پاڻ سنڌ ۽ سنڌي قوم کي جيڪڏهن ھاڻوڪي عالمي منظرنامي جي پسمنظر ۾ ڏسون، تہ اها ڄڻ هڪ اهڙي مريض جيان آهي، جنھن جا اندروني عضوا تندرست نموني سان ڪم ڪرڻ ڇڏي ويٺا آهن. ھڪ پاسي جديد دنيا جا اسرندڙ ملڪ، سائنس، ٽيڪنالاجي، ۽ گلوبل پاليسين جي ڪري انتھائي تيزيءَ سان اڳتي وڌندا پيا وڃن، جن وٽ انساني تھذيب جو ھڪ نئون پاسو، مصنوعي ذهانت، روبوٽڪس، بايو انجنيئرنگ، اسپيس ٽيڪنالاجي ۽ نينو سائنس جھڙن مڪتبن جي ڪري ترقي ڪري رهي آهي، پر ھن پاسي يعني پاڻ وٽ سنڌ اڃا تائين ڪرپٽ ترين جاڳيرداري ۽ شھري سرمائينداري ماحول جي ڪري بدامني، صاف پاڻي، معياري تعليم، بنيادي صحت ۽ روزگار لاءِ تڙپندي نظر اچي ٿي.
جنھن دور ۾ پاڻ ساھ کڻي رھيا آھيون ان عالمي دور جي ترقي کي جيڪڏهن ڏسجي ٿو تہ اڄ دنيا جي الائي ڪيترن ملڪن ۾ مصنوعي ذهانت سان ڪتاب لکايا پيا وڃن، ڊاڪٽر روبوٽن سان مريضن جا آپريشن ڪرائي رهيا آهن، انساني ڏاھپ کي ڪمپيوٽر پنھنجي سرشت يعني مصنوعي ذھانت جي مدد سان سمجهي رهيو آهي ۽ ميٽاورس جھڙن تجريدن ۾ مجازي حقيقتون تخليق ٿي رهيون آهن پر سنڌ جو نوجوان، اڄ بہ پاروٿي نصاب، زبون اسڪولن ۽ ٽنگون ٻانھون ڀڳل ادارن جي ڍانچي ۾ لڙھندو ۽ ويڳاڻو بڻيو گهمندو وتي. اسان جون يونيورسٽيون، تحقيق جي بدران سچ بہ تہ تقريرن جو مرڪز بڻيل آهن. اسان جا شاگرد، تعليم کي رڳو نوڪريءَ لاءِ وسيلو سمجهن ٿا، کين اڃا تائين اھا سمڪ جھڙوڪ ناھي پئي تہ تعليم مسئلن جي حلن لاءِ هڪ عالمگير حقيقت آھي، تدارڪ آھي سماجي بيمارين جو.
جيتوڻيڪ دنيا ۾ مصنوعي ذھانت کان وٺي ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جھڙا دماغ لوڏيندڙ خيال روزانو جي بنيادن تي پوري انسانذات لاءِ تحقيقن ء۽ تخليقن لاءِ نيون دريون ۽ دروازا کولي رھيا آھن، پر پنھنجي سنڌ ۾ اڃا تائين ”وکر مارڪہ“ تعليم جي نالي تي رٽا ھڻي مقابلن جي امتحانن ۾ نمبر وٺڻ کي ئي وڏي ڪاميابي سمجهيو وڃي ٿو. سچ اھو آھي تہ اسان وٽ نہ تحقيق لاءِ ماحول سازگار آهي نہ ئي وري جدتن جا ذريعا موجود آھن. اسين ھن جديد دنيا پاران رٿيل آئيندي کان سوين ڪوھ پري، هڪ اڄاڻي نرگسي يا ھروڀرو ڦوشربازيءَ واري بيمار ماضيءَ ۾ ساھ پيا کڻون، جتي پنجاھ سال پوءِ واري آئيندي جي رستن جي ئي خبر شايد ھتي رھنمائن وٽ ھجي!
اِها پست ترين سماجي حالت رڳو مدي خارج تعليمي نظامن يا حڪومتي نااهلين جي سببن ۾ ئي ناهي، پر ان جي پاڙون سوين سالن کان هڪ سامراجي حڪمرانن پاران جوڙيل اڻ سلجهيل سماجي ڍانچي ۾ لڪيون پيون آهن، جتي سرمائيداري نظام، جاگيرداري ذهن، ۽ سياسي مفادن سان ڳنڍيل اڻ پڙهيل قيادت، عام ماڻهوءَ جي اڳتي وڌڻ واري هر رستي کي بند ڪندي پئي اچي. سنڌ جي شاھوڪار وسيلن، جھڙوڪ گهڻ پاسائين زمين، پاڻي، ۽ گئس جا مالڪ ڌرتي ڌڻي آھن ئي ڪين، پر انهن وسيلن جا ھلائيندڙ، انهن مان فائدو وٺندڙ اڄ بہ ٻاھريون قوتون، چوڌري، وڏيرا، يا سرمائيدار طبقا ئي کڻي رهيا آهن.
اهو تضاد اڄ وڌيڪ چٽي نموني سان ظاھر ٿي ويو آهي، ڇو تہ اسان ڏسي رھيا آھيون تہ دنيا جھان جو ھر طرح جو سرمايو پوءِ ڀلي اھو ذھني صورت يعني ڏاھپ جو ھجي يا مادي سرمايو ھجي اھو ھاڻي جديد علمن، ٽيڪنالاجين ۽ سائنسي تحقيقن ۽ ايجادن ڪرڻ پويان لڳي چڪو آهي، جڏهن تہ اسان وٽ سنڌ جو گهڻو ڪري متحرڪ عقل اڃا بہ سونھن، نرگسيت، راڳ ويراڳ ۽ رومانس جي پويان بي مقصد واپرجي رهيو آهي. ھڪ ليکڪ پاڻ ئي ڪتاب جون پنج سئو کن ڪاپيون ڇپائي ٿو جيڪي نھايت پيارن لفظن سان ڀيٽا ڏيئي پنھنجي ئي ڄاڻ سڃاڻ دوستن کي مفت ۾ ورھائي ٿو. مزي جي ڳالهہ تہ مجموعي طور اسان وٽ لفظ ”تخليق“ جڏھن بہ ڪارج ۾ اچي ٿي تہ ان جي معنا گهڻو ڪري شاعري، ڪھاڻي، ناول نگاري يا اھڙي قسم جي تجريدي قسم جي ادب لاءِ ئي استعمال ٿئي ٿي. تعليمي ۽ تدريسي ڍانچو وڃي ان دڳ تي رسيو آھي جو اسان وٽ سائنس، جديد قسم جي ڪاروبارن، وڻج واپارن پاسي ڪي بہ ادارا نظر نہ ٿا اچن جيڪي ھن قسم جي سيکڙاٽن کي دڳ لائينِ، صفا ائين بہ ناھي تہ اسان وٽ ڪاروباري ذھن ناھن يا ڪاروبار ڪندڙ ناھن پر کين ھن نئين قسم جي لاڙي طرف ڪير آڻي؟ يعني اسان وٽ تخليق تہ آهي، تخليقڪار تہ آھن، پر انهن کي نوان رخ ڏيڻ وارو ڪو ادارو، ڪو نظام، ڪا حڪمت عملي ناهي.
هن صورتحال ۾، جيڪڏهن پاڻ پنھنجي سنڌي قوم جو جائزو وٺون تہ سوين ئي ڇو، ھزارين سالن کان اها پيداواري سطح تي تھذيب، تاريخ، ٻوليءَ، موسيقيءَ ۽ فڪر جي حوالي سان هڪ زرخيز ڌرتي تہ رھي آهي، پر عالمي منڊيءَ ۾ سندس حيثيت هڪ گراھڪ جي ئي آھي، ماتم ڪندڙ جيان يا وري خاموش تماشائي کان وڌي ناهي سگهي. ان جو سبب ھرگز اهو ناهي تہ سنڌي ماڻهن وٽ صلاحيتون ناهن، پر اصل ۾ اهو آهي تہ اسان جي قومي ۽ مجموعي صلاحيتن کي سائنسي انداز ۾ ماپو ڪري، نکاري ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ آڻڻ وارو ڪو ”سگهارو نظام“ موجود ناھي.
ان جو ھڪ مثال گذريل سال جي مون سون وارن برساتين ۾ اوھان ڏسي سگهو ٿا، جنھن جي ڪري ٿر ۾ پنھنجي ئي صوبي کان ئي نہ پر ٻين صوبن کان پڻ تمام وڏي پئماني تي ٿر جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سياحت جا شوقين ماڻهو ٿر گهمڻ آيا. ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان موجب ھڪ محتاط انگ ۾ اھو ٻڌايل آھي تہ ٿر ۾ گذريل سال ھڪ ڏھ لک ماڻهن ٿر گهميو. لڳي ائين رھيو آھي تہ اھو تعداد ھاڻي گهڻي کان گهڻو وڌندو رھندو. پوري دنيا ۾ اقتصادي حساب سان سياحت اھو ڪاروبار آھي جنھن ۾ سيڙپ نہ برابر پر منافعو سوين سيڪڙا گهڻو ٿيندو آھي، ھاڻي ھجڻ ائين گهرجي جو ڀارت جي راجسٿان ٽوئرزم جي ماڊل جيان ٿر جي ھر ڳوٺ خاص ڪري اھو ڳوٺ جيڪو روڊن جي ڀر سان ھجي ان ۾ ڪجهہ چونرا سياحن لاءِ مقامي ماڻهن کي ٺھرائڻ گهرجن جتي سياح اچي ڳوٺاڻي ٺيٺ ٿري ماحول ۾ ايڊونچر ٽوئرزم جو لطف وٺن، مقامي کاڌا کين نئين ورائٽي ڏين، نظارا کين سندن روزمرہ واري زندگيءَ کان جدا ڪري ھڪ نئين جھان ۾ آڻي رکن ۽ انهن سڀني شين جي عيوض مقامي ميزبان سياحن مان مناسب سرمايو ڪمائين. ورلڊ ٽوئرزم جي انگن اکرن موجب ھر سال راجسٿان ۾ اربين ڀارتي رپيا سياحت مان ڪمايا وڃن ٿا. ڇا اھو ساڳيو ماڊل پنھنجي ٿر ۾ نہ ٿو واپرائي سگهجي؟ جنھن سبب جي ڪري ٿر جي مقامي آبادي خوشحاليءَ طرف اڳتي وڌي سگهي.
اڄ جي دور ۾ جيڪڏهن ڪا قوم اڳتي وڌڻ چاهي ٿي تہ ان لاءِ ضروري آهي تہ اُھا جدتن سان ڀريل ٽيڪنالاجين، جديد تعليمي سرشتن، تخليقي تحقيقن، بين الاقوامي ڀائيوراين، ۽ ڳوڙهي حڪمت عمليءَ سان رٿابندين جي ميدان ۾ پاڻ کي اڳڀرو ڪري اڳتي آڻي. رڳو ثقافتي ميلن، تقريرن، يا قوم سان محبت ڀريل جذباتي نعرن هڻڻ يا ٺلهي مِلي نغمن سان قومون ترقي ناهن ڪنديون. انڪري پاڻ سنڌين کي بہ گهرج آهي تہ پاڻ پنھنجي حالتن کي عالمگير حالتن جي آئيني سامهون بيھاري پوءِ اهڙي تشخيص ڪريون، جنھن سان ان سائنسي تحقيق جا سياسي، تعليمي، معاشي ۽ ثقافتي مرض سامهون اچي سگهن سچ اھو آھي تہ ان کان پوءِ ئي اسان سان لاحق قومي مرضن جو عملي علاج ممڪن ٿي سگهندو.
ان لاءِ سڀ کان پھريون تہ سنڌ کي پنھنجي تعليم ۽ تدريس جو سمورو ڍانچو بدلائڻو پوندو. نصاب کي ترقي ڪيل ملڪن جي نصابي معيار سان ھڪ ڪرو ڪرڻو پوندو، اسڪولن کي ٽيڪنيڪل ۽ ڊجيٽل ٿاڪن ۾ تبديل ڪرڻو پوندو، بلڪل ائين جيئن پاڙيسري ملڪ ڪوڪلتي جي شھر ۾ ماڊل طور سرشتو ٺاھيو ۽ ڪامياب ٿيڻ تي ٻين رياستن ۾ لاڳو ڪندو پيو وڃي. ھن ريت شاگردن کي پرائمري درجن کان ئي ڪوڊنگ، ڊجيٽل تعليم، ۽ تجربن تي ٻڌل سرشتي ۽ پاليسيءَ تحت اڪارڻو پوندو (تڏھن ئي اسان جي سنڌ جي ھر ضلعي مان الائي ڪيتريون عارفہ ڪريم نروار ٿي سگهنديون). اسان جي يونيورسٽين کي سائنسي بنيادن تي تحقيقن جو مرڪز بڻائڻو پوندو جتي تعدادي ۽ رڳو ڳاڻيٽائيءَ تي بيٺل جريدن ۾ پيپر ڇپرائڻ کان پري ٿي ڪانڪريٽ حساب سان تحقيقون ٿين جيڪي وري مارڪيٽ ۾ پڻ لاڳو ڪري سگهجن. ان سان گڏ مصنوعي ذھانت جي مدد سان سڀني ڪورسن کي جديد بڻائڻو پوندو، اھڙن پروجيڪٽن تي تحقيقون ٿين جو پاڻيءَ جي کوٽ، وقت سر ڪمي يا اچانڪي ٻوڏن جي ڪري ڪھڙا اپاءَ وٺجن، ۽ ساڻ ساڻ سماجي انجنيئرنگ جھڙن مضمونن تي تحقيقون ٿي سگهن.
ٻئي طرف، حڪومت تي بہ لازم آهي تہ اها جديد ”ڊيٽا“ تي ٻڌل پاليسين کي رڳو اسيمبليءَ مان ائڪٽ ئي نہ منظور ڪري پر اھي فوري طور لاڳو پڻ ڪرائي. ڇوتہ سڌارن جا فيصلا جذباتي نعرن يا سياسي شوبازين سان نہ پر انگن اکرن، تحقيقن ۽ انهن جي نتيجي ۾ ھاڪاري اثرن جي بنياد تي ٿيندا آھن. سچ پڇو تہ اسان کي ضرورت آهي هڪ ”ڊجيٽل سنڌ“ جي، جتي هر شھريءَ کي آن لائين سڃاڻپ، انصاف تائين رسائي، تعليم، صحت، ۽ واپار جي سھولتن تائين برابريءَ جي بنياد تي پھچ هجي.
ان کان سواءِ، سنڌ جي معاشي نظام کي پڻ عام ماڻهن لاءِ ڪارگر بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي. جاگيرداريءَ جي بدترين شڪل کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي جنھن ۾ وسيلن جي غيرمنصفاڻي ورڇ کي منھن ڏيڻ لاءِ سماجي انصاف سان گڏ نوڪرين تي گهٽ ڀاڙي واپارن ڪرڻ جي پٺڀرائي ڪئي وڃي، ڇوتہ ڏٺو اھو ئي ويو آھي تہ مقامي ڌنڌن ۽ انهن جي گراھڪي پھچ وڌائڻ وارين مددگار پاليسين جي سخت ضرورت آهي.
پر سڀ کان اهم ڳالهہ، جيڪا هن بيماريءَ جو مستقل علاج ٿي سگهي ٿي، اها آهي قوم جي شعور جي ترقي. جيستائين سنڌي ماڻهوءَ کي پنھنجي موجودہ حالت جو ادراڪ نہ ٿيندو، تيستائين اهو عالمي اوسر جي وسيلن کي سمجهي نہ سگهندو ۽ جيستائين ھتي سياسي ۽ سماجي ليڊر ھلڪڙن اشوئن کان ھٽي اصل حقيقت کي آشڪار نہ ڪندو، تيستائين سندن جذباتي تقريرن سان اسان جي ماڻهن جو حال نہ ٿو بدلجي سگهي.
سو، جيئن ڊاڪٽر پنھنجي مريض کي نہ رڳو بيماري ٻڌائيندو آھي، پر ان جي علاج لاءِ بہ دوا درمل ڏيندو آھي، تيئن سنڌي قوم کي بہ هاڻي وقت جي نبض تي هٿ رکي، پنھنجي بقائي وجود جا مرض سڃاڻڻا پوندا. ياد رکو انهن مرضن جو علاج سائنس، ٽيڪنالاجي، شعور، تحقيق، انصاف، ۽ آزاديءَ سان آهي. ائين ڪرڻ سان ئي سنڌي قوم پنھنجي بيمار جسم کي صحتمند روح ۾ بدلائي، عالمي انسانيت جي قطار ۾ هڪ باعزت جاءِ حاصل ڪري سگهي ٿي.
۽ جيڪڏهن اڄ بہ اسين ان تشخيص کي نظرانداز ڪري بي حسيءَ واري ھن روش ۾ رھياسين تہ پوءِ شايد تاريخ اسان کي نہ رڳو وساري ڇڏيندي، پر اسان جي خاموشي، لاپرواهيءَ ۽ بيحسيءَ کي بہ اڻ ازالي ڪيل گناھ طور لکندي.



