سنڌي ٻولي، جيڪا ھزارين ورهين جي تھذيبي ۽ تاريخي ورثي جي شاھد رھي آهي، سا اڄ بہ پنھنجي وجود لاءِ جاکوڙي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ ھر مڪتبہ فڪر سان سلهاڙيل ماڻهن، اديبن، شاعرن،۽ علمي حلقن پاران سالن کان تحريڪون هلنديون رهيون آهن، جن تحريڪن جو بنيادي مقصد سنڌيءَ سميت ٻين صوبائي ٻولين کي پاڪستان جي قومي ٻولين جو درجو ڏيارڻ رهيو آهي. پر هاڻي جڏهن ارڙهين آئيني ترميم ذريعي تعليم، ثقافت ۽ ٻولين جا معاملا صوبن جي حوالي ٿي چڪا آهن، تہ اهو حق هاڻي وفاق جي بجاءِ سنڌ جي حڪومت وٽ آهي، ان لاءِ جيڪڏھن واقعي بہ غور ڪجي تہ اسان پاران ھر ھر وفاق کان اھا گهر ڪرڻ تہ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ڪريو، الائي ڇو بي منطق لڳي ٿو.
اھو بہ ذھن ۾ رکڻ گهرجي تہ سنڌي ٻوليءَ بابت 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ پاران منظور ڪيل بل، جنھن جو نالو “سنڌ (سنڌي ٻولي جي تعليم، واڌاري ۽ استعمال) بل، 1972ع” هو، ان جو مقصد ئي اهو هئو تہ سنڌيءَ کي سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻولي طور قائم ڪيو وڃي. ان بل تحت اسڪولن ۾ سنڌيءَ کي لازمي مضمون طور پڙهائڻ جو حڪم پڻ شامل هو، پر افسوس جو ان تي مڪمل عملدرآمد نہ ٿي سگهيو آهي.
ھتي اھا ڳالهہ بہ ذھن ۾ رکڻ گهرجي تہ سنڌ حڪومت جي صوبائي اسيمبليءَ پاران پاس ڪيل قانونن ۽ ائڪٽن جو جائزو وٺجي، تہ اوھان کي لڳندو تہ سنڌ اسيمبلي، ملڪ جي ٻين صوبائي اسيمبلين جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ قانون سازي ڪندڙ اسيمبلي آهي ۽ هيءَ ڪا وڌايل ڳالهہ بہ نہ آھي پر هڪ حقيقت آهي. پر اصل ۽ بنيادي سوال اهو آهي تہ انهن قانونن تي عملي طور ڪيترو عمل ٿيو آهي؟ ڇا انهن ائڪٽن جي روح موجب انهن کي سرڪاري ڪاروھنوارن جو حصو بڻايو ويو آهي؟ هيءُ سوال رڳو اهم ئي نہ پر سنڌ جي حڪومتي ڪارڪردگيءَ جو اصل امتحان پڻ آهي.
خير پاڻ ھتي سنڌي ٻوليءَ جي ڪارج آڌار ڏسئون ٿا تہ توڙي جو سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري حيثيت اڳواٽ ئي حاصل آھي ان باوجود بہ حقيقت اها آهي تہ اڄ بہ سنڌ حڪومت جي سڀني کاتن اندر آفيسن ۾ لکپڙه، رپورٽن، سرڪاري ڪاڳرن ۽ آفيسرن جي ڊرافٽنگ انگريزي ٻوليءَ ۾ ٿيندي پئي اچي. ان ۾ ھڪ مزيدار گهٽ پر ڀيانڪ صورتحال اھڙي ٿيندي آھي تہ گهڻو ڪري ملازمن کي انگريزي ٻوليءَ تي مڪمل عبور ناھي ھوندو، انهن لاءِ ھڪ خط کي لکڻ پوءِ ان ۾ ٿيل غلطيون درست ڪرڻ ۽ وري ان کي آخري شڪل ڏيڻ تائين جو عمل ايترو تہ وقت وٺندڙ آهي، جو انتظامي ڪارڪردگيءَ جو وڏو حصو رڳو چڱي نموني سان نوٽيفڪيشن يا ليٽر لکڻ ۽ ان کي درست ڪرڻ ۾ ئي خرچ ٿي وڃي ٿو، جنھن جي ڪري سچ اھو آھي تہ سرڪاري آفيسن جي ڪارڪردگي تي تمام گهڻو ناڪاري اثر پوي ٿو ۽ سندن اصلوڪو ڪم جنھن ۾ عوامي خدمت اھم ھجڻ گهرجي اھو عمل انتھائي ڍرو ٿي وڃي ٿو.
هيءُ مامرو ڇڙو سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي تائين محدود نہ آهي، پر اها بہ حقيقت آهي تہ انگريزيءَ جي ھروڀرو حاوي ٿيڻ سبب نہ رڳو ٻولي پر سڄي تھذيب، ثقافت ۽ خودشناسيءَ تي منفي اثر پئجي رھيو آهي. سرڪاري عملن ۾ مقامي ٻوليءَ کي ترجيح ڏيڻ نہ ڇڙو سنڌ جي تھذيب جو احترام آهي پر انتظامي لحاظ کان بہ آسان، اثرائتو ۽ عوام دوست عمل آهي.
جيڪڏهن دنيا جي ترقي پاتل ملڪن جو جائزو ورتو وڃي تہ اتي مقامي ٻولين کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. فرانس، ايران، چين ۽ جاپان جھڙا ملڪ پنھنجي پنھنجي قومي ٻوليءَ کي رڳو سرڪاري سطح تي ئي نہ پر تعليمي ۽ قانوني نظام ۾ پڻ ڪارج ھيٺ آڻين ٿا. انهن ملڪن جي حڪومتن اهو محسوس ڪيو آهي تہ پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪرڻ سان انتظامي سڌارو اچي ٿو، عوام سان واسطو وڌيڪ ڀلو ٿئي ٿو ۽ سندن قومي سڃاڻپ مضبوط ٿئي ٿي.
سنڌ حڪومت وٽ هاڻي ھي ھڪ بھترين موقعو آهي تہ اھا سنڌي ٻوليءَ کي عملي طور آفيشل سطح تي نافذ ڪري. سڀني سرڪاري کاتن، ضلعن ۽ ادارن ۾ سنڌيءَ ۾ لکپڙه کي لازم قرار ڏئي. اردو ٻوليءَ کي پڻ ان سان گڏ رکڻ جي ضرورت آهي تہ جيئن صوبن جي وچ ۾ لاڳاپا ڀلي نموني سان جاري رهن، جڏهن تہ انگريزي رڳو انهن حالتن لاءِ مخصوص هجڻ گهرجي، جتي وفاق يا بين الاقوامي ادارن سان خط و ڪتابت ٿي رهي هجي.
ان سان گڏ سنڌ جي صوبائي حڪومت جڏھن سنڌيءَ ۾ لکپڙه ڪندي ۽ پنھنجيون سرڪاري ويب سائيٽون انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ پڻ تيار ڪرائيندي، تڏهن عالمي سطح تي مصنوعي ذهانت جي ادارن، انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي وڏين ڪمپنينن جھڙوڪ گوگل، مائڪروسوفٽ وغيرہ ۽ موبائل ٺاهيندڙ ڪمپنين جھڙوڪ سامسنگ، ايپل وغيرہ جو ڌيان پڻ سنڌي ٻوليءَ ڏانھن ڇڪجي ايندو. بعد ۾ اهي ادارا، سرڪاري سرپرستي ۽ مقامي مارڪيٽ جي گهرج کي نظر ۾ رکندي، پنھنجي سافٽويئرن، مشيني پليٽفارمن سان گڏ معاشي ڪمائيءَ جي پروگرامن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ وڌيڪ سپورٽ فراهم ڪرڻ طرف قدم کڻندا. ھيءَ وک نہ رڳو سنڌي ٻوليءَ جي مڃتا وڌائيندي، پر ان جي آئيندي لاءِ ھاڪاري، جديد ۽ عالمي موقعن سان ڀرپور دور جي شروعات پڻ ٿيندي، ان سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي ولاگرن، ويب سائيٽون ھلائيندڙ ميڊيا ھائوسن لاءِ ڊجيٽل ڪمائيءَ جا در پڻ کلي ويندا.
ساڳئي وقت سنڌ ۾ هلندڙ پرائيويٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ پڻ واضح پاليسي جوڙي وڃي تہ اهي سنڌي ٻوليءَ کي لازمي مضمون طور پڙهائين. هيءَ پاليسي نئين نسل جي زبان سان واڳيل هجڻ جي ضرورت کي پورو ڪندي، جيڪا ايندڙ نسلن جي قومي سڃاڻپ لاءِ بنيادي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
سنڌي ٻوليءَ جي آفيشل حيثيت جو تحفظ صرف ثقافتي عمل نہ پر آئيني ۽ انتظامي ضرورت بہ آهي. قانون موجود آهي، وسيلو موجود آهي، رڳو سياسي نيت ۽ انتظامي عملدرآمد جي ضرورت آهي. وقت اچي ويو آهي تہ سنڌ سرڪار پنھنجو آئيني فرض نڀائيندي، سنڌي ٻوليءَ کي عملي طور تي رياستي نظام جو حصو بڻائي، تہ جيئن اها نہ رڳو پنھنجي مان ۽ شان گڏ جيئندي رهي پر نئين نسل جي سڃاڻپ ۽ طاقت بڻجي سامهون اچي سگهي.




