قنديلزم ھڪ نئون اصطلاح

ھوءَ جڏھن قتل ٿي وئي، تڏھن سڄي دنيا جون ھمدرديون ھن طرف ويون! فيمينسٽ گروپن کان ويندي دنيا جي ميڊيا گروپن تائين، موبائل تي ايڪس ريٽ ڪلپن رکندڙ عام سطح جي ماڻهوءَ کان ويندي اديبن، دانشورن ۽ صنعتڪارن تائين، جيڪي سڀ جو سڀ کيس جڏھن اھا جيئري ھئي، پنھنجي پنھنجي مصنوعات، برانڊن ۽ تقريبن ۾ پيش پيش ڪري پنھنجو الو سڌو رکندا ھئا!
اسان سڀني کي بہ جيستائين اھا قتل نہ ٿي، تيستائين ان جي پس منظر، سندس غربت، طلاق، زليل ترين ماحول جي ھڪ تِر جيتري بہ خبر نہ ھئي.
اھا قنديل جنھن شاھد آفريديءَ جي ميچ کٽڻ واري شرط چيو ھو تہ اي شاھد آفريدي تون ميچ کٽ، پوءِ جيڪو تون چوندي مان ڪندم، ڏسجانءِ تہ مان تنھنجي آڏو ڪپڙا لاھي ڪيئن اگهاڙي ٿي ڊانس ڪندم جو تون پوءِ قطرينہ ڪيف، سني ليوني يا راکي ساونت کي وساري ڇڏيندين!
ھن جون جيڪي وڊيوز ملا قويءَ سان ظاھر ٿيون، قسم کڻو اوھان سڀئي پنھنجي پنھنجي سيني تي ھٿ رکي ڏسو، تہ پاڻ جي سماج ۾ پرتي رھيو پر ڪنھن بہ سماج جي ھڪ رواجي ماءُ، پيءُ، ڀاءُ يا ڀيڻ کي اھي قبول ٿي سگهن پيون؟
پر اھا پنھنجي پر ۾ ”سستي شھرت“ حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڇا نہ ڪرڻ لڳي ھئي! ھوءَ موت کان اڳ ”پبلسٽي اسٽنٽ“ واري زليل ترين ڪاروبار ۾ سماج جون سڀ ريتون رسمون، سڀ ليڪا اورانگهي ان جڳھ تي پھچي چڪي ھئي جنھن جڳھ تي ”دوستووسڪي واري ناول ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ واري ان پوڙھي وياجڻ“ وانگي ھاڻي اھو چوڻ لڳي تہ مونکي ڪير ٿو ماري!
۽ نيٺ اھو ئي ٿيو جيڪو طئي ھئو! ھن سماج ۾ کيس گلن جا ھار تہ ملڻا ئي نہ ھئا، سواءِ ان ڪرب ۾ آيل قتل جي جنھن جي پويان ھزارين سڏڪا، لکين آھون، سوين لڱن ۾ سيسراٽ ڪندڙ اڌما فطري ھئا، جيڪي مان اوھان ۽ سڀني ڪيا!
قنديل جو قتل، سماج جي منھن تي چماٽ ھئو يا نہ ھئو، زليل ترين مرداڻي سماج جي منھن تي پادر ھئو يا نہ ھئو، واھيات ترين ريتن رسمن جي ڳنڍ کوليائين يا نہ کوليائين، پر اھو ڪنھن کي انڪار آھي تہ ھوءَ جيڪو ڪجهہ ڪري رھي ھئي اھو اسان جي نياڻين سميت ڪنھن بہ اولاد کي ھرگز جڳائي نہ پيو!
ڀلا (رب ذوالجلال نہ ڪري) پر جيڪڏھن منھنجي نياڻي اھو ڪري تہ؟ ھلو منھنجو پٽ ايترو انارڪسٽ ٿئي تہ؟ (ھاڻي اھو ساڳيو سوال ھرڪو پنھنجي پاڻ کان ڪري!)
مان لکڻ لاءِ لکي ويم، پر يارو… الائي ڪيترا پل مان ساڪت ٿي ويو آھيان… ائين اوھان سان بہ ھوندو!
چڱو چڱو… مان پنھنجي مدي تي اچان ٿو…. قنديل بلوچ جي سفاڪانہ قتل کان پوءِ ٿورو سوچيو تہ اھو اصطلاح نہ ٿو ٺاھي سگهجي تہ ”قنديلزم“ بلڪل ائين ئي جيئن لاھوري ”گلو بٽ“ جي حرڪت کان پوءِ ”گلوزم“ ٽرم ايجاد ٿيو!
تہ ڇا پاڻ قنديل جيان ھتي ھاڻي ساڳي روش ۾ ناھيون بيٺا؟ ھاڻي ڪوبہ اخلاقي قدر ناھي، ڪا بہ سماجي ذميواري ناھي، بس ھڪ ئي ازلي ۽ ابدي ڪم آھي جيڪو اسان جي ديماڪن ۾ ٺوڪيو ويو آھي تہ ”ختم ڪريو… زليل ڪريو… جيڪو بہ سامهون اچي، ان کي خوار ڪريو، ڇاجي اخلاقيات، ڇا جا نظريا، ڇا جي انسانيت… بس ڪالهہ مون سان (يا اسان سان) وڏيون ويڌنون ٿيون، سو ھاڻي وارو آھي… جيترا پٽڪا جيڪو لاھيندو اھو اوترو معزز ھوندو! معنا ھاڻي اسان جي عزتدار ھجڻ جي ھڪ ئي نشاني رھي آھي تہ ڪير ڪيترن جا پٽڪا لاھي ٿو! ڪير ڪيترن جي بيعزتي ڪري ٿو، ڪير ڪيترن کي زليل ڪري ٿو! ان لاءِ پنھنجي پڳ پنھنجي بغل ۾ وجهي اچو تہ ”پٽڪا لاھ مھم“ ۾ حصيدار ٿي ”سنڌ جي اعلا آدرشي شعور“ جو اظھار ڪريون! ائين نہ؟
جيڪڏھن ڳالهہ اھائي آھي تہ پوءِ ڪالهہ قتل ٿيڻ کان اڳ قنديل ڇا ڪري رھي ھئي؟
پوءِ ٿيو ڇا؟ قتل ٿي وئي… ڪھڙو فرق پيو! ھڪ پيءُ ۽ ماءُ کان ڌيءُ تہ کسجي وئي نہ! اھي اڳي جنھن گهر ۾ رھندا ھئا، ھاڻي ڪيسن ڪورٽن ۽ بعد ۾ بدنامي رسوائيءَ کان پوءِ جنھن گهر ۾ رھن ٿا ان جي اوھان کي ڪا ڪل آھي؟
ڪڏھن بہ نہ…. ڇوتہ پاڻ بہ فلمي ماڻھو آھيون… ۽ زندگي ھڪ فلم ئي تہ آھي… باقي جيڪي ازم، اخلاق، رسالا، لڄون ليھون… اڙي بابا، خير آ… عزت اچڻي وڃڻي شيءِ آ…. اچو تہ ھنبوشيون ھڻون! سنڌ جو شعور زندھ آباد!
پنھنجي پارٽيءَ کان سواءِ باقي پارٽيون! مردھ آباد… نہ مردھ آباد ٿيون ٿين.. تہ اچون… لاھيون پٽڪا.. ڪريون ڍير سڀني کي!