ثقافت يا جنھن کي اڄڪلهہ جي عام ٻوليءَ ۾ ڪلچر سڏجي ٿو اھو آھي ڇا؟ صفا سولي ۽ تُز تشريح جي ڪجي تہ ائين سمجهو تہ ”ڪلچر معنا تخليق“، مطلب ھر اھا شيءِ يا ريت جيڪا اسان ٺاھي ھجي، اھا اسان جو ڪلچر ٿيندي آھي. اسان سميت ھن ڌرتيءَ تي رهندڙ ٻيا جاندار، پکي پکڻ، وڻ ٽڻ، جبل دڙا وغيرہ سان گڏ ڪائنات ۾ ھي چند تارا، اھي سڀ وري فطرت جو ڪلچر آھن.
انساني سماج ۾ پاڻ ڪلچر کي ٻن صورتن ۾ ڏسون ٿا. ھڪ مادي ڪلچر (Tangible culture)، ٻيو غيرمادي ڪلچر (Intangible culture). مادي ڪلچر ۾ پاڻ جون سڀ ايجادون، شيون، گهر، اوڙا پاڙا، ڳوٺ، شھر، صنعتون، ڪپڙا لٽا، مطلب ھر اھا شيءِ جيڪا اسان پاڻ لاءِ ٺاھي آھي، اھا اسان جي ڪلچر جو ظاھري ڏيک ڏيندي آھي. جنھن ۾ اسان جي شناخت ٿيندي آھي، جيڪا بہ وقت بوقت نئين بڻي (Update & upgrade) ۽ تبديل ٿيندي رهندي آھي.
ٻيو وري غير مادي ڪلچر، جنھن جي سڀ کان وڏي ايجاد آھي اسان جي ٻولي ۽ ان کان پوءِ اچي وڃن ٿيون اسان جو ريتون رسمون، ڪار وھنوار، اخلاق، سڀاءَ، طور طريقا وغيرہ اھي بہ اسان جي شناختي علامت بڻجي ويندا آھن. مثال ڦلاڻا ماڻهو ڪيئن ملندا آھن، ڪيئن اٿندا ويھندا آھن، ڪيترا مھمان نواز آھن، يا ڪيترا رُکي طبيعت جا مالڪ آھن؟ سو اھي سڀ اسان جي غيرمادي ڪلچر ۾ اچي ويندا آھن.
ياد رهي تہ اھو غير مادي ڪلچر بہ نئون بڻو ٿيندو رهندو آھي. ان جو مثال ائين ڏجي تہ جيڪڏھن سن 1940ع ۾ ڪو ماڻهو مٿي اگهاڙو نظر ايندو ھئو تہ ان کي شودو، بدمعاش يا ڪميڻو سمجهيو ويندو ھئو. پر ھاڻي ائين ناھي! ھاڻي جيڪڏھن اسان جي روش ساڳي پراڻي ھجي تہ ھوند ھتي نوانوي سيڪڙو ماڻهو شودا لڳندا؛ پر ائين ناھي. وقت جي تغير وارين حالتن اسان جي ان روش کي مٽي نئون بڻو ڪري ڇڏيو آھي. سو سوال ھاڻي اھو اڀرندو آھي تہ ڪلچر ڪڏھن اڳتي نسرندو آھي، ۽ ان جي ترقي ڪرڻ جا بھترين اپاءَ ڪھڙا آھن؟
سولو جواب آھي تہ انهن قومن، جن جو تخليقي ڪم جاري ۽ ساري ھجي، جيڪي شيون ٺاھين ۽ مارڪيٽ ۾ آڻين، جيڪي انسانن جي ضرورت آڌار ايجادون ڪندا رهن تہ سندن ڪلچر کي ڪو لھر نہ لوڏو ٿيندو آھي. تاريخ ان ڳالهہ جي ثابتي ڏيندي تہ ھن ڌرتيءَ تي صرف تخليقي قومن جو ئي ڪلچر ڦھليو آھي ۽ غير تخليقي قومن جو ڪلچر سڪڙجي سڪڙجي نيٺ ختم ٿي ويندو آھي.
ھاڻي پاڻ ڏسون تہ ھن وقت مادي تخليقات، مارڪيٽ شين، لباسن، وري مٿان ڪارپوريٽ ڪلچر جي ڪري سڄي دنيا تي مغرب ڇانيل ملندو. اسڪولي ڊريس کان ويندي آفيسن ۾، ڪارپوريٽ مارڪيٽ کان ويندي صنعتي سڀائن ۾، رابطن وارن ذريعن کان ويندي گهرو شين تائين ھاڻي اسان ڇا پر سڄي دنيا ۾ مغربي ڪلچر جي ڇاپ آھي. (اھا ھڪ تلخ حقيقت آھي، ڪير مڃي يا نہ مڃي، پر جيڪڏھن ڪو نہ بہ مڃي تڏھن بہ ان جا ڪپڙا ڏسو، ڳالهہ پاڻ ئي سمجهہ ۾ اچي ويندي). ان جو سبب ھڪ نہ پر سوين آھن. اسان جي تعليمي سرشتي کي گورن اچي بيھڪ ڏني، وري دفتري چال چلت بہ انهن جي ٺھيل سو ظاھر آھي تہ انهن جو ئي ڪلچر ھلندو.
ٻيو ثبوت اھو بہ آھي تہ جڏھن بہ اسان ڪو ڏينھن ملهائيندا آھيون تہ ان جي سڌي معنا آھي تہ اسان اھو وساري چڪا ھوندا آھيون. وسريل ھوندو آھي تڏھن ئي تہ ڏينھن ملهائي ان کي ساريندا آھيون. ۽ ان ۾ ڪابہ خرابي بہ ناھي. اھو ضروري بہ آھي. روحاني اعتبار کان ماڻهو ھڪ طرح سان تازو ۽ نئون بنو ٿي وڃي ٿو.
ھاڻي ھڪ اھم ڳالهہ، تہ جيئن مٿي ذڪر ڪيوسين تہ غيرمادي ڪلچر ۾ انسانذات جي تمام وڏي ايجاد سندس ٻولي ٿئي ٿي. جيڪڏھن ڪنھن قوم جي ٻولي جيئري ۽ تابناڪ آھي تہ پڪ سمجهو ان جو ڪلچر رهڻ جوڳو آھي. ۽ ٺيڪ اھا ڳالهہ پاڻ وارا ٽي پاڙيسري ملڪ واھ جو سمجهي ويا. انهن ۾ ايران، ڀارت ۽ چين اچي وڃن ٿا. ھنن پنھنجي ٻوليءَ کي وڃائڻ نہ ڏنو، ۽ انهن ڄاڻي ورتو تہ ڪلچر کي جيڪڏھن بچائڻو آھي تہ پنھنجي ٻارن کان ابتدا ڪريو. سو انهن ٻاراڻي نصاب کي مادري ئي رکيو، ڀلي دنيا ۾ ڪيتري بہ نصابي تبديلي آئي پر انهن ان جو ترجمو ڪري پنھنجي ٻوليءَ ۾ ٻارن کي پڙهايو؛ ٻيو تہ ھنن جديد سائنسي ايجادن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ گهاڙيو. مثال انهن وڊيو رانديون ھجن يا ڪارٽون، اھي سڀ جو سڀ پنھنجي ٻوليءَ ۾ پنھنجي ٻارن لاءِ ٺاھيا. نتيجو ڇا نڪتو تہ انهن ملڪن جي ٻارن ۾ پنھنجي ڪلچر سان لڳ لاڳاپو ڏور رس ٿيندو ويو. انهن ملڪن ۾ ھالي ووڊ کان بہ جيڪي فلمون اچن ٿيون تہ انهن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ ڀري عام ڪن ٿا. اوھان غور ڪريو تہ اوھان کي خبر پوندي تہ انهن جو ڪلچر سندن رڳ رڳ ۾ اوتيل ئي رهي ٿو، جڏھن تہ اھي وقت بوقت ڪلچر جي جاڳرتا لاءِ مختلف پروگرام بہ ڪندا رهندا آھن. ان جو اندازو پاڻ پنھنجي ٻارن کي ڏسون تہ اھي ڀارتي چئنلن تي ھلندڙ ڪارٽون ”ڀيم“ جا عاشق ملندا!
ھاڻي اڃا ھڪ اھم ڳالهہ: اھا ھيءَ تہ ڪلچر کي زندہ رکڻ لاءِ اھو لازمي آھي تہ ان کي ”عقيداتي طرز“ ۾ نہ پر ٺيٺ انساني کپت جي حساب سان ڏسجي. ڇوتہ اھو اسان ٺاھيو آھي، ان اسان کي ناھي ٺاھيو، جو ان تي لٺ بازي کڻجي. مثال ھتي ئي ڏسو: رلهي اسان ٺاھي آھي، اھا اسان لاءِ آھي. الائي ڪھڙي جڳهہ تي ڪو پير مرشد آيو تہ ميزبان مريدن رستي ۾ رلهيون وڇايون. ابا ٿيو ائين جو مرشد جي گاڏي انهن رلهين مٿان ڇا گذري، ھتي سماجي نيٽورڪ سائيٽن تي ڄڻ ھڪ قيامت اچي وئي. ائين لڳو ڄڻ سنڌ جي تھذيب ڪلچر کي ڄڻ زھر ڏئي ماريو ويو! ۽ ان وٺ وٺان ۾ چڱا ڀلا پڙهيا لکيا ماڻهو بہ گڏ مليا! ائين لڳو ڄڻ خدا نہ ڪري اسان مٿان ائٽم بم ڪريو ھجي! ان وقت ڪنھن بہ ائين نہ سوچيو تہ اھا ساڳي رلهي ھوندي آھي جيڪا اسان کٽن تي ھنڌ بسترو ڪري وڇائيندا آھيون جنھن تي ھر گهر ۾ اڪثر ٻار ٻچا پائخانہ بہ ڪري ويندا آھن. ڪنھن نہ اھو سوچيو تہ اھا ساڳي رلهي آھي جيڪا اسان شادين مرادين، غمين وارن پٿرن جي موقعي تي ھيٺ وڇائيندا آھيون جنھن تي اسان پير رکي گهمندا ڦرندا آھيون، ڪٿي ڪنڊ پاسي ڪا جُتي بہ انهن مٿان پئي ھوندي آھي! پر ھتي جيڪڏھن ڪنھن وٽ مرشد آيو ۽ ان رلهي ھيٺ وڇائي تہ قيامت اچي وئي! ھاڻي اھا روش اصل ۾ ھڪ شدت پسنديءَ واري آھي، جيڪا ڪنھن ٻي معنا ۾ وري طالبان يا داعش وارن وٽ ھوندي آھي.
ڪنھن يورپي برانڊ وارن اجرڪ جي بڪني ٺاھي، ڄڻ ظلم ٿي ويو! مڃون ٿا تہ اھا اسان جي ثقافت آ، شناخت آ، پر يارو ان کي اھڙو بہ نہ ڪريو جو ڪو بہ مارڪيٽ جو صنعتڪار ان کي ھٿ بہ نہ لائي سگهي! جن دوستن کي عورتن جي ڍڪيل لباس تي اجرڪ پرنٽ تي ڪاوڙ ۽ مٺيان لڳي ۽ غيرت آئي، اھي سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڃي ڪڏھن ڏسن تہ اتي مرد اجرڪ کي اڪثر ڪري گوڏ طور بہ پائيندا آھن. گوڏ ڇا اڪثر تہ ماءُ ڀيڻ، زال ڌيءُ جي پوتي بہ انگوڇي جيان پائي وھجندا آھن. ڇا ان وقت اسان جي ثقافت زلزلي ۾ نہ ايندي آ؟ سو منھنجا دوستو! ڪلچر ڏينھن بلڪل ملهائجڻ گهرجن. پر ان ڪلچر کي ٿورو مارڪيٽ ۾ بہ آڻيو. ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي ويءَ وارن کي بہ کپي تہ انگريزي ڪارٽون، فلمن کي سنڌي ڊب ڪن، پنھنجي ڊرامن ۾ ڳوٺائي سادن ماڻهن کي شودو بدمعاش ئي نہ ڪري پيش ڪن، ٻوليءَ کي سڌارين؛ جتي ”خيران جي سر جو خير ھجي“ يا ماما لالوءَ وارا تزيل جملا استعمال ڪريو ٿا اتي ڇا شاھ لطيف جي ٻولي ۽ بيتن اندر ڪمال جي لوڪ دانش کي پنھنجي اداڪارن جي واتان چورائي لوڪان لوڪ مشھور نہ ٿا ڪري سگهو!
۽ مجموعي طور تي اسان سڀني سنڌين کي گهرجي تہ پھريون ڏسن تہ پنھنجي مصنوعات آھي ڪھڙي؟ اھو اجرڪ، اھا رلهي، اھا ٽوپي، اھا سوسي، اھا ململ، مطلب جيڪا بہ آھي، ان کي جدت ڏئي مارڪيٽنگ ڪن. انٽرنيٽي دنيا ۾ سنڌي شين جي نالن تي پروگرام ٺھن، مارڪيٽ ھاڻي غيرمادي بہ ٿي ويو آھي، ھاڻي اڳ جيان صرف دڪانن تائين محدود ناھي پر وسيع ٿي ويو آھي، ان ڌارا ۾ سنڌي شين کي دنيا آڏو رکن تہ ڪلچر بچندو؛ نہ تہ ابا ڀلي ڪيترا بہ ڏينھن ملهايون، اسان وارو ڪلچر ھن ڏيھان ڏيھي مارڪيٽي ڊوڙ ۾ الائي ڪٿي ختم نہ ٿي وڃي! الله نہ ڪري!



