇو؟
ابا ٿيو ڇا جو ڪجهہ ئي مھينا پوءِ ايئرپورٽ تي هڪ جرمن بلانڊ مائيءَ سان جھاز ليٽ هجڻ جي ڪري سٺي ڪچھري ٿي. زبردست ويھڪ ٿي جنھن ۾ کوڙ سارا لطيفا بہ هليا، سو مان چيومانس تہ مائي پاڻ سنڌي ۽ جرمن ويجها مائٽ آهيون… پڇيائين اهو وري ڪيئن؟
تہ چيو مانس اسان سنڌ جي مادر علميءَ جي ابي سائين علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جي زال ايلسا جرمنياڻي هئي، اسان جي سنڌ جي برک سائين قاضي نبي بخش قاضي جي زال بہ جرمن هئي، اڇا… شاه لطيف تي وڏو ڪم ڪندڙ مئڊم ”ڊاڪٽر اين ميري شمل“ بہ جرمن هئي…. پر هن جرمن مائيءَ جي واڇ گودپ لڳي پئي هئي… کيس مٿين ڪنھن بہ ڪردارن جي خبر نہ هئي، جڏهن تہ پاڻ سوشيولاجيءَ ۾ پي ايڇ ڊي پئي ڪري!
مان ان جرمن مائيءَ لز جي اڻ ڄاڻائيءَ منھنجي مٿي ۾ ڪافي سال رهي. پوءِ وڃي ڳوٽ ڀڳي تہ اهي مغربي عجيب قسم جا ماڻهو آهن. هو ايترا تہ پروفيشنل آهن جو اهي سمجهي ويندا آهن تہ هنن وٽ ڪھڙو هنر آهي ۽ پوءِ هو ان هنر ۾ ڀڙ ٿيڻ لاءِ ڏينھن رات محنت ڪن ٿا! هنن جو ڪو تعلق ناهي تہ ادب ۾ ڇا ٿو وهي واپري، سياست ڇا آهي وغيرہ وغيرہ.
اهي پاڻ وانگر ناهن جو اسان دنيا جھان جي ڄاڻ رکڻ ۾ مست لڳا، اٺ جيان ان کي چوويھ ئي ڪلاڪ اوڳر ورائيندا رهندا آهيون. سياست هجي يا شعر و شاعري، ادب هجي يا تاريخ! مطلب اسان دنيا جھان جي عقابرن کي آڱوٺو ڏيکارڻ جھڙا ضرور آهيون! بس اسان کي ناهي خبر هوندي تہ اسان جو حقيقي ڪم ڪھڙو آهي، ۽ جنھن ڪم ۾ اسان اجرت وٺون ٿا ان ۾ اسان سئو سيڪڙو سچا ٿي دنيا جھان ۾ نالو ڇو نہ ٿا ڪمايون!