مصنوعي ذهانت جي اچڻ سان انسان جي علمي، فڪري ۽ معاشرتي ماحول ۾ هڪ نئين دؤر جي شروعات ٿي آهي. سچ اھو بہ آھي تہ جيڪڏھن پاڻ وٽ ھن کي ڪو رڳو ھڪ ”ٽيڪنالاجي“ سڏي ٿو تہ اھا ڀُل ٿيندي، ڇوتہ ھي هڪ نئون انقلاب آهي، جيڪو انسان جي سوچن، فيصلن، ڄاڻ ۽ سماجي ڍانچي کي بنياد کان ئي تبديل ڪري رهيو آهي. ھي سرشتو رڳو اسان جي موبائلن کان ويندي ڪمپيوٽرن جي راندين يا پوسٽون لکڻ يا اخباري ڪالمن لکڻ تائين محدود نہ سمجهيو وڃي پر هاڻ اھو اسان جي سوچڻ سمجهڻ جي نمونن ۽ روشن جي پڻ پرک ڪرڻ لڳو آهي، جنھن سان انساني عقل ۽ تخليقي صلاحيتن جي تشريح پڻ خطري ۾ اچي وئي آهي. مصنوعي ذھانت جي ڪري علم ۽ تدريس جي روايتي حيثيت، روزگارن جا تصور ۽ موقعا ۽ ھڪ اھم ڳالهہ تہ ھزارين سالن جي انساني تجربن جو ارڳ يعني ”ازلي سچ“ جي تعريف بہ تبديل ٿي رهي آهن.
هي انقلاب يا کڻي ٽيڪنالاجي ئي، جيڪا ڪجهہ وقت اڳ رڳو سائنس فڪشن فلمن يا ڪتابن تائين محدود هئي، اڄ عام ماڻهن جي هٿن ۾ اچي چڪي آهي. صرف چند لفظ لکڻ سان ڪو بہ ماڻهو شاعري، مضمون، ترجمو، قانوني مشورو، طبي ڄاڻ، يا ڪو بہ تخليقي ڪم حاصل ڪري سگهي ٿو. مٿاڇري اک سان ڏسجي تہ ھي سڄو ڪاروھنوار يعني علم ۽ دنيا جي ڄاڻ تائين تڪڙي رسائي ڪرڻ ھڪ شاندار نمونو لڳي رھيو آھي جنھن ۾ اوھان گهر ويٺي دنيا جي ھر ڪنڊ جي خبر لھي سگهو ٿا پر ان جي اندر ڪيترائي ڳُجها ۽ خطرناڪ پاسا پڻ لڪيا پيا آهن، خاص طور تي پاڻ جھڙي ملڪن واري ٽين دنيا لاءِ، جتي تعليمي نظام ڪمزور ترين ھجڻ سان گڏ، اسان جي سوچڻ جي آزادي ٻين جي ھٿن ۾ ھجي ۽ معاشي حالتون بد کان بدتر ھجن.
انسان جي تخليقي صلاحيتن جو بنيادي محرڪ سندس احساس، تجربا ۽ پاڻ ڀرائيءَ تي بيٺل آهي. جڏهن انسان پنھنجا فيصلا، سوچڻ جا ڪشالا ۽ تخليقي ڪم پاڻ کان جُدا ڪنھن ٻاهرين مشيني طاقتن حوالي ڪري ڇڏي ٿو تہ اهو آهستي آهستي اندر کان خالي ٿيڻ لڳي ٿو. جيئن انتھائي امير گهرن ۾ جتي ھر ڪم نوڪر چاڪرن حوالي ھوندو آھي اتي اوھان گهر جي مالڪن جي طبيعت ۽ مزاج ڏسندئو تہ اھي انسان گهٽ بس دڪانن تي رکيل ھڪڙا ڊمي لڳندا آھن، اھو انڪري جو ھُو نہ سوچيندا آھن نہ ئي وري ڪجهہ ڪندا ئي آھن، بلڪل ساڳي نموني مصنوعي ذھانت جي بيحد استعمال سان ھاڻي پوري انسانذات لاءِ اهو ساڳيو خطرو وڌي ٿو تہ ھاڻي ماڻهو رڳو نتيجا ھٿ ڪرڻ چاھينِ، بغير ان جي تہ هو انهن نتيجن پويان سوچينِ، کامن، پچن پڄرن ۽ پوءِ پرک ڪن. نتيجي طور، ھاڻي اسان وٽ تخليقي يتيمي، ذهني ڏڪار ۽ جذباتي حساب سان سڃائپ جنم وٺڻ شروع ڪيو آھي. ٺيڪ ان صورتحال ۾ انسان رڳو هڪ انڌو خريدار رھجي وڃي ٿو جنھن وٽ پاڻ پورهيي جو ڪو تصور نہ ٿو رھي، جو ڪو خيال پوکي سگهي، ڪا شئي ٺاھي سگهي!
پاڪستان ۽ ٻين ٽين دنيا جي ملڪن ۾، جتي پڙهائي جو معيار اڳ ئي پست ترين آهي، اتي مصنوعي ذھانت ھڪ نرالي ۽ اڄاتي دنيا کي جنم ڏئي سگهي ٿي. جنھن دنيا ۾ هڪ طرف اهي ماڻهو، جن وٽ سمارٽ فون، انٽرنيٽ ۽ انگريزيءَ جي ٿوري ٿَڪِي ڄاڻ آهي، جيڪي مصنوعي ذھانت کي سکڻ، ڪمائڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ استعمال ڪندا، تہ وري ٻئي پاسي عام ماڻهو، ڳوٺاڻي آبادين ۾ رهندڙ، گهٽ پڙهيل ماڻهو، جن وٽ نہ تہ ھڪ آدرشي زندگي گذارڻ جي وسيلن تائين رسائي آهي نہ ئي وري انهن کي ٽيڪنالاجيءَ جي سمجهہ، مٿان وري زميني حقيقتن کي ڏسجي تہ بد امني ايڏي تہ انتھا تي آھي جو گهر جو ڀاڳيو سُڃو تہ چور، ڌاڙيل وسيلن سان ڀريل! ھاڻي ان حالت ۾ اسان جا سادا سٻاجها ماڻهو آهستي آهستي ڄاڻ جي اڻبرابريءَ جو شڪار ٿين ٿا. ٺيڪ ان صورتحال ۾ مصنوعي ذھانت معاشي ۽ علمي طبقابنديءَ کي وڌيڪ ورهائي ڇڏيندي، جنھن سان نہ رڳو غربت وڌندي پر سماجي بيچيني بہ چوٽ چڙهندي. اھا بيچيني مسلسل رھي تہ اھا تمام وڏي سماجي بيحسيءَ جي روپ ۾ ظاھر ٿيندي، جيڪا لڳ ڀڳ اسان وٽ ظاھر ٿيڻ لڳي آھي.
مصنوعي ذھانت جي ٻين نقصانن ۾ نفسياتي مسئلا پڻ اهم آهن. جڏهن ماڻهو هر ننڍي وڏي ڳالهہ لاءِ مصنوعي ذھانت کان صلاح وٺڻ لڳن ٿا تڏھن پاڻ فيصلا ڪرڻ، خود اعتمادي ۽ تنقيدي سوچڻ جي صلاحيتن جي سُڃائپ وڌڻ لڳي ٿي. خاص طور تي ھي نوجوان نسل، جيڪي اڳ ۾ ئي سوشل ميڊيا جي اثر هيٺ سڃاڻپ جي بحران جو شڪار آهن تن ۾ هاڻي مصنوعي ذھانت سان پنھنجو جذباتي ۽ تخليقي پيوند لڳائي رهيا آهن. مصنوعي ذھانت جي چيٽ بوٽس جھڙوڪ چيٽ جي بي ٽي، جيمني وغيرہ سان گهڻي ڳالهہ ٻولهہ، ويندي رومانوي ڊائلاگ بازي يا جذباتي سرور وٺڻ جا لاڙا پڻ وڌي رهيا آهن. جيڪا ڳالهہ پاڻ کي انساني لاڳاپن کان پري ڌڪي ٺپ مصنوعي بڻائي سگهي ٿي جنھن جي ڪري ماڻهو سماجي اڪيلائيءَ، الڳپڻي ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جڏهن جذبا، احساس ۽ اخلاقي معيار مشينن ھٿان حل ٿيڻ لڳن تڏھن انسان جي انساني حيثيت ختم ٿيڻ جو خطرو تہ اڳ کان اڳرو ٿي وڃي ٿو.
هڪ ٻيو وڏو خطرو ”ازلي سچ“ جي تشريح بابت آهي. مصنوعي ذھانت جا ھِي ماڊل، جيڪي مغربي فڪري ڍانچي ۽ انگريزي زبان جي وسيع معلومات تي ٻڌل آهن، اهي پاڻ جھڙن ملڪن جي ثقافتي، لساني ۽ تاريخي پسمنظر کي صحيح طريقي سان نہ ٿا سمجهي سگهن. مثال طور، جيڪڏهن ڪو ماڻهو سنڌي ٻوليءَ ۾ سوال ڪري ٿو تہ ھي چيٽ جي بي ٽيءَ جھڙا مصنوعي ذھانت وارا ماڊل سچ اھو آھي تہ اڃا تائين پاڻ واري سنڌي ٻوليءَ جي ادبي، ثقافتي يا تاريخي پس منظر ۽ تاريخ کي مڪمل طور تي اڃا سمجهي ئي نہ سگهيا آھن، جنھن جي ڪري اھي ماڊل جيڪو جواب ڏين ٿا ان پويان ھتان جي ثقافتي ڪا بہ روش موجود ھوندي ئي ناھي، اهڙي صورتحال ۾ گهربل ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ ھڪ پاسي پر اصل ۾ ڄاڻ جا وسيلا مقامي ثقافتن کان کسي، مشيني ۽ يورپي طاقتن ڏانھن منتقل ٿي ٿو وڃي. جيڪڏهن سنڌي، سرائڪي، بلوچي يا ٻين مقامي ٻولين ۾ مصنوعي ذھانت ماڊل نہ ٺاهيا ويا تہ مستقبل ۾ هي ٻوليون صرف روزمرہ ڳالهائڻ جي حد تائين ئي محدود ٿي سگهن ٿيون جڏهن تہ علمي، تدريسي مواد ۽ علمي طاقت انگريزي يا ڌارين ٻولين تائين ئي محدود رهندي.
مصنوعي ذھانت جي ترقي سان ڪيترن ئي عام روزگارن جي ختم ٿيڻ جو خطرو پڻ وڌي رهيو آهي. خاص طور تي ڪال سينٽرن، ترجمي نگاري، ڊيٽا داخل ڪرڻ وارا شعبا، صحافت ويندي تدريس جھڙن شعبن جو پڻ مصنوعي ذھانت جي ماڊلن سان مقابلو سخت ٿي پيو آهي. پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ جتي هر سال لکين نوجوان روزگار جي ڳولا ۾ رھن ٿا، اتي مصنوعي ذھانت تي سئو سيڪڙو ڀاڙڻ پڻ ان بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ، مزدورن ۽ گهٽ پڙهيل ماڻهن جي ڪم جي افاديت گهٽجڻ سان غربت، ڏوھن ۽ سماجي ناانصافيءَ جي وڌڻ جو پڻ امڪان چوٽ چڙھي وڃي ٿو.
ان خطرناڪ صورتحال ھوندي بہ جيڪڏهن مصنوعي ذهانت جي ماڊلن کي صحيح طريقي سان، سماجي انصاف ۽ علمي برابريءَ جي اصولن مطابق ٺاھي ۽ استعمال ڪيو وڃي تہ هي سرشتا انسانذات جي ترقيءَ لاءِ وڏا وسيلا پڻ بڻجي سگهن ٿا. پاڪستان جھڙي ملڪ لاءِ ضروري آهي تہ انٽرنيٽ جي رسائي کي عام ڪيو وڃي، تعليمي ادارن ۾ مصنوعي ذھانت تدريس جي سڀني شعبن ۾ شامل ڪئي وڃي ۽ مقامي ٻولين ۾ مصنوعي ذھانت تي ڪم ڪيو وڃي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيئن عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ جھڙا ادارا جيڪي سنڌي ٻوليءَ لاءِ مصنوعي ذھانت جون مختلف اپليڪيشنون تيار ڪري رهيا آهن، انهن کي ھر ممڪن نموني سان وسيلا ڏئي اڳڀرو ڪرڻ ضروري آهي.
ساڳئي وقت، اسين سڀ انفرادي سطح تي بہ ڪجهہ ذميواريون ادا ڪري سگهون ٿا. اھو ائين جو گهٽ ۾ گهٽ پاڻ سڀ ان مصنوعي ذھانت کي ھڪ اوزار سمجهون پنھنجو مالڪ نہ! جو ھر ڳالهہ ان کان پڇي ڪريون. ان کي بس سکڻ جي حدن تائين استعمال ڪريون، پر پنھنجي پاڻ ۾ سوال ڪرڻ، پاڻ سوچڻ ۽ فيصلن ڪرڻ جي بنيادي انساني جبلت کي جيئرو رکون. پنھنجي ٻارن ۽ نوجوانن کي رڳو مصنوعي ذھانت تي ئي ڀاڙڻ کان روڪيون ۽ پنھنجي ڳالهہ ٻولهہ آڌار ڦھلجندڙ صدين تي مشتمل لوڪ ڏاھپ جو خزانو، وري ان خزاني تي بيٺل اسان جو پنھنجو مشاھدو، مطالعو، تخليق ۽ تنقيد جي ماحول کي عام ڪريون. استاد، دانشور، ليکڪ ۽ صحافت لاءِ بہ اها اخلاقي ذميواري آهي تہ اھي سڀ مصنوعي ذھانت جي استعمال بابت صحيح ڄاڻ، تنقيدي شعور ۽ اخلاقي فڪر کي عام ڪن.
مٿين سموري بحث جو نچوڙ اهو آهي تہ مصنوعي ذھانت هڪ ٻہ ڌاري تلوار آهي. اها پاڻ کي ترقي ڏانھن وٺي وڃي به سگهي ٿي تہ ٻئي پاسي اسان جي اوسر کي بہ تلف ڪري سگهي ٿي. ھاڻي اها چونڊ پنھنجي هٿن ۾ آهي. خاص طور تي ٽين دنيا جا ملڪ، جن وٽ تاريخي طور تي مسلسل غلامين جي ڪري علم جي رسائي محدود رهي آهي انهن لاءِ ضروري آهي تہ اھي ملڪ مصنوعي ذھانت کي پاڻ مٿان اجايو نہ ٿاڦين ۽ جيڪڏھن ائين اسان ھر ڳالهہ مصنوعي ذھانت تي ڀاڙِي تہ پوءِ غلاميءَ جو ھڪ نئون روپ ظاھر ٿي سگهي ٿو. ڇوتہ تخليق، جذبا، فڪر ۽ رشتا اهي سڀ جو سڀ مشينون پيدا نہ ٿيون ڪري سگهن. اصل ۾ اهي سڀ انسان جي ئي دل، دماغ ۽ روح جا گڏيل مظھر آهن، جن کي زنده رکڻ ئي درحقيقت انسانيت جي بقا آهي.



