ماسيءَ جو لفظ، شھرن ۾

اھا ماسي، جنھن امان کان پوءِ اسان کي پنھنجي ھنج کنيون، پيار ڏنو، لاڏ ڪوڏ سھيا، جنھن جي اولاد کي بہ اسان ماسيءَ جي رشتي پويان ماسات سڏيو، جيڪو تعلق اسان جي لوڪ ڏاھپ ۾ ايڏو تہ مٺو رھيو جو ”ماسات مٺي ذات، ڪڪڙ ڪھ تہ کائون رات…“ جھڙا لوڪ گفتا نڪتا، ان ئي ”ماسيءَ“ جھڙي مٺي ۽ پاٻوھ واري رشتي کي جديد شھري طور طريقي اھڙو تہ سستو، ويڪائو ۽ ڇسو ڪري ڇڏيو جو اسان وٽ نوڪرياڻين کي ماسي ڪوٺي ان رشتي جا ترا ڪڍي ڇڏيا… ھاڻي سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿئي تہ شھري تعلقن ۾ اھو رشتو ماءُ جي ڀيڻ کي سڏيو وڃي.. پر آنٽي…. وغيرہ
پر اسان جي ڳوٺن ۾ اھو رشتو اڄ بہ عزت ڀريو موجود آھي. مجال جو ڪو ان کي ڇسي ۽ سستي اک سان ڏسي!
ٺيڪ ائين ئي… جنرل ضياءَ جي دور ۾ اسان جي پياري پاڪستان ۾ ”نام نھاد مصنوعي اسلامي شورائن، ملن مفتين“ کي فضيلت وارو ڪرڻ لاءِ ھتي مروج عزتن ۽ فضيلتن وارن لقبن کي برباد ائين ڪيو ويو جو:

  1. ڪڪڙ چور ۽ ٻين جي عزتن تي اکين رکڻ وارن کي پوليس جي جمعدارن، صوبيدارن پاران ٻڌ ڇوڙ ڪرائي، فھميدہ ماڻهن کي زليل ڪرايو ويو.
  2. جيڪي ڳوٺن ۾ شاديون ڪرائيندا ھئا، اڏن واھين، کاتن ٺھرائڻ کان ويندي اسڪول کولائڻ وارن انهن ڀلوڙ وڏن ماڻهن جن کي ڳوٺائي وڏيرو يا ڀوتار ڪري سڏيندا ھئا، تن کي پوئتي ڪيو ويو. وات ڳاڙھن واھياتن کي اڳتي آڻي انهن کي زليل ڪيو ويو.
  3. ٽي وي ڊرامن، ڪالمن ۽ ھائبرڊ سياستدانن پاران کين ماين کڻندڙ، ڌاڙيل پاليندڙ، چورن جو ساٿاري ڪري سڏيو ويو، ۽ ٿيو ائين جو انهن پير فقير وائکو ڪندي وڃي ڪنڊ وسائي.
    ۽ پوءِ ٿيو ائين جو لفظ وڏيرو يا ڀوتار ٿي ويو گار! بلڪل ائين جيئن شھري سماج ۾ ماسي ٻارن جا گونھن ۽ لٽا ڪپڙا ڌوئندڙ نوڪرياڻي ٿي وئي.

اسان مان ڪنھن نہ ڄاتو تہ اسان جي تصورن سان کلواڙ ڪندي ڪيئن ڊڪٽيٽرن اسان جي ٻوليءَ کي بگاڙيو، برباد ڪيو ۽ اسان گهوٽ لوسي ڄڃ وائڙيءَ جي چواڻي وائڙا ٿي وياسين. انهن جي اشارن تي نچي، ڪيڏو ناحق ڪري ويٺاسين!
اوھان کي انهن لفظن جي حرمت کي اڄ بہ ڏسڻو آھي تہ وڃو ڳوٺن ۾ جتي اھا شھري ھوا اڃا ايتري ناھي گهلي، اتي مايون پنھنجي مڙسن کي ڪھڙي لقب سان سڏين ٿيون!
کڻو ڪتاب ۽ پڙھو تہ سنڌ کي ڪيئن انهن وڏيرن بچائي رکيو!