پھريون تہ اھو سمجهو تہ فطري ٻوليءَ جي سڃاڻپ ڪيئن ڪجي ٿي؟
مثال سنڌيءَ جو ئي ٿا وٺون. انگريزيءَ جو ھڪ لفظ آھي (Come) جنھن کي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ اسان وٽ ٻہ لفظ آھن.
- اچ
- آءُ
ھاڻي ھڪ تجربو ڪريو. ”اچ“ کي ڊگهو ڪري چئو. اوھان سمجهي ويندا تہ اھو لفظ ڊگهن سُرن وارو آھي ئي نہ! فطري طور تي اوھان اھو لفظ ھلڪي آواز سان ۽ جلدي جلديءَ ۾ چئي ويندا. پر جڏھن اوھان ”آءُ“ اچاريندا تہ اوھان جو آواز مٿاھون ۽ ڊگهو بہ ٿي ويندو تہ ان کي طويل بہ ڪندا. ڇوتہ ان لفظ ۾ ڊگهو سُر ”آ“ جي شڪل ۾ موجود آھي.
ھاڻي اوھان سوچيو تہ اچ ۽ آءُ ۾ ڪھڙو فرق آھي جو اھي جدا جدا طور تي ڳالهايا وڃن ٿا؟
سادو جواب آھي. اوھان اچ ويجهي واري فرد کي سڏيندي چئو ٿا ۽ آءُ مفاصلي واري ماڻهوءَ لاءِ استعمال ڪريو ٿا. معنا آوازن جي ساخت (Anatomy) ۾ مھل موقعي، وٿي مفاصلي جو جيڪڏھن پاڻمرادو خيال موجود آھي تہ اھڙن لفظن واري ٻولي فطري ٿيندي آھي.
ٻيو مثال: مان چوندو آھيان تہ سنڌي ٻولي ”انگي حسابن“ يعني (Mathematics) جي ٻولي بہ آھي. مثال انگريزيءَ جو لفظ (Zero) جنھن کي جديد سنڌيءَ ۾ ٻڙي تائين رکيو ويو پر سنسڪرت ۾ ان زيرو کي شُنيہ جي نالي سان سڏيو ويندو ھئو. درحقيقت اھو اوائلي سنڌيءَ جي ٻول ”سُڃ“ جي ئي سڌريل شڪل آھي جيڪا سنسڪرت ۾ شنيہ ٿي.
ٻُڙي: معنا گول گول ننڍڙي شڪل. (جنھن جو نر مادو وري ٻڙو ٿئي ٿو) سو اھا ٻڙي زيرو کي ظاھر ڪري ٿي. وري لفظ شنيہ، جيڪا حقيقت ۾ سنڌيءَ جي ٺيٺ آوازن ۾ ”سڃ“ بہ آھي. ان جو ڇا مطلب آھي؟ سڃ، معنا خالي، ڪجهہ بہ نہ! ھاڻي زيرو ڇا آھي؟ معنا ڪجهہ بہ نہ.
اھڙي نموني سان جيڪي حسابن يعني رياضيءَ جا استاد آھن اھي سمجهي سگهن ٿا تہ: ٽپور پاسو ٽڪندو، ٻپور پاسو ٽڪندو، ننڍي عام ڀڃ اپت، وڏي عام ڀڃ اپت، ونڊ، ڪٽ، پاڇي وغيرہ جھڙا لفظ اوھان کي تمام گهٽ ٻولين ۾ ملندا.
ڌرتيءَ تي جيڪي بہ ڳريون شيون، يا ڌرتيءَ سان لاڳاپيل مادا ملندا تہ اوھان انهن جا نالا سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳرن آوازن جي شروعات سان ملندا. مثال: ڀينڊ، ڀتر، ڌڌڙ، ڊھڻ، ڌڱ، ڌمڪ، جهجهو، ڌمچر، ڌئونس، ڌاڙيل ڍڳ، ڍونڍ وغيرہ.
ائين وري صفتن جي ابت ڪرڻي ھجي تہ اڪثر لفظ اکر ”الف“ سان شروع ٿيندا. مثال: ابتو، اکنڊ، املهہ، اشانت، اڀاڳ وغيرہ
ائين وري جيڪي سهڻين شين جا نالا ملندا تہ اھي نوي سيڪڙو کان مٿي اکر ”س“ سان شروع ٿيندا. مثال: سونھن، سچ، سرت، سک، ساھ، سنڌ، سام سلڇڻو وغيرہ
وري جيڪي ڪنا لفظ ھوندا تہ انھن جي اڳياڙي نوي سيڪڙو اکر ”ڪ“ سان شروع ٿيندي. مثال: ڪوڙ، ڪپت، ڪوجهو، ڪسو، ڪتو، ڪمينو، ڪلڇڻو وغيرہ.
اڇا! جيڪي وري مٺا ھوندا اھي وري اکر ”م“ سان شروع ٿيندا. مثال: محبوب، مرشد، ماءُ، مٽي، مٺائي، من، مرڪ، مکڻ وغيرہ
وري اکر ”ن“ جي ابتدا سان نوي سيڪڙو صفتن جو ٺپ انڪار بہ ٿي ويندو آھي. مثال: نڀاڳ، نپٽو، ناتر، ناھ، نابري وغيرہ.
مٿين وضاحتن لکڻ جو اصل مقصد اھو آھي تہ گهڻي ڀاڱي دوست سنڌي ٻوليءَ جي بيھڪ، اچارن، لفظن جي گهڙت کان اڻڄاڻائيءَ جي ڪري چوندا آھن تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ دم ئي ناھي تہ انھن کي اھا خبر ھجي تہ انهن سنڌي ٻوليءَ جي انت بحر کي سمجهيو ئي ناھي. جنھن ۾ انساني تعلقن جا جيڪي نالا ترتيب سان فطري طور تي ملن ٿا، شايد ڪي شاھوڪار ٻوليون ٻيون ھجن جن ۾ اھي ملن. مثال: ڏيروٽ لفظ آھي. معنا ”ھڪ مائيءَ جي مڙس جي ڀاءُ جو پٽ“ ھاڻي ڪريوس ان کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو!
باقي سن 712ع کان پوءِ جيڪا ھتي عربيءَ جي يلغار ٿي جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڌاتن سان ھٿ چراند ڪري تڙيو ويو تہ ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جو نہ پر ان لوڌ جو اثر ھئو، جنھن ۾ اڌ کان وڌيڪ سنڌي ٺيٺ لفظ ”ھندو مذھب“ جا سمجهي ڪڍي انھن جي جاءِ تي عربي فارسي آندا ويا. پر ياد رکجو جيڪي عربي فارسي لفظ آندا ويا انھن جا ٺيٺ سنڌيءَ ۾ اسم موجود ھئا.
مثال: احساس ڪمتري بعد ۾ آيو. اڳ ۾ سنڌيءَ ٻوليءَ اھو ”ھيڻ ڀاونا“ لفظ موجود ھئو ۽ آھي.
وري گورن جي اچڻ کان پوءِ معاشي طور تي سنڌي سگهاري تہ ٿئي ٿي پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي اڻاٺ جي ڪري ٻولي انھن جديد اسمن ۾ مار کائيندي ملي ٿي. پر ان ۾ آھي ڇا؟ ڪا ڳالهہ ناھي. اسان موبائل کي موبائل ئي سڏيندا سين، ھروڀرو پرائي تخليق تي اسان کي ڪو بہ حق ناھي تہ ان تي سندو نالو رکون. ڀلي ڳالهہ آھي، جيڪڏھن ٻولي سنڍ ٿيڻ بجاءِ سدائين نوان نوان لفظ پاڻ ۾ شامل ڪندي رھي.
ياد رکو فطري ٻولين جي ھڪ اھا بہ سڃاڻپ ھوندي آھي تہ اھا ھزارين سالن جو سفر ڪندي نوان نوان لفظ کڻندي انھن کي پنھنجي سانچن ۾ گهاڙيندي پنھنجو ڪندي رھندي آھي. سو اوھان اسان جي سنڌي ٻولي فطري آھي. ڪنھن ڌاريي لوڌ جي لشڪر جي نظريي ضرورت تي ناھي ٺھيل.. سو فخر ڪريو ۽ ان کي پنھنجو ڪريو.




