صرف باھ جو اسم ڏسو ۽ ان جو شجرو تپاسيو

لڳي ائين ٿو تہ باھ لاءِ پھريون اوائلي لفظ ”ڀا“ آھي، جيڪو موھن جي دڙي جيان ئي پراڻو آھي. جنھن جي جديد معنا آھي چمڪو، تجلو، تڙڪو، روشني وغيرہ. ياد رھي تہ صبح واري پرڀات ۾ جيڪا وچ ۾ اھا ”ڀا“ آھي اھا روشني يا چمڪي جي ئي معنا ڏيندي آھي. اھو ئي ”ڀا“ آھي جيڪو يوناني ٻوليءَ ۾ وڃي ٿورو آواز مٽي ٿئي ٿو ”فا“ (Pho)، جنھن مان پوءِ اتي فاسفورس، فاسفيٽ، فوٽو، فوٽان وغيرہ جھڙا لفظ ٺهيا. اوھان انهن سڀني لفظن ۾ غور ڪري ڌسندا تہ سڀني ۾ روشني يا چمڪي جو تصور پيو اٿوَ.
خير سو ان اوائلي ”ڀا“ مان ٿي ھوندي ”باھ“. جيڪا پاڻ اسم طور وٺون ٿا. ھاڻي ھڪ بي مزيدار ڳالهہ ٿيندي تہ ان ئي باھ ئي ھڪ ٻيو لفظ پاڻ ڏنو جيڪو آھي پڄر. اصل ۾ ان جو بنياد لفظ ”ڄر“ آھي جنھن جي وڏي معنا آھي ساڙيندڙ، شديد گرمي، تپش وغيرہ. ان ڄر کي اڳيان ”پ“ ملائي اسان ان ڄر کي ڌرتيءَ سان ملائي ڪيوسين پڄر. معنا باھ. اھا باھ جيڪا ھيٺ ٻاري وڃي. (ياد رھي تہ اڳ ھڪ وضاحت ڪري چڪا آھيون تہ سنڌي ٻوليءَ جي آوازن ۾ ڀ، پ، ڌ ۽ ڍ اکر سان اڪثر لفظ ”ڌرتي سان لاڳاپيل ھوندا آھن“. سو ان ڄر جي آڏو ”پ“ ملائي اسان ان ساڙيندڙ اسم يعني باھ کي ڌرتيءَ سان ملائي ڇڏيو ھئو سين!
اوھ ياد آيو… اھا پڄر ئي آھي جيڪا وري يونان تائين ويندي ويندي ٿوري گهڻي شڪل مٽي ” paewr“ ٿي وئي ھئي، جتان جديد انگريزيءَ ۾ لفظ ٺھيو ”فاير“ (fire).
ھاڻي ان باھ ۾ جيڪو سڙي ٿو يا جنھن جي ڪري باھ ٻري ٿي اھي ٿين اڱر. (ھي آواز ٺيٺ ھتان جو ئي آواز آھي جيڪو ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۾ صرف ھن فقير ٻوليءَ وٽ ئي آھي) ھي اڱر ئي آھن جيڪي وري سنسڪرت ۾ اگني ۽ ھندي يا اردو ۾ ٿيندا ”انگار“. اھو لفظ اڱر ئي آھي جيڪو وري ساڳي عمر يعني ڇھ ھزار سال کن اڳ ساڳي رستي سان يونان وڃي ٿو جتي ٿئي ٿو ايگنيو ”egneo“، جنھن مان وري جديد انگريزي ٻوليءَ ۾ لفظ ٺھيو ”ignite“. ھي جيڪو گاڏين کي پاڻ چاٻي گهمائي ”اگنيشن“ ڪندا آھيون اھا اصل ۾ ان جي انجڻ ۾ باھ ٻاريندا آھيون. (غور ڪري سمجهو تہ اصل ۾ گاڏي اندر پاڻ اڱريندا آھيون)
مانورا ساٿيو! ٻوليون جا شجرا عجيب آھن. ڪا ڪل نہ ٿي پوي تہ ڪٿان کان ڪٿي لفظن جا پيوند لڳندا رھن ٿا. صدين جا سفر طئي ڪري ٻوليون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڪيئن ڪن ٿيون.
سنڌي ٻوليءَ جي گهاڙيٽي تي ڪم ڪندي سچ ۾ عجب جھان ۾ ماڻهو پاڻ پسي ٿو.