اِھا گُذريل مھيني جُون جي اُڻٽيھ تاريخ جِي رپورٽ آھي جنھن تي گورنمينٽ ڪاليج وومين يونيورسٽي سيالڪوٽ جي پنجين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي مُلڪي بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيو پئي تہ: ”حڪومت ميڊيڪل جي هڪ شاگرد کي ڊاڪٽر بڻائڻ لاءِ پنجن سالن ۾ ھڪ ڪروڙ ويھ لک رپيا خرچ ڪري ٿي، پر هڪ محتاط اندازي موجب ٽياسي سيڪڙو ڇوڪريون ڊگري وٺڻ کان پوءِ پنھنجي گهرن تائين محدود ٿي ٿيون وڃن .“ وزير صاحب وڌيڪ چيو تہ: ”صرف سترھن سيڪڙو ڊاڪٽرياڻيون عملي زندگي ۾ داخل ٿين ٿيون باقي ٻيون شادي وغيرہ ڪري پنھنجي گهرن تائين محدود ٿيو وڃن جيڪا انتھائي ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهہ آهي، اصول اھو ئي آھي تہ عورتن جو مردن کان وڌيڪ تعليم يافتا هجڻ ضروري آهي ڇو تہ هڪ پڙهيل لکيل ۽ ڪامياب عورت ئي سڄي خاندان کي ڪاميابيءَ جي دڳ طرف وٺي وڃي سگهي ٿي.“
ساڳيو بيان جيڪڏھن صرف ڪنھن سياسي ليڊر جو ھجي ھا تہ بہ کڻي ڪجهہ ٻيو سوچجي پر پنج سال اڳ ساھيوال جي ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خالد مسعود گوندل جو پڻ ساڳيءَ ئي ريت چوڻ ھئو تہ: ”هن وقت اسي سيڪڙو ميڊيڪل گريجوئيٽس عورتون آهن ۽ انهن مان صرف ويھ سيڪڙو ڊگري وٺڻ کانپوءِ ڊاڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏين پيون، جڏهن تہ باقي اسي سيڪڙو گهرن ۾ ويھي ٻار پالين ٿيون.“ ھن رويي کي ڊاڪٽر خالد مسعود ملڪ اندر صحت جي شعبي جو سڀ کان وڏو بحران قرار ڏنو. هن پنهنجي ڳالهہ کي ثابت ڪرڻ لاءِ انگ اکر ڏيندي ٻڌايو ھئو تہ: ”هر سال ڏيڍ لک شاگرد ميڊيڪل جي داخلائن لاءِ ٽيسٽ ۾ شريڪ ٿيندا آھن، جن مان صرف پنجٽيھ ھزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلا لاءِ چونڊيو ويندو آھي، ھاڻي جن کي داخلا ڏني ويندي آھي تن ۾ اسي سيڪڙو انگ ڇوڪرين جو ھوندو آھي.“
جيڪڏهن هن ڇرڪائيندڙ رپورٽ جي انهن انگن اکرن تي غور ڪجي ۽ ڪاٿو لڳائجي تہ پنجهٽيھ ھزار شاگردن جي اسي سيڪڙي جو انگ، “اٺاويھ ھزار” بيهي ٿو، يعني ھر سال اٺاويھ ھزار ڇوڪريون ڊاڪٽريءَ جي ڊگري وٺڻ لاءَ داخلا وٺن ٿيون ۽ وري جيڪڏھن ان ئي نسبت سان پنج سال اڳ داخل ٿيل ساڳي ئي انگ سان نہ به ھجي پر ھلڪو ئي ڪاٿو لڳائي ڏسجي تہ پنجويھ ھزار ڇوڪريون وري ميڊيڪل جي امتحانن مان پاس پڻ ٿين ٿيون. انهن پنجويھ ھزار پاس ٿيل ڊاڪٽرياڻين مان جيڪي اسي سيڪڙو گهرن ۾ ويھي رھن ٿيون تن جو انگ ويھ ھزار بيھي ٿو. يعني ويھ ھزار ڊاڪٽرياڻيون! جن تي انفرادي طور سندن مائٽن جو ڪروڙين اربين رپيا تہ خرچ اچي ئي اچي ٿو، پر جيڪو خرچ بقول مُلڪي بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا محمد آصف صاحب جي، حڪومت ڀري ٿي ان جو انگ انتھائي ڇرڪايندڙ آھي يعني ٻہ کرب چاليھ ارب رپيا.
مون کي ياد آيو پئي تہ ڪجهہ سال اڳ پنھنجي ھڪ دوست جي گهر وڃڻ ٿيو ھئو. جتي وڃي خبر پئي تہ سندس زال معنا اسان جي ڀاڄائي خيرن سان ايم بي بي ايس جي ڊگري رکندڙ آھي جنھن ٻار ٿيڻ کان پوءِ سڄي ڪيريئر کي طلاق ڏئي ”گهرڌياڻي“ ٿي رھڻ کي ترجيح ڏني. ڀليءَ طرح سان ياد اٿم تہ مان پڇيو ھئو مانس تہ: ”ڀاڄائي! گهڻو خرچ آيو ھوندو طب جي گريجوئيشن تي ۽ ان سان گڏ ٻي افرادي سيڙپ، جن ۾ اوجاڳا، پاس ٿيڻ لاءِ محنتون، وڏن جا خواب ۽ انهن سڀني سان گڏجي اوھان جا مستقبل جا ڪجهہ خيال ۽ خواب، ڪو ڪاٿو، ڪا ٽَل؟ جنھن تي اسان جي ڀاڄائيءَ جوابيو ھئو: ”ڀا! سڀ خيال شاديءَ کان پوءِ ختم ٿي ويا.“ ان وقت منھنجي مٿي مان واڄٽ وڄي ويا ھئا. سوچيو ھئم، الائي ڪيتريون ڀاڄايون ائين ئي آھن. الائي ڪيترا ارب رپيا الائي ڪيترا خواب، الائي ڪيتريون حسرتون ان واھيات سرشتي جي آڏو ڪُسجي وڃن ٿا. پر جڏھن وزير موصوف انگ اکرن جي آڌار جيڪا حالت ٻڌائي تڏھن محسوس ٿيو تہ اسان جي سماج ۾ انيڪ قسم جا اھڙا لقاءَ ڀريا پيا آھن جو ڇڙو انهن تي ئي سوچجي تہ ھتي ٽڀو ئي اونڌو لڳو پيو آھي.
گهڻا سال اڳ عوامي سيڪيورٽيءَ جي ھڪ کاتي جي اعلیٰ عملدار سان ويھڪ ٿي ھئي. تن ڏينھن ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ پوري دنيا اندر ”واءِ ٽُو ڪي“ نالي ھڪ وڏو ٻڙڌڪ متل ھئو، شايد ان ئي سلسلي جي ان ويھڪ ۾ جڏھن مانيءَ جو وقفو ٿيو تڏھن اسان جي ھڪ گهاٽي دوست ان عملدار کان پڇيو تہ قبلا اوھان تہ ايم بي بي ايس ڊاڪٽر ھيا پوءِ ڊاڪٽري ڇڏي ڪميشن ۾ ڇو ويٺا ۽ ھاڻي مسيحائي ڪرت کي عاق ڪري سپھ سالار ٿيا ويٺا آھيو، ڀلا ائين ڇو؟ ان سوال جي جواب سچ ۾ اسان چئني دوستن کي بلڪل بہ مطمئن نہ ڪيو جنھن تي سوال ڪندڙ بس ھڪ تبصرو ئي پاس ڪيو تہ: ”سائين منھنجا! اوھان ٻہ جايون سيڙايون، ھڪ ميڊيڪل جي اھا جاءِ جتي اوھان اچي پڙهيئُو، پاس ڪري، وري اوھان پنھنجو پيشو ئي تبديل ڪري ھاڻي ليفٽ رائيٽ ۾ لڳي ويا آھيو، جيڪڏھن اوھان کي ڊاڪٽري ڪرڻي ئي نہ ھئي تہ ھروڀرو اھا سِيٽ ڪنھن ٻئي اھل کي ملي وڃي ھا ۽ ٻي اھا جاءِ جتي ھاڻي آھيو، اها بہ اوھان اصل ۾ ڪنھن ٻئي اھل ماڻهوءَ کان پنھنجي ھوشياريءَ جي ڪري ڇڪي ورتي آھي. اوھان کي شايد ئي ڪڏهن اھو احساس ٿيو هجي تہ اوھان جي تعليمي سفر دوران ۽ بعد ۾ ھن پيشي جي ادل بدل ۾ ڪيترا ڪروڙ رپيا وڌيڪ ضايع ٿيا هوندا؟؟ .“
اسان جڏھن يونائيٽيڊ نيشن ۾ ھوندا ھئاسين تڏھن ياد پيو اچي اھو خردماغ جرمن ڊاڪٽر فِن، جنھن آسٽريا جي ويانا مان سوشل سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ھئي بعد ۾ جنھن جون خدمتون يونيسڪو حاصل ڪيون ھيون. ھڪ ڀيرو مان ۽ ھُو سفر ۾ بلڪل ھيڪلا ھئاسين تڏھن ھُن مون کان پڇيو: ”تون پي ايڇ ڊي ڇو نہ ٿو ڪرين؟“ منھنجو اھو ساڳيو ئي سادو جواب تہ دل ناھي ڪندي. ھن وڏو ٽھڪ ڏئي پڇيو بلڪہ ڀوڳ ھنيو: ”يعني تون نہ ٿو چاھين تہ تو مان انساني حواس ختم ٿين ؟ يا تون زندگيءَ جي رومانس مان پورو پورو فائدو وٺڻ ٿو چاھين… ھا نہ؟“ مان کلندي چيو: ”ھا ائين ئي سمجهہ.“ ڪجهہ دير ڀوڳن ٺڪائن کان پوءِ ھُن جيڪي ڳالهيون ٻڌايون تن واقعي بہ منھنجي دماغ مان ٺڪاءَ ڪڍي ڇڏيا. چئي تہ: ”پي ايڇ ڊيءَ ڪرڻ جو اصل مقصد اھو لائسینس وٺڻ ھوندو آھي تہ ھاڻي پي ايڇ ڪندڙ معياري تحقيق ڪري سگهي ٿو، ڇو تہ ھاڻي ان کي پنھنجي تحقيقي ميدان جنھن ۾ ھُن ڊگري ورتي آھي اھو گهڻ پاسائين کوجنائون ڪري پنھنجو قياس ڏئي دنيا کي ھڪ نئون دڳ ڏيکاري سگهي ٿو. ھڪ پي ايڇ ڊي اسڪالر مٿان قوم جو بار ڪجهہ سَوايو ان ڪري بہ ھوندو آھي جو ھن جي ڊگريءَ پويان ڇڙو سندس ئي خرچ ناھي ٿيندو پر قوم جي ھر ٻچي جي ٽيڪس پڻ شامل ھوندي آھي. اھا ئي ٽيڪس جيڪي عام ماڻهو ڪنھن نہ ڪنھن مد ۾ ڀري حڪومتن جا خزانا ڀريندا آھن.“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو، پڇيومانس: ”ميان ڊاڪٽر فِن! اسان وٽ تہ ائين ناھي ھوندو! اسان وٽ تہ پي ايڇ ڊي معنا پٿر تي ليڪو، پي ايڇ ڊي معنا الھامي ٺپو، اوھان جيڪي ڳالهيون ٻڌايو پيا اھي تہ اڪاناميءَ جي اک سان سماجي ڪارج آڌار پيا ٻڌايو!“ تنھن تي ھمراھ صفا ھٿن مان نڪري ويو. کوڙ ڳالهيون ڪيائين پر ھڪ ڳالهہ جيڪا ھن ڪئي تنھن مونکي صفا ڇرڪائي ڇڏيو. چئي پيو: ”ھڪ پي ايڇ ڊي اسڪالر ٿيڻ لاءِ سندس ذاتي خرچ کان به وڏو خرچ رياست جو ايندو آھي جيڪو سرمايو سمورن ماڻهن جو ھوندو آھي، جيڪڏھن اھو پيداواري نہ ٿو ٿئي تہ پڪ سمجهو اھو قوم آڏو ڏوھاري ئي ٿيندو “ ۽ ھاڻي مون کي مٿي وفاقي وزير خواجا محمد آصف جا لفظ تري ٿا اچن، جنھن ۾ ھو ٻڌائي پيو تہ اسان، اوھان ۽ سڀني جي ٽيڪسن جي پئسن مان ھر سال ٻہ کرب چاليھ ارب رپيا ضايع ٿي وڃن ٿا. جيئن لوڙهي تي اٽو ھاري ڇڏجي، جنھن پئسي مان الائي ڪيتريون اسپتالون، اسڪول، روڊ رستا ٺھي سگهن ٿا تہ وري ٻي پاسي اسان جي پي ايڇ ڊيز جي گهڻائي ڊگريون وٺي سندي پگهار ۾ سٺو الائونس تہ وٺن ٿا الائي نہ، پر پنھنجي تحقيقي ميدان کي ڇڏي شعر شاعريءَ جي ميدانن ۾ گهوڙا پيا ڊوڙائين، جن کي پنھنجي ڪيل تحقيق تي ڊگري وٺڻ کان پوءِ سگهارو ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪي سماج کي پنھنجي علمي ميدانن آڌار ڪي نوان گس ڏين پر درگاھي پيرن ميرن جيان ڊگريءَ جي لٺ ٺاھيو ٻين کي پيا ھڻن. جڏھن تہ اھي سڀ اسان سڀني جي ئي ڏنل ٽئڪسن آڌار پڙهي ڏگهہ ٿيندا آھن. اڪثر سوچيندو آھيان تہ ان “ڪرپشن” کي ڪھڙو نالو ڏجي؟



