تصورن جو ٺھڻ، ڊھڻ وري نئين طرح سان ٺھڻ

ماڻهو شعور جي حدن ۾ داخل ٿيڻ سان ئي پنھنجي ماءُ پيءُ، وري اسڪول، سنگت ساٿ ۽ پوءِ سماج جي سڀني ادارن ۾ جيڪي ڪجهہ ڏسندو آھي ۽ انهن لقائن يا مليل ڄاڻ مان جيڪي تصور پنھنجي ذھن ۾ سانڍي ان آڌار تي ھلندو آھي ان کي سولي نموني سان ائين کڻي چئجي تہ ھي في الحال ان طوطي مثال ھوندو آھي جيڪو اڃان پنھنجي طوطڪي ٻوليءَ ۾ ”ٽيئون ٽيئون“ ئي پيو ڪندو آھي. ھو جيڪو ڪجهہ بہ ڳالهائيندو يا ڪم ڪندو آھي اھو سندس تہ بلڪل نه، پر سماج جي ئي ڪاپي ڪندو آھي. ھو جيڪو ڪجهہ ڳالهائي پيو اھو اڳ ۾ ئي چيل ھوندو آھي، ھو جيڪو ڪجهہ ڪندو آھي اھو ڪم ھن کان اڳ سڀ جو سڀ ڪندا ئي رهندا آھن. انڪري اھو اڃان ٻار ئي سڏرائيندو آھي.
پر جيئن جيئن ھو وڏو ٿيندو ويندو آھي تہ کيس احساس جاڳي ٿو تہ جيڪي ڪجهہ ھو ھن مھل تائين مڃي رهيو ھئو ان کان اصل حقيقت شايد اڃان ڪا ٻي آھي، انڪري ھو وري جستجو ڪندو آھي. ھتي جيڪڏهن مان ھي چوان تہ ھو پنھنجي شعور ۾ جيڪا حقيقت سمجھندو ھئو ان ۾ اچانڪ ھڪ نئين تبديلي جاڳندي آھي تہ ”درحقيقت“ وري اڃان ڪا ٻي شئي آھي. تنھن ڪري ھو اھا درحقيقت سمجھڻ لاءِ پنھنجي ذات کي شامل ڪري ان درحقيقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ نوان دڳ ڳولهيندو تجربا ڪندو نيٺ وڃي پنھنجي حساب سان ڇيهه ڪندو آھي. مثال ھن کي ننڍي ھوندي کان اھو ٻڌايو ويو ھئو تہ ڦلاڻو وڻ ڳورو آھي، ان ۾ جن رهندا آھن ان ڪري جيڪو بہ ان وڻ جي ھيٺان شام کان پوءِ گذرندو آھي تہ اھي جن کيس تنگ ڪندا آھن، ۽ اڪثر اھا تنگ ڪرڻ واري نوبت وڌي مرڻ تائين بہ پھچي ويندي آھي. سو جيڪو ھن پھريون تصور حاصل ڪيو ھئو ۽ جنهن کي ھن بسم الله ڪري قبول ڪيو ھئو اھو وڏو ٿي، پڙهي لکي ٿورو ڪي گهڻو حقيقتون سمجهي ۽ پاڻ ڊڄندي ڊڄندي ھڪ ٻہ ڀيرو ان وڻ ھيٺان سج لهڻ کان پوءِ بہ گذرندي، ۽ ڪجهہ بہ نقصان نہ ٿيندي پنھنجي پراڻي تصور کي ڊاھڻ ۾ لڳي ويو، ۽ ان جي جڳھ تي ھن وري ھن ٻيو تصور ٺاھيو تہ اھو سڄو عمل اصل ۾ پيڙهين کان منتقل ٿيندڙ اھو وهم آھي جيڪو مسلسل ھلي رهيو ھئو. ھاڻي جيڪو تصور ڪالهہ تائين ھن کي سچ جو گمان ڏيندو ھئو اھو ھن غلط ثابت ڪيو ۽ ھاڻي ھو وري ان ڊڄ کي وهم جو نالو رکي ٿو.
اھو انساني ترقيءَ جو بنيادي اصول آھي تہ وقت يا جڳھ مٽڻ سان ھو پنھنجا پراڻا تصور مٽي ٿو ۽ انهن جي جڳھ تي نوان تصور رکي ٿو. ھتي اھا بہ ڳالهہ اھم آھي تہ انهن تصورن جي ٺھڻ، ڊھڻ ۽ بهتر تصورن جي وري نئين سر جوڙجڪن جيان ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ يا تت بہ ائين ئي ھوندا آھن. انسان ترقيءَ جي راھ تي ھلندي پنھنجي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ تت، مفھوم يا کڻي لفظ ئي ڇونہ ھجن پر ھو پھريون ٻڌي، وري انهن جي اصلي معني تائين پھچڻ کان پوءِ اھو پسي تہ نہ يار ھي تہ لفظ ھن مھل تائين مان غلط پئي اچاريو يا سمجهيو ۽ استعمال ڪيو تہ ھو وري ان کي نئين سري سان مٽيندو آھي.
جيئن اسان جي ٻوليءَ ۾ ھڪ محاورو آھي ”ڀيرو ڀرڻ يا ڀيرو ڀڃڻ“. اوهان ڏٺو ھوندو تہ ھتي سئو مان اسي سيڪڙو ماڻهو ان ”ڀيري ڀرڻ يا ڀڃڻ“ جي مفھوم ڄاڻڻ کان سواءِ ئي استعمال ڪندا آھن. جيئن ڪو دوست پنھنجي ٻئي دوست کي عام طور تي موڪلائڻ مھل چوندو آھي ”يار ائين ڀيرو ڀڃندا ڪريو!“، اوهان غور ڪيو تہ اڻڄاڻائيءَ ۾ ھو درحقيقت ائين چوندو آھي تہ مهرباني ڪري ھاڻي نہ اچجو. اھو جيڪو ڀيرو اوهان ڪيو اھو ڀڃي ڇڏيو… پر ان ساڳي دوست کي جيڪڏهن انهن محاورن، اصطلاحن جي خبر پئجي وڃي تہ ڀڃڻ ۽ ڀرڻ ۾ ڪھڙو فرق ھوندو آھي تہ شايد لڄ ۾ ئي وٺجي وڃي ۽ پوءِ ڪنھن اھڙي مناسب وقت تي ھو وري ھيئن چوندو تہ ”يار ائين ڀيرو ڀريندا ڪريو!“ ائين ٻوليءَ جي ٺاھ ٺوهه بہ ٿيندي آھي تہ لفظن جي پويان لڪيل تصور بہ چٽا ٿيندا آھن.
تصورن ۽ اصطلاحن جي ٿاڦ، تبديلين ۽ نئين سر جوڙجڪ کي جيڪڏهن اسان ھن نموني سان سمجھئون تہ ڳالهہ وڌيڪ چٽي ٿي ويندي.
رائج تصور يا اصطلاح: جيڪي اسان کي ننڍي ھوندي ئي ذھنن ۾ پنھنجي وڏڙن ۽ سماجي ادارن کان مليل ھوندا آھن. جن ۾ اسان جو ڪو بہ مشاھدو يا تجربو شامل نہ ھوندو آھي.
تصورن ۽ اصطلاحن جي ڀڃ ڊاھ: جيڪا اسان پنھنجي مشاھدن ۽ تجربن کان پوءِ مليل نتيجن جي صورت ۾ ڪندا آھيون، تہ جيڪي ڪجهہ مان ٻڌو، سمجهيو ۽ مڃيو اھو بنيادي طور تي غلط ھئو سو اھي رد ڪيا ويندا آھن.
تصورن ۽ اصطلاحن جي نئين سر جوڙجڪ: مٿين مليل نتيجن جي صورت ۾ پاڻ تبديلي ڪري يا مٽائي ٻيا تصور يا اصطلاح قائم ڪرڻ سان پنھنجي ذھن کي وسيع ڪرڻ ۽ ارتقا وٺڻ کي ھن نموني سان سمجهي سگهجي ٿو.
ھاڻي اھو چرخو سڄي دنيا ۾ لسانيات جي ماھرن وٽ طئي ٿيل آھي، جنهن کي فلسفي ۽ سائنس ۾ بہ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ھتي مان دنيا جي موجودہ برڙ باڪاس لساني ماھر جناب نام چومسڪيءَ کي پنھنجي ھن ليک ۾ شامل ڪرڻ ٿو چاھيان جنهن ھن سڄي سرشتي کي پنھنجي مضمونن ۽ ليڪچرن ۾ ڏاڪي بہ ڏاڪي ھيٺين نموني سان پڌري پٽ ڪيو آھي:
تصورن جو ٺھڻ (Conceptualization)، تصورن جو ڊھڻ (De-conceptualization) ۽ پوءِ تصورن جي نئين جوڙ جڪ ڪرڻ (Re-conceptualization) وري ٻوليءَ جي اصطلاحي اظھارن کي ھن صاحب تت جو ٺھڻ (Contextualization)، تتن جو ڊھڻ (De-contextualization)۽ وري پوءِ نئين سري سان تتن جي ٺھڻ (Re-contextualization) کي مٿين نموني سان ساڳي صورت ڏني آھي.
ھاڻي جيڪڏهن اسان ٿورڙي تڪليف ڪري پنھنجي ماحول، حالتن، مروج تصورن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ٺھندڙ وصفي لفظن تي اچئون تہ پاڻ مرادو خبر پئجي ويندي تہ اسان ڪھڙي منزل تي بيٺا آھيون. مان ھتي ھڪ سولو مثال ڏيان تہ اوهان ھن سڄي مسئلي کي آسانيءَ سان سمجهي ويندئو.
اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ھڪ عام تصور ملي ٿو تہ سنڌي ماڻهو ڪم جا ٽوٽي آھن، ۽ ڇوتہ ھو زرعي معيشيت جو ڦل کائين ٿا ان ڪري بس چيچڙي جا ڏاند ئي آھن جيڪي ھڪ کي ئي لڪير تي چوڌاري پيا ٿا ڦيراٽيون پائين. ان جو مقصد اسان پنھنجي اندر ۾ ڪجهہ ڪرڻ چاھيون بہ تہ اھو تصور اسان کي وري بہ اتي ئي بيهاري ڇڏيندو! پر جيستائين ان تصور جو ملياميٽ نہ ڪنداسين تيستائين ترقي ناممڪن ئي رهجي ويندي. شايد اھا ئي لڇ ھئي جيڪا منهنجي ڀيڻيئي علي مراد کي ھئي ۽ ھو 1996 ۾ پنھنجي ھڪ پنجابي دوست محمد اقبال سان صلاح ڪري پنجاب ويو، اتي ھن سندس گيريج ۾ ٽريڪٽرن جي مرمت سکي. يار کي چار سال لڳي ويا ۽ جڏهن سندس استاد سمجيو تہ علي مراد ھاڻي پنھنجي ڪم ۾ ڀڙ ٿي ويو آھي تڏهن ھن کيس چيو تون ھاڻي وڃي پنھنجي ورڪشاپ کولي سگهين ٿو! ۽ علي مراد خيرپور شھر ۾ روڊ جي ڪناري ھڪ ننڍڙو دڪان ڪرائي تي وٺي ٽريڪٽرن جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو. مٽن مائٽن جي ٽريڪٽرن کي ٺاھيندي ٺاھيندي سندس مشھوري وڌڻ شروع ڪئي جيڪا ھاڻي کيس خيرپور شھر جي بهترين مسترين ۾ آڻي چڪي آھي.
ھو جيڪڏهن مٿين مروج تصور ۾ ئي رهي ھا تہ ھوند اتي ڳوٺ ۾ ئي ٻين وانگر ڊاڙا ٺڪاءَ پيو ھڻي ھا، ۽ اڄ ھو شھر ۾ بهترين جڳھ ، تمام وڏي ورڪشاپ سان گڏوگڏ 1200 سي سي ڪار جو مالڪ ۽ بهتر معيار واري زندگي ڪڏهن بہ نہ گهاري سگهي ھا!
سو پاڻ جيڪو مشاھدو ڪري آياسين تہ ذھن ۾ اڳواٽ مقرر ڪيل تصور ضرور ناھي تہ درحقيقت ۾ نج ۽ صحيح ھوندا آھن پر مان تہ ائين چوندم لڳ ڀڳ سڀ جو سڀ مدي خارج ٿيندا آھن، ڇوتہ فطرت جو اھو ازلي اصول ھوندو آھي تہ ھتي ڪابہ شئي جامد ۽ سڪل حالت ۾ پڪي نہ ھوندي آھي، ائين ھاڻي پنھنجي سماج ۾ ڳوڙهو اڀياس ڪري ڏسون ڇا ٿا؟ مان ان جو عملي مظاھرو ھتي اوهان سڀني جي سامهون رکان ٿو.
اسان اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ ميٽرڪ پاس ڪري جيئن ڪاليج جي زندگيءَ ۾ داخل ٿياسين ۽ پنھنجو پاڻ ڪاليجي فولنگ کان بچائيندي بچائيندي ھيروازم جا خواب اڻيندي سنڌ ماتا جي آزاديءَ جا سپنا بہ سانڍيندي گذاريا سين! انهن ڏينھن ۾ اسان کي تصور اھو ڏنو ويو ھئو تہ اسان سنڌي سڀ غلام آھيون. جيڪو سلسلو پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ شروع ٿيو آھي. سائين جي ايم سيد جي رهبريءَ ۾ اسان اھو سڀ ڪجهہ ڪيو جيڪو ھڪ نوجوان کي ڪرڻ کپندو ھئو. رومانوي حقيقتن کي پٺيرڪو ڪري اسان پنھنجي جيجل ماءُ جي آزاديءَ ۽ ان وصال جي خواھش ۾ مگن رهيا سين! پر جڏهن اسان عملي ۽ معيشتي دنيا ۾ پير وڌو تہ خبر پئي سڀ ڪجهہ ائين بہ ناھي! پراڻيون نيگرو فلمن ۾ غلاميءَ جي پست ترين ۽ ذليل ترين لقائن کي جو ڏٺو سين تہ ڪل پئي اسان اڃان اوترا غلام تہ آھيون ئي ڪونه! ھا ايترو ضرور آھي تہ اسان پروپيگنڊا جو شڪار زبردست رهيا آھيون. اسان سان جعفر ٻڪرار وارو واقعو ٿيندو پيو اچي.. ھو ڀوڳن ڀوڳن ۾ رڙيون ڪندو ھئو تہ بگهڙ اچي ويو آھي ۽ سڄي ڳوٺ جا ماڻهو جڏهن ھن وٽ پھچندا ھئا تہ ھو چوندو ھئو مان تہ مذاق پئي ڪئي! پر ھڪ ڏينھن سچ ۾ بگهڙ اچي ويو! ۽ ھاڻي ھو پنھنجي مڪمل وت ۽ ست سان دانهون ڪوڪرا پيو ڪري پر ڪنھن بہ ڳوٺ واري کيس نہ ورنايو، سڀ اھو سمجهيو ويٺا رهيا تہ ان کي مذاق ڪرڻ جي عادت آھي! ۽ ائين جعفر پنھنجي مذاقن ۾ ئي سڄي جو سڄو ڌڻ بگهڙ واتان ڏاڙهائي ويهي رهيو!
ڇا اسان غلاميءَ جي ڪيفيت ۽ ان جي نتيجن جي مڪمل تصور کان واقف آھيون؟ يا بس ڪنھن چيو تہ اسان غلام آھيون ڪنھن واھيات سامراج جا تہ اسان ڳنڍ ٻڌي ڇڏي تہ ھا واقعي اسان غلام ئي تہ آھيون! جيڪڏهن غلام آھيون تہ ڪيترا غلام؟ آزاد آھيون تہ ڪيترا آزاد؟ ضرور ڪي حدبنديون ھونديون! ضرور ڪٿي ڪنھن جڳھ وٽ پنھنجي ذات اندر غلاميءَ جي سوچ کان نڪرڻ جي ڪا واٽ تہ ھوندي يا اسان پنھنجي ذھني پولارن ۾ بہ غلام ئي آھيون؟ جو پنھنجون ذميواريون، پنھنجا ڪم، پنھنجي واٽ کان بہ وٿيرڪا ٿي بس اھو دليل ڏئي پنھنجي تمام تر ڪوتاھين، ڪمين ۽ واھيات عملن کي غلاميءَ جو نتيجو سمجهي پنھنجي پاڻ کي مطمئن ڪري ڇڏيون؟
سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب بہ اھو سوچي پنھنجي پاڻ کي انڪم ٽيڪس جي اعلى عھدي تي ئي فائز رکي ھا تہ اسان غلام ئي تہ آھيون سو ڪري بہ ڇا ٿا سگهئون ۽ ھو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پروگرامنگ نہ ڪري ھا تہ ڇا اڄ اوهان ھينئن منهنجي ھيءَ ڳالهہ ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي پڙهي سگهو ھا؟
تہ ڇا جيڪو سنڌي موچي بوٽن ۽ چپلين کي صحيح نموني سان نہ ٿو پالش ڪري ۽ ڳنڍي، جنهن جي نتيجي ۾ ھتي ھزارين پٺاڻ سرحد مان اچي لکين ڪروڙين رپيا ڪمائي پنھنجي جابلو ڳوٺن ڏانهن مهيني وار موڪلين ٿا تہ ڇا اھو بہ غلاميءَ ۽ سامراجي سوچ جو ڪارنامو آھي؟
تہ جيڪي سنڌ جي شھر شھر ۾ مزدوريءَ کان وٺي دڪاندارن تائين، ڪلرڪن ماسترن کان وٺي مٿين ڏاڪي جي افسرن تائين حرامخوريءَ ۽ شارٽ ڪٽي سوچن ۾ ورتل ھي سنڌي ماڻهو ڪم ڪارين کان پٺي ڏيو بيٺا آھين اھا بہ غلاميءَ جي ئي ھڪ شڪل آھي؟
ھتي فن موسيقيءَ جا جيڪي وڏا وڏا نالا آھين اھي ”ڍڳو پير پيران“ وارين ڌنين ۾ ئي پيا ٿا ڦرن ۽ ڪي بہ موسيقيءَ تي تجربا نہ ڪري ۽ عاشق مجبور جهڙي واھيات گانن تي ڪروڙين رپين جي رائگاني ڪندي ڇا اھي اھو دليل ڏئي سگهن ٿا تہ ھتي ٻڌڻ وارن جو ڪال آھي ڇوتہ ماڻهو غلام آھن، جڏهن تہ ٻئي پاسي ڀارتي ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ جيسلميري فنڪار ساوڻ فقير مڱڻھار جي واتان ھڪ عام ڌن تي تجربا ڪري يورپ جي مارڪيٽن ۾ ٻڙڌڪ مچائيندڙ ماڻهو تمام گهڻا آزاد آھن!
ھي جيڪي تصور اسان ھينئر تائين پنھنجي ذھنن ۾ ويهاريون ويٺا آھيون جن ۾ اسان پنھنجي پاڻ مٿان جيڪي بنيادي ذميواريون آھن انهن کي پاسيرو رکي ٻين جون ونگارون وهون ٿا تہ ڇا ان عمل پويان بہ سامراجي سازش ڪار فرما آھي؟
ڪراچيءَ ۾ خانگي يونيوسٽيون زبردست پيون ھلن، جتان ھزارين شاگرد ملڪ کان ٻاھران آيل بہ وڏيون وڏيون ڊگريون کنيون اتي پيا ڪم ڪن تہ ڇا سنڌ جا سڀ جو سڀ سرمائيدار، اليڪٽرانڪ ميڊيا جا مالڪ جيڪي پنھنجي چينلن تي سڄي قوم کي جاڳرتا جا ڀاشن ڏيندي کٿا نہ پيا ماپندا آھن، تہ ڇا اھي ٺپ سڃا ٿي ويا آھين جو سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ اھريون يونيورسٽيون نہ پيا قائم ڪن؟ ڇا اھا بہ غلاميءَ واري سوچ آھي؟ ڇا ان جي پويان بہ ساڳيو ”ڍڳو پير پيران“ واري غلاميءَ وارو تصور آھي؟
پوءِ جيڪڏهن واقعي ائين ئي آھي جو ھڪ ماستر اسڪول مان گسائي ويزا تي پيو ٿو حرام کائي، جيڪڏهن ھڪ مزدور يا موچي، مستري يا دڪاندار بس جڳاڙ تي ئي ھلي ”ٻہ پئسا وڌيڪ ڪيئن اچن“ واري فارمولي تي ھلندي، پنھنجن جون ئي ابتيون کلون لاھي، ھڪ ٽيڪنڪل ماھر سنڌي نوڪرين لاءِ پيو ٿو واجهائي جڏهن تہ ھن دور ۾ سوين موقعا موجود آھن پر ھو انهن مان ھڪ ٽڪي جو بہ لاڀ نہ پيو وٺي ڇوتہ اسان سڀ جو سڀ مڪمل طور تي غلام آھيون، ۽ اسان جي مٿان سامراج ھر ھنڌ، ھر جڳھ تي ۽ ھر وقت ڏنڊو کنيون بيٺو آھي تہ ڪا بہ حلال خوري ناھي ڪرڻي، ڪو بہ ڪم ناھي سکڻو ڪنھن بہ ڪم ۾ ڪابہ سچائي ناھي ڪرڻي تہ سڌي ڳالهہ اھا آھي تہ اھو سامراج ٻيو ڪوبہ ناھي پر اسان جو پنھنجو پاڻ ئي آھي. ڇوتہ اھو اسان جي مدي خارج تصور کي ختم ڪري نئون ٺاھڻ ئي نہ پيو ڏئي!
اھا ڳالهہ پنھنجي دماغ جي ھر خليي ۾ وجهي ڇڏيو تہ جڏهن ڪنھن بہ انسان جي ميڄالي ۾ بنيادي تصور مدي خارج ھوندا آھن تہ ھو ڪوبہ ڪم ڪري ناھي سگهندو، ھو ڪا بہ ترقي ناھي ڪري سگهندو ۽ نہ ئي وري ھو ڪا بهترين شناخت ئي ڏئي سگهندو آھي، پوءِ اھا شناخت پنھنجي پاڻ جي ڇونہ ھجي يا پنھنجي سڳي دوستن جي يا پنھنجي دشمن جي ئي! ڇوتہ ھن جو دشمن سندس پنھنجو پاڻ ئي ھوندو آھي، نہ وري ڪو ٻيو! ھاڻي پاڻ ئي ڏسو تہ اوهان پنھنجا ٻالڪپڻي وارا ڪيترا تصور پنھنجي پاڻ سان پاڻيءَ جي سينور وانگر چھٽايون گهمي رهيا آھيو، جن کي بہ اوهان مدي خارج مُلن وانگر ڊاھڻ ۽ مٽڻ جو ڪو بہ نالو نہ پيا وٺو! ھاڻي وڃي پاڻ حساب لڳايو!