اھا ڳالهہ 2004 جي جولاءِ جي آھي جنھن ۾ اٽليءَ جي مونزا شھر واري ٽائون ڪائونسل ۾ ھڪ قانون پاس ڪيو ويو جنھن قانون ۾ سموري شھر جي گهرن يا آفيسن ۾ ڊيڪوريشن لاءِ شيشي جي انهن وڏين برنين، جن ۾ پاڻي ڀري سونهري مڇيون رکيون وينديون ھيون تن تي پابندي وڌي وئي ڇوتہ ائين ڪرڻ سان فطرت جي ھن خوبصورت جيوت يعني سونهري مڇين جي پتڪڙن دماغن ۾ ڪائنات بابت خيال حقيقت تي ٻڌل نہ پر اھي ٺھن ٿا جيڪي ننڍڙن شيشي جي ٿانون مان اھي سونهري مڇيون ڏسي رھيون ھيون. ان قانون تي ڳالهائيندي ٽائون ڪائونسل جي ھڪ نمائيندي جناب موسڪا ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو پئي تہ: ”ھيءَ ڪيڏي نہ افسوس جي ڳالهہ آھي جو فطرت جي ھن خوبصورت وجود جو ڪائنات جي باري ۾ ھڪ معذور ۽ ڀيانڪ تصور ٺھي رھيو آھي جڏھن اھا مڇي ڏسي ٿي تہ ڪائنات بس ھڪ فوٽ جيتري ئي ننڍڙي آھي جنھن جي چوڌاري عجيب غريب مخلوق يعني اسان انسان گهمي ڦري رھيا آھيون.“ ھن واقعي کي ڳائيندي جڳ مشھور سائنسدان اسٽيفن ھاڪنگ پنھنجي ڪتاب ”دي گرانڊ ڊزائين“ ۾ پڻ ذڪر ڪندي لکيو آھي تہ اھا ساڳي وارتا اسان انسانن سان بہ آھي جيڪي ھن اجگر فطرت جي برڙباڪاس ڍانچي ۾ نہ نظر ايندڙ ھڪ ذرڙي يعني زمين تي رھي پوري ڪائنات بابت پنھنجي ادراڪ ۾ خيال جوڙي رھيا آھيون.
ساڳي ڳالهہ وري گذريل صديءَ جي شروعاتي ڏھاڪن ۾ يورپي ماحول ۾ روحانيت جا درس ڏيندڙ ۽ ڏکڻ ايشيا جي درگاھن ۾ ”جورجي زادو“ سڏرائيندڙ جارج گرڊجيف ھڪ ڏينھن پيرس ۾ قائم پنھنجي انسٽيٽوٽ ۾ ڪئي ھئي. ھُن پنھنجي شاگردياڻي ”جيني ھِيپ“، جيڪا بعد ۾ آمريڪي شھر ۾ نشر ۽ اشاعت جو ڪاروبار ڪندي جديديت جي وڏي پرچارڪ پڻ ٿي، ان کان پڇيو: ”تنھنجو ڇا خيال آھي تہ ھن ڪائنات ۾ تنھنجي پنھنجي ادراڪ جو قد بت ۽ رفتار ڪيتري ممڪن آھي؟“ تنھن تي جينيءَ جوابيو ھئس: ”محترم استاد! مون کي ڪا ڪل ناھي، ٿي سگهي ٿو تہ اڻکُٽ، لامحدود؛ شايد پوري فطرت جيترو!“ گرڊجيف شاباسي ڏيندي وري پڇيس: ”۽ ايڏي اجگر يا لامحدود ادراڪ کي اظھار ڪرڻ لاءِ تنھنجي ٻولي ڪيتري وسيع آھي؟ تون پنھنجي لفظن ۾ ان ادراڪ کي ڪيترو سيڪڙو بيان ڪري سگهين ٿي؟“ اھو سوال اھڙو ھئو جنھن جينيءَ جا واڄٽ وڄائي ڇڏيا. ھوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ پوري ڪلاس ۾ ڪنھن شاگرد وٽ ان سوال جو جواب نہ ھئو. بعد ۾ ان ماٺ کي ٽوڙيندي جارج گرڊجيف پاڻ ئي پنھنجو ليڪچر شروع ڪندي کين چيو تہ: ”ياد رکو! اوھان جي دماغ ۾ فطرت جو ھي ادراڪ لامحدود آھي، ساڳي ريت اوھان جي خيال جي رفتار کي ماپي نہ ٿو سگهجي پر اوھان سڀني سان جيڪو اصلي مسئلو اھو آھي تہ اوھان جي ٻولي انتھائي محدود آھي، جنھن ۾ اوھان ان پوري ادراڪ کي اظھار ڪرڻ چاھيو ٿا. ھي بلڪل ائين آھي جيئن اوھان ادراڪ جي سمنڊ سامهون ان جي ھڪ ڦُڙي کي پنھنجي ھٿ جي تريءَ تي رکي پيا ڏسو. اھو جيڪو ڦڙو آھي، اھا اوھان جي ٻولي اٿوَ، انڪري خبردار جو ڪنھن ھڪ خيال تي ٽڪ ٻڌي ان کي ئي مڪمل سچ سمجهيو اٿوَ، ياد رکو! جيڪڏھن ائين ڪندئو تہ اوھان طوطن جيان ”ٽِيئُون ٽِيئُون ڪندا مِٺُو پُٽَ مِٺُو پُٽ“ ڪندا وتندئُو!“
ساڳي طرح اوھان مان جن گوتم ٻڌ جي پرچار بابت پڙهيو ھوندو تہ اھي انوراگ نالي ان چيلي جي پڻ اھا وارتا ضرور پڙهي ھوندي جنھن ۾ ھُن گوتم کان پڇيو ھئو تہ: ”مھاراج! ڇا مڪمل سچ حاصل ٿي سگهي ٿو؟“ تنھن تي گوتم سندس چھري کي ڏسندو رھيو ھئو، ڪافي دير کان پوءِ ھن جوابيو ھئو: ”نہ، قطعي نہ! مڪمل سچ تائين ڪنھن جي بہ رسائي ممڪن ناھي ھوندي، انڪري ئي مان اوھان کي ٻڌايان ٿو تہ ان سچ جا راھي ٿيو جيڪو ازل بہ آھي تہ ابد بہ، جيڪو ايترو تہ وسيع آھي جو ان ۾ پوري ڪائنات تحليل ٿيل آھي، ھي جيڪو اوھان ڏسو ٿا نہ اھي سڀ جو سڀ ريزا ريزا ٿيل سچ جون ڪرچيون آھن، انهن تي سئو سيڪڙو اعتبار نہ ڪجو، ياد رکو تہ سچ جو ادراڪ تمام وڏو آھي، ايترو وڏو جو اوھان جا پتڪڙا خيال پڻ اتي معذور ٿيل آھن.“
اوھان مٿيون ڳالهيون ھڪ ننڍڙي مثال مان سمجهي سگهو ٿا تہ سئنيما ٻاھران لڳل پينافليڪس جنھن جي سائيز ٻہ سئو فوٽن کان بہ مٿي ھجي ۽ جنھن ۾ اداڪارن جون تصويرون ايتريون تہ وڏيون ھجن جو پنجاھ فوٽن تي محيط صرف ھڪ اداڪار جو مٿيون ڌڙ ئي ڇاپيل ھجي تہ ان کي پورو ڏسڻ لاءِ اوھان کي اوتروئي پري کان ڏسڻو پوندو، ڇوتہ ٻن يا ٽن فوٽن جي وٿيءَ تي وڃي اوھان ھڪ اداڪار يا اداڪارہ جو ڪن يا اک ئي ڏسي سگهندا! ايتري ويجهائپ ۾ سوال ئي پيدا نہ ٿو ٿي سگهي ٿو جو اوھان کي مڪمل معلومات ملي سگهي تہ ھي تصويرون آھن تہ ڪنھن جون آھن! يعني اوھان ان مڪمل تصوير جي اڌوگابرو حصي تي بيھي جيڪا راءِ ڏيندا سا پڻ اڌوگابري ئي ھوندي، انڪري ئي تہ ڏاھا چئي ويا تہ مڪمل ڪُوڙ ايترو ڀيانڪ ٿيندو ئي ناھي جيڏو ھڪ اڌ سچ خطرناڪ ٿئي ٿو، جنھن ۾ اوھان جي سڄي ڪايا ابتي ٿي وڃي ٿي.
۽ پاڻ جنھن ٻڙڌڪي حالت ۾ ھاڻي جِي رھيا آھيون تنھن ۾ اھا ڪايا ابتي ئي تہ ٿي وئي آھي. جنھن ۾ مٿي بيان ڪيل اٽليءَ جي ٽائون ڪائونسل جي افسر موسڪا يا گرڊجيف جي ڏُکن کان بہ تمام وڏو ڏُک اھو آھي تہ ھاڻي پاڻ سڀ جو سڀ اڌوگابرن ۽ ريزا ريزا ٿيل سچائيءَ کي مطلق سمجهي رھيا آھيون، جنھن ۾ پاڻ سڀني جون ھاڻي وصفون مڪمل طور معذور، منڊِيون ۽ ٽُنڊيون ٿيل آھن. پاڻ ھاڻي ”اطلاع“ کي ”علم“ سمجهڻ لڳا آھيون ۽ گدگد پيا ٿيون تہ ھاڻي پاڻ جديد عالم ٿي ويا آھيون. ھيءَ ڪيڏي نہ عجب ۽ رحم جوڳي ڳالهہ آھي تہ پاڻ ھاڻي اخباري خبرن ۽ سوشل ميڊيائي پوسٽن کي ”مطلق علم“ سمجهي خوشيءَ ۾ ڍاپئون نہ ٿا! علم، جنھن لاءِ ست سئو سال اڳ گرونانڪ چئي ويو: ”اھرڻي مڪت، ويد ھٿيار“ يعني اوھان جو ميڄالو سنداڻ آھي جنھن تي علم ھٿوڙي جيان ٺڪاءُ ڪندي ڪري ٿو. يعني علم اھو ڌماڪو آھي جيڪو اوھان جي ھيئت ئي بدلائي ٿو ڇڏي، اھو جيڪو اوھان جي سڄي جُسي کي ابتو ڪري رکي، جنھن جي ڌڪ سان اوھان پوري جا پورا لرزجي وڃو، نہ وري گدگد ٿيو! اھو علم جنھن کي پرائڻ لاءِ ڀٽائيءَ چيو: ”سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو، ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مَنَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.“ يعني ھي جيڪو اوھان جو سِر آھي سو سانڌاڻ ڪرڻو آھي، جنھن مٿان علم جڏھن ھٿوڙي جيان ڪري تڏھن ئي وڃي ڪا ڪل پوي تہ سچ ڇا آھي؟ حقيقت ڇا آھي؟ ۽ اسان ان کي ڇا سمجهي رھيا ھئاسين! ۽ اھو علم جنھن ۾ اوھان ڌڪ کائو ٿا، سو اوھان جي حياتيءَ ۾ اوھان جي اندر ڇا ٿو پيدا ڪري؟ ڪڏھن سوچيو اٿوَ؟ روزگار ڪرڻ جي صلاحيت؟ ڪا وڏي ڪاروباري اھليت؟ ڇا؟ ممڪن آھي تہ اوھان اھو ئي سمجهيو، پر ائين قطعي ناھي. علم اوھان جي اندر ۾ احساس جو سلو ڦوڙي ٿو. جنھن سان اوھان پاڻ سان گڏ ٻين وجودن سان ڳنڍجي وڃو ٿا. اوھان وٽ اھو احساس جاڳي پوي ٿو تہ اوھان ھن ڪائنات ۾ اڪيلا ناھيو پر اوھان ھرھڪ شئي سان ڳنڍيل آھيو، اوھان جي عزت اوھان جي تڪريم ٻين سان ڳنڍيل آھي، ھي جيڪو پَنُ اوھان وڻ مان ڇِڳو، ھي جيڪو وڻ اوھان وڍيو، ھي جيڪو ڪِيس اوھان ڪيو، ھي جيڪو گٿو ٻول اوھان ٻين لاءِ ٻوليو اھو سڀ جو سڀ اوھان پنھنجي پاڻ سان ڪيو، ھو وڻ نہ ڪٽجي ويو، پر اوھان پاڻ پنھنجو ساھ ٻوساٽيو، اوھان ھُن کي نہ گهٽ وڌ ڳالهايو پر اوھان سندي پاڻ جو ئي پٽڪو لاٿو. اھو احساس، جنھن لاءِ گرونانڪ ساڳي ئي بيت ۾ اڳتي چيو تہ: ”ڀانڊا ڀاءُ، امرتُ تِتُ ڍار“، يعني احساس ئي اھو سانچو آھي جنھن ۾ اوھان ڪائنات جي امرت ڌارا ڍاليندا آھيو. موجودہ دور جي اسان جي دوست ۽ ڀلي شاعر اياز گل پڻ ساڳي ئي تہ ڳالهہ ڪئي آھي نہ تہ: ”احساس بِنا ماڻهو، اخبار پراڻي آ، دُک جِي نہ پڄاڻي آ!“
پر ھتي زمان استمراريءَ وارو اھو دُک، جنھن ۾ پاڻ ھاڻي ”شارٽ فارم وڊيوز“ يا ”رِيلن“ مان تفريح وٺندڙ ماڻهو اھو ڪٿي پيا سمجهون تہ ھي اسان تفريح نہ پر پنھنجي دماغن کي ذليل ترين حيواني طرز جي روبوٽن جيان ٺاھي رھيا آھيون، جنھن روش ۾ اسان پنھنجي دماغي صلاحيتن کان محروم ٿيندا پيا وڃون! ڇا پاڻ اھو سمجهي سگهون ٿا تہ ھي ننڍڙيون پتڪڙيون وڊيوز جيڪي فيسبڪي يا ٽڪ ٽاڪ رِيل ۽ يوٽيوبي شارٽ وڊيوز اسان ڏسڻ جا ھيراڪ ٿي ويا آھيون اھي اسان جي اندر جي احساسن کي ڪيئن ٽوڙي مروڙي اُن جو ساھ گهُٽي رھيون آھن؟ اوھان محسوس ڪرو تہ ويھن سيڪنڊن جي ھڪ وڊيو ۾ جنھن چميليءَ جي جهمر ڏسي سندي پاڻ کي وندرائي اڃا مزو ورتو ئي نہ تہ مٿان ھڪ انسانيت سوز وڊيو جنھن ۾ ڪنھن عورت مٿان تشدد ڏيکاريو پيو وڃي، اُھا اچي وڃي ٿي! ھڪ وڊيو جنھن جي پسمنظر ۾ جلال چانڊيي جو ڪلام ٽاڪوڙا ٻاريون ھلي ٿو تہ مٿين وڊيو ۾ ڪا آيت، ڪو اشلوڪ پيو ھلي تہ اوھان جي دماغ جو تنتي سرشتو ھن مسلسل جهڪ ۾ ڪيترو سوچ جي دائري کي مڪمل ڪري سگهي ٿو؟ اھو دائرو مڪمل بہ ٿيو يا ھڪ منجهيل سُٽ جيان سوچون ڇڙوڇڙ بہ ٿيون! ڇا اوھان کي سُڌ آھي تہ ھن قسم جي روش تي دنيا جھان ۾ ھاڻي وڏيون تحقيقون ٿي رھيون آھن جن ۾ ڪيئي بيماريون سامهون بہ پيون اچن، جن ۾ ھڪ ”روباٽڪ سنڊروم“ نالي جي بيماري پڻ آئي آھي. گذريل سال ڀارت جي شھر بنگلور ۾ ڊاڪٽر منوج ڪمار شرما ھڪ ٻار جو ڪيس سامهون رکيو آھي جنھن ۾ اھو ٻار انهن شارٽ فارم وڊيوز جي ڪري مڪمل طور تي دماغي معذور ٿي ويو آھي.
ھڪ پاسي مٿيون ڳالهيون ۽ ٻئي پاسي وري مان مسلسل سوچيندو رھان ٿو تہ اسان وٽ اٽليءَ جي شھر مونزا وارو ڪائونسلر موسڪا ڪڏھن ايندو جيڪو اسان سنڌين لاءِ قانون پاس ڪرائيندو، جيڪي ھاڻي سونهري مڇين جيان سوشل ميڊيا واري برنيءَ ۾ رھي سندي ڪائنات بابت منڊو ٽنڊو خيال ٻين مٿان ٿاڦيندا رھون ٿا، بقول اسان جي دانشورن جي تہ ”شعوري ۽ نظرياتي جنگ ۾ مصروف آھيون!“




