سنڌي ٻوليءَ کي عالمگير ٻولي ڪرڻ لاءِ پنجابي ٻوليءَ جو ماڊل سمجهڻو پوندو

انساني تھذيب ۽ تمدن جي ڊگهي سفر ۾ انساني ٻولي رڳو ڳالهائڻ جو وسيلو ناھي رهي، پر اھا ھزارين سالن جي انساني شعور، ڏاھپ ڀريل تاريخي يادن، فڪري ارتقا ۽ قومي سڃاڻپ جو اھڙو بڻيادي ٿنڀو رهي آھي، جنھن کان سواءِ ڪنھن بہ سماج جي وجود کي مڪمل طور سمجهي نہ ٿو سگهجي. جڏهن انسانُ غارن مان نڪري تھذيبن جي اڏاوت ڏانھن وڌيو، تڏهن ٻولي ئي اھا سگهاري قوت ھئي، جنھن کيس پنھنجي تجربن، احساسن ۽ علم کي ايندڙ نسلن تائين پھچائڻ جو وسيلو بڻيو. پر اڄ جي جديد دور ۾، جڏهن دنيا ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مشيني ذھانت جي دور ۾ داخل ٿي چڪي آھي، ان وقت انساني ٻوليءَ جي حيثيت ھڪ بلڪل نئين نرالي دنيا ۾ داخل ٿي وئي آھي. ھاڻي ٻولي صرف ادب يا ثقافت جي حدن تائين نہ پر اھا ڄاڻ، ھزارين انسانن جي ڄاڻُن، ڏاھپن کي ھڪ جديد تاڃي پيٽي ۽ مشيني سکيائن جي سرشتن يعني روبوٽن جي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ ۽ پنھنجي بھترين آئيندي لاءِ جدوجھد ڪري رهي آھي.
اھڙي پسمنظر ۾ پاڻ جي پاڙيسرياڻي پنجابي ٻوليءَ کي ڏسجي تہ پاڻ وٽ ھڪ ”مثال“ طور اڀري رھي آھي. پنجابي، جيڪا تاريخي طور تي برصغير جي پنجاب خطي سان لاڳاپيل آھي، اڄڪلهہ جي ھن انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ واري دنيا جي وڏين ٻولين مان ھڪ اھم ٻوليءَ سمان اڀري رھي آھي. مختلف لسانياتي تحقيقن ۽ عالمي انگن اکرن آڌار پنجابي ڳالهائيندڙن جو انگ، لڳ ڀڳ 120 کان 150 ملين جي وچ ۾ آھي، جيڪو انگ ھن ٻوليءَ کي دنيا جي اڳڀرين ڏهن ٻولين ۾ شامل ڪري ٿو. پر جيڪڏھن چتائي ڏسجي تہ پنجابي ٻوليءَ جي اصل طاقت صرف ان جي ڳالهائيندڙن جي ان انگ سان نہ پر ھن جي ڳالهائيندڙ، جيڪي پوري دنيا ۾ رھندڙ لڳ ڀڳ 30 ملين کان وڌيڪ ماڻهن جي حڪمت عملين تي مشتمل آھي جيڪي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ استعمال ٿيندي سگهاري قوت ۾ اظھار ڪن ٿيون.
اوھان پاڻ ڏسو تہ ڪينيڊا، برطانيا، آمريڪا ۽ آسٽريليا جھڙن ملڪن ۾ پنجابي (سِک) ڪميونٽي نہ رڳو پنھنجي معاشي حيثيت ۾ مضبوط آھي، پر پنھنجي ثقافتي ۽ لساني سڃاڻپ کي بہ انتھائي ڏاھپ واري انداز ۾ سانڍي رکيو آھي. ڪينيڊا جي شھرن برامپٽن (Brampton) ۽ سري (Surrey) ۾ پنجابي ٻولي ھر روز اٿ ويھ جي زندگيءَ جو اھم حصو بڻجي چڪي آھي، جتي نہ صرف سِکن جي گردوارن ۾ پنجابي پڙهائي وڃي ٿي، پر ڪاروباري، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ بہ ان جو جهجهو استعمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ساڳي نموني سان برطانيا ۾ بہ پنجابي سِک برادري پنھنجي ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ واڌاري لاءِ ڀرپور نموني سان ۽ سياڻپ واري انداز ۾ ڪوششون ڪري رهي آھي.
پنجابي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ ۾ ھڪ ٻي بہ اھم ڳالهہ جيڪا اسان بہ ڏسي رھيا آھيون اھا آھي ان تي معاشي سيڙپ! جنھن ۾ سڀ کان وڏو حصو ڀارت کان ٻاھر رھندڙ سِکن جي مالي ۽ ادارتي سطح تي سيڙپڪاري آھي. انتھائي اعتبار جوڳن ذريعن آڌار ۽ ٻين پڪين رپورٽن موجب پنجابي سک برادري ھر سال سوين ملين ڊالر ثقافتي پروگرامن، تعليمي ادارن ۽ ميڊيا پليٽفارمن تي خرچ ڪري رھي آھي. اسان جيڪو محسوس ڪيو آھي تہ ھن گلولائيزيشن واري دور ۾ ھيءَ سيڙپڪاري ڪنھن بہ رياستي پاليسيءَ کان وڌيڪ سگهاري نموني سان اثرائتي ثابت ٿي آھي، ڇو تہ اھا سڌيءَ ريت ڪميونٽيءَ جي ضرورتن ۽ گهرجن مطابق آھي. پنجابي موسيقي ۽ فلمي صنعت، جيڪا ھاڻي بالي ووڊ کان ٻاھر نڪري عالمي سطح تي مشھور ۽ مقبول ٿي چڪي آھي، سا پڻ پنجابي ٻوليءَ جي ڦھلاءَ واري ھن عمل ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رهي آھي. پنجابي گانن جا وڊيوز يوٽيوب تي اربين درشن (views) حاصل ڪري چڪا آھن، جيڪي نہ صرف پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ تفريح جو ذريعو ثابت ٿيا آھن، پر پنجابي ٻوليءَ جي عالمي سڃاڻپ جو بہ اھم وسيلو بڻجي رھيا آھن.
اسان ھڪ ڳالهہ کي ڪافي ڏينھن کان محسوس ڪري رھيا آھيون تہ ڊجيٽل دنيا ۾ پنجابي ٻوليءَ جو اُڀار اھم ۽ انقلابي اڳڀرائي طور اڀري رھيو آھي. اوھان پاڻ بہ ڀانيو ھوندو تہ سماجي نيٽورڪن جي پليٽفارمن، خاص ڪري يوٽيوب، ٽڪ ٽاڪ ۽ فيس بڪ، پنجابي ٻوليءَ کي ھڪ نئين جيوتا ڏني آھي. پوري دنيا مان پنجابي ٻوليءَ ۾ مواد ٺاھيندڙن (Content creators) جو تعداد ھزارن ۾ ٿيندو پيو وڃي، جڏهن تہ ڪيترن چينلن جا سبسڪرائبرز پڻ ڪيئي ڪروڙن ۾ آھن. گوگل جي مارڪيٽنگ سروي مطابق رڳو گذريل پنجن سالن دوران پنجابي ڊجيٽل مواد جو موجودہ ڊجيٽل مارڪيٽ ھڪ محتاط اندازي موجب 500 ملين ڊالرن کان وڌيڪ ٿيو آھي، جڏهن تہ ان جي سالياني واڌ جي شرح 30 کان 35 سيڪڙو جي وچ ۾ آھي. ھي انگ اکر چٽائيءَ سان ٻڌائين ٿا تہ پنجابي ٻولي ڪن خاص ملڪن ۾ رڳو ثقافتي وسيلو ئي نہ پر ھڪ اقتصادي طاقت ۾ پڻ تبديل ٿيندي پئي وڃي.
مشيني ذھانت جي دنيا ۾ ھڪ شاگرد جي حيثيت ۾ گذريل پندرھن سالن کان ڪم ڪندي مان محسوس ڪيو آھي تہ پنجابي ٻولي، ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ وڌندي پئي وڃي جيڪو مون کي ڀلو سئوڻ لڳندو آھي. ڀارت ۾ استعمال ٿيندڙ پنجابي ٻوليءَ لاءِ گُرمکي رسم الخط لاءِ تہ مڪمل يونيڪوڊ جي مدد، موبائل ڪيبورڊ ۽ ڊجيٽل پليٽفارمن ۾ پنجابي ٻوليءَ کي ڏينھون ڏينھن جي ڊجيٽل استعمال لاءِ آسان بڻائي ڇڏيو آھي. پر ان سان گڏ، ھاڻي اُتي مصنوعي ذھانت جي ميدان ۾ بہ پنجابي ٻوليءَ لاءِ اھم ڪم پڻ ٿي رهيو آھي. نيچرل لينگويج پروسيسنگ لاءِ ڊيٽا سيٽ، ڳالهائڻ واري ٽيڪنالاجيءَ ۾ استعمال ٿيندڙ اسپيچ ماڊل، ۽ پنجابي گرمکي اکرن کي سڃاڻپ ڪندڙ مشيني سڃاڻپ ڪندڙ اوزار (جھڙوڪ او سي آر وغيرہ) ھن دور جي ٽيڪنالاجيءَ ذريعي پنجابي ڪتابن جي ڊجيٽائيزيشن جھڙا قدم ھن ٻوليءَ کي آئيندي وارين تقاضائن سان ڀليءَ ريت ڳنڍي رهيا آھن.
پنجابي ٻوليءَ جي انجڻڪاريءَ لاءِ گهربل مواد ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ ڀارت سرڪار واري پنجاب رياست جي پٽيالا شھر ۾ ”پنجابي يونيورسٽي پٽيالا“ اندر سرڪاري سطح تي ”ريسرچ سينٽر فار پنجابي لئنگئيج ٽيڪنالاجي“ سان گڏ امرتسر ۾ ”گرونانڪ ڊيو انسٽيٽيوٽ“ ۾ پنجابي ٻوليءَ جي لئنگئيج انجنيئرنگ تي سرڪاري سطح تي تمام وڏو ڪم ٿي رھيو آھي پر انهن ادارن کان وڌيڪ اتر آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ ”اڪيڊمي آف دي پنجاب ان نارٿ آمريڪا“ (اپنا) ۽ ”پنجابي لئنگئيج ايجوڪيشن ايسوسيئيشن (پليا) سان گڏ انفرادي طور تي مختلف گروپن جا پروجيڪٽ پڻ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري رھيا آھن جيڪي گهڻو ڪري تہ غير روايتي طريقا استعمال ڪندي، پنجابي ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙ انجنيئرن، ولاگرن پوءِ ڀلي اھي ڪھڙي بہ ملڪ جا ڇونہ ھجن تن کي مالي تعاون ڏئي پنجابي ٻوليءَ کي ڦھلائي رھيا آھن. اھا ڳالهہ اسان کي گذريل ٽن سالن کان دل ۾ ايندي رھي ھئي پر جڏھن گذريل سال فيصل آبادي ھڪ يوٽيوبر سان منھنجي ملاقات ٿي ھئي. ھُو مون کي ڪنھن ٻئي ناتي سان سڃاڻي رھيو ھئو. اسان جي ڪچھريءَ ۾ لائلپوري ڪجهہ اديب ۽ دانشور پڻ موجود ھئا ۽ ڪچھريءَ جو مکيہ موضوع پنجابي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اھڙن لفظن تي ھئو جيڪي ھڪجھڙا ھئا يا جن ۾ آوازن جي ھلڪي ورڇ ھئي. اھو يوٽيوبر مزاحيہ ولاگ ٺاھي جام شھرت ماڻي چڪو آھي ۽ ھن جي چاھيندڙن ۾ وڏو انگ سک پنجابين جو آھي. ان ئي ڪچھريءَ ۾ مون کي انڪشاف ٿيو تہ ھن جي مالي طور مڪمل سھائتا يوٽيوب جي آمدني گهٽ پر ٻاھر رھندڙ پنجابي سک ڪندا آھن. (جيڪا ڳالهہ منھنجي لاءِ بلڪل ڇرڪائيندڙ ھئي.)
اسان کي بعد ۾ ”اپنا آرگ“ ۽ اسان جي قلندر مزاج سک دوست سڌانت ھٿان خبر پئي تہ پنجابي ٻولي، پوءِ ڀلي اھا شاھمکي اسڪرپٽ ۾ ھجي يا گرمکيءَ ۾ ان جي وڊيوز جا اکرن ۾ ڪمپوز ڪندڙ ۽ انهن جون ٽيمون آمريڪا، آسٽريليا، جرمني، ماسڪو، پاڪستان، ڀارت سان گڏ الائي ڪيترن ملڪن ۾ ويٺا آھن جن کي مٿيان ادارا پئسا ڏين ٿا، جن جي بدلي اھي يوٽيوٽ جي پنجابي وڊيوز کي آڊيو ۾ ڪمپوز ڪري، جملي جملي آڌار لکتون ڪري وڏو ڊيٽا ڪارپس تيار ڪن ٿا. (اھو ئي سبب آھي جو ھاڻي گوگل پروڊڪٽن ۾ پنجابي ٻولي پڻ معيشتي ٻولين جي قطار ۾ اچي وئي آھي.)
پنجابي ٻوليءَ جي واڌ ويجهہ ۽ حڪمت عملين جي ابتڙ، پاڻ واري سنڌي ٻولي، جيڪا پنھنجي تاريخي عظمت ۽ ادبي ميراث جي لحاظ کان ڪنھن بہ ٻوليءَ کان گهٽ ناھي پر سچ اھو آھي تہ تمام وڏو مقام رکي ٿي سا، نھايت افسوس سان چوڻو پئجي ٿو تہ اڃا تائين ڊجيٽل دنيا ۾ پنھنجي مڪمل صلاحيت سان ھر پروگرام ۾ پنھنجو ڪنڌ اُڀو ڪري بيھڻ ۾ اڃا بڻيادي ھٿوراڙيون ھڻي رھي آھي. سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ لڳ ڀڳ 40 کان 45 ملين آھي، پر سندن ٻوليءَ جي ڊجيٽل موجودگي سچ بہ تہ نھايت ئي ٿوري آھي. ڀلا اھو سچ چونہ چئجي تہ پاڪستان کان ٻاھر ويٺل سنڌي، پنجابين جي مقابلي ۾ ھڪٻئي سان تمام گهٽ ڳنڍيل آھن، جيڪڏھن آھن بہ تہ اھي گهڻو تڻو ڊجيٽل اڻپڙھيل آھن، جنھن جي ڪري اھي پتڪڙن پروگرامن کي ڏسي واھ واھ ۾ ئي پورا آھن يا ڪو سنڌي ٻوليءَ کي تدريسي، تعليمي ۽ ثقافتي قد ڪاٺ ڏيارڻ ۾ ناڪام ويا آھن. حالت اھا آھي تہ ھو اڃا لنڊن، آمريڪا، ڪئنيڊا ۾ ننڍڙي پئماني تي ڪو ڪلچرل سينٽر ناھن قائم ڪري سگهيا، ڪو سنڌي ڪميونٽي ٽائون ناھي تعمير ڪري سگهيا. اھي اتي جي تعليمي محڪمن سان لڳ لاڳاپا قائم ڪري سنڌ حڪومت جي تعليم واري ڊپارٽمينٽ سان ھڪ ڪرو ڪرڻ جھڙو ڪو عاليشان ڪم ناھن ڪري سگهيا. ھر سال اھي ھڪ ٻہ پروگرام ضرور ڪرائين ٿا پر اھي سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي بس ناچ گانن تائين محدود سمجهي رھيا آھن. بقول ادي زبيدہ ميتلو جي تہ اسان جي ٻاھر تنظيمن وٽ سنڌي ٻولي ترجيح ناھي پر اھي پاڻ چون ٿا تہ اھي سياسي تحريڪون آھن. ھاڻي اھڙن سببن جي ڪري ئي سنڌي ٻوليءَ جي عالمي ڦھلاءَ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون آھن. سوشل ميڊيا تي سنڌي مواد جي کوٽ، ۽ مصنوعي ذھانت لاءِ ضروري ڊيٽا جي ٿورائپ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل لاءِ اھم چنوتيون آھن.
چتائي ڏسجي تہ سنڌي ٻوليءَ کي جديد تقاضائن سان ملائڻ لاءِ اصل مسئلو وسيلن جي کوٽ سان گڏ حڪمت عملين جي کوٽ وڏو مسئلو آھي. پنجابي ڪميونٽي پنھنجي ٻوليءَ کي سندن سماجي معيشت، جديد ٽيڪنالاجيءَ ۽ ثقافت سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، جڏهن تہ پاڻ سنڌي اڃا تائين ٻوليءَ واري مامري ۾ سگهاري حڪمت عمليءَ بدران جذباتي پڻي ۽ نعريبازيءَ تائين محدود رھيا آھن. ان ئي روش کي ڏسندي مختلف پروگرامن ۾ اسان منٿون ڪندا آھيون تہ جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي مستقبل ۾ زندہ ۽ متحرڪ رکڻو آھي، تہ ان کي جديد دنيا جي تقاضائن سان ھڪجھڙو ڪرڻ لازمي آھي، نہ وري ٺلهي نعري بازي! اسان وٽ ھر ماڻهوءَ جي ”مان مان“ (مان ھي ڦاڙھا ماريا، يا ڦلاڻو ھيرو وغيرہ) يا اھڙا راڳ يا نعريبازيون، يا وري اسان ھر ھنڌ ھڪ عجيب نعرو ”سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي“ ھڻي اڻ ٿيڻي تي وقت برباد ڪري رھيا آھيون. ڇوتہ ايمانداريءَ سان ڏسجي ۽ چئجي تہ پاڻ جي ملڪ ۾ ممڪن ئي ناھي ڇاڪاڻ تہ اسان جو ملڪ ٻہ قومي نظريي تي ٺھيو ۽ بيٺل آھي يعني برصغير ۾ رڳو ٻہ قومون رھن ٿيون ھڪڙا ھندو ۽ ٻيا مسلمان ۽ مسلمان ھڪ قوم آھن ۽ سندن قومي ٻولي رڳو اڙدو آھي، اھو ئي سبب آھي جو ان ئي ٻوليءَ جي مسئلي تي ڪالهہ بنگال جدا ٿي ويو، سو ھتي قومي ٻولي صرف ھڪ اردو آھي باقي آھن علائقائي ٻوليون! ھا پر سنڌ صوبو ارڙهين ترميم کانپوءِ ان درجي تي فائز آھي جو ھو چاھي تہ سڄي ملڪ جي دفتري، تدريسي ۽ مارڪيٽ جو ٻولي اردوءَ سان گڏ سنڌي ڪري سگهي ٿو.
سو دوستو! ھڪ ڀيرو وري بہ سمجهي ڇڏيو تہ سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي کي مضبوط رکڻ لاءِ سڀ کان اھم ڪم ڊجيٽل مواد جي واڌ آھي. اسان سڀني وٽ اسان جي نوجوان نسل کي سنڌي ٻوليءَ ۾ مواد ٺاھڻ لاءِ ھمٿائڻ ۽ ان کي اقتصادي فائدي سان ڳنڍڻ، ھڪ بنياد حڪمت عملي اولين گهرج ھجڻ گهرجي. ٿورو سوچيو! جيڪڏهن ھر سال ھزارين سنڌي مواد ٺاھيندڙ نوجوان تيار ڪيا وڃن، ھڪ منظم نموني سان سنڌي پروگرام يعني پوڊڪاسٽ، ولاگ، انٽرويوز، يعني سمورو سنڌي مواد يوٽيوب يا فيس بڪ جھڙن چئنلن تي رکيو وڃي ۽ انهن کي وڌ کان وڌ ڏٺو وڃي، مارڪيٽنگ ۾ سنڌ سرڪار صنعتي ادارن مٿان زور رکي تہ جيئن اھي ڊجيٽل اشتھارن ۾ ”سنڌي“ ٻوليءَ بابت پڻ زور ڏين تہ اسان جي اشتھارن جا سنڌي ڏسندڙ پڻ آھن، تن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو آپشن پڻ رکيو وڃي، ان سان گڏ وري سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ سنڌ حڪومت جي طاقت استعمال ڪندي مارڪيٽ ۾ ڪاھي پون تہ ڪجهہ ئي سالن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل نمائندگي ۽ ان جي پٺڀرائيءَ ۾ نمايان واڌ ٿي سگهي ٿي. تڏھن ئي ممڪن ٿي سگهندو تہ سنڌي مواد ڊجيٽل مارڪيٽ ۾ بہ پنھنجي جڳھ والاري سگهي! جيڪا وک مستقبل ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ۽ مواد تخليق ڪرڻ لوارن لاءِ ملين ڊالرن جي معيشت پڻ بڻجي سگهندي.
ان ئي سلسلي ۾ وري مشيني ذھانت جي مختلف پليٽ فارمن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ھڪ نئين پاسي کان ڪم ڪرڻ بہ انتھائي ضروري آھي. يعني ھن ٻوليءَ تي ڪروڙين رپين جي لاڳت، حڪومت سان گڏ ٻاھر رھندڙ سنڌين مٿان واجب بہ آھي، تہ جيئن وڏي پيماني تي ٽيڪسٽ ڪارپس، سنڌي آوازن جي ڊيٽا ۽ برڙباڪاس ”او سي آر“ پروگرامن جي ذريعي سنڌي ڪتابن جي ڊجيٽائيزيشن، سنڌي ٻوليءَ کي مشيني ذھانت جي دنيا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ اھم وکون آھن. ياد رکو ھيءَ سنڌي ٻولي آھي جيڪا دنيا جي ھڙني ٻولين ۾ پنھنجو نرالو ڍنگ رکي ٿي يعني ھر لفظ جو آخري آواز متحرڪ رکي ان لفظ جو انگ، جنس ۽ مقام ٻڌائيندي آھي.
مثال: ”ھي ڦلاڻي جو گهرُ آھي“ (ھتي گهر عدد واحد طور اسم آھي). ھي ڦلاڻن جا گهرَ آھن. (ھتي گهرَ عدد جمع طور اسم آھي). ڦلاڻو گهرِ آھي. (ھاڻي ھتي اسم گهر لفظ اسم تہ آھي ئي پر زير ملائڻ سان حرف جر پڻ ٿيل آھي يعني ”ڦلاڻي“ جي جڳھ پڻ ٻڌائي ٿو.) ۽ دوستو! سنڌي ٻوليءَ جي ھيءَ خاصيت ھتي ٻين ڪھڙين ٻولين ۾ آھي؟ ڪنھن ۾ بہ ناھي. سو پاڻ واريءَ ٻولي کي آواز جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ آڻڻ لاءِ لکين ڪروڙين ٻول رڪارڊ ڪرڻا پوندا، ھڙني لھجن سوڌي، ۽ ھر لفظ جي آواز سان لکت ۾ ٽوڪن پڻ ٺھندو. (ٽوڪن ائين سمجهو جيئن دڪانن تي رکيل ٻورين يا سامانن مٿان انهن جي قيمت يا ان جو نالو لکيل ھڪ اسٽڪر تي لڳل ھوندو آھي اھو اصل ۾ ان ٻوريءَ يا وکر جو ٽوڪن ئي ھوندو آھي) ٺيڪ ائين ئي سنڌي ٻوليءَ سڀني لفظن، جملن ۽ بيھڪن وارين جڳھن جا ٽوڪن ٺھندا. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت ھڪ عاليشان ڪم تہ ڪيو آھي جيڪو حيدرآباد ۾ قائم عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو، ۽ اھا ڳالهہ لکندي پڻ ڪو وڌاءُ محسوس نہ ٿو ٿئي تہ بلڪل نہ برابر (يعني رڳو يارھن ملين پوري سال لاءِ ) بجيٽ ھوندي، ھن اداري انتھائي مثالي ڪم ڪيا آھن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مصنوعي ذھانت جي مختلف سرشتن ۾ داخل ڪرائڻ، ڊيٽا ماڊلن کي ترتيب ڏئي وڏن ادارن کي موڪلڻ، مختلف ٽولز ٺاھڻ، ڀٽائيپيڊيا جھڙو عالمگير رسرچ پورٽل ٺاھڻ. پر ڇا اھو ئي سڀڪجهہ آھي يا اڃا ”او ڪو ٻيو فھم جنھن سان پسين پرينءَ کي“ جي مصداق ڪي وڏا ڪم ڪرڻا آھن؟
ٿورو سوچيو! ھڪ اھڙي اداري جنھن مٿان سنڌي ٻوليءَ کي جديد ۽ ايندڙ ٽيڪنالاجين ۾ داخل ڪرائڻو آھي تہ جيئن ھزارين سالن جي ھيءَ قديم ٻولي پنھنجي پوري قد بت سان گڏ دنيا کي ٻڌائي سگهي تہ ”مان ڇا آھيان؟“ ۽ جنھن جي جواب ملڻ سان اڪيڊميا جي دنيا ۾ لسانيات جا نوان باب کلي وڃن پر ان جي سرڪاري بجيٽ ڪيتري آھي؟ ڪُل يارھن ملين رپيا پوري سال جا!! يعني جنھن رقم سان ھڪ اعلیٰ قسم جو اھڙو ڪمپيوٽنگ سرشتو پڻ خريد نہ ٿو ڪري سگهجي جنھن ۾ سنڌي آوازن جي تربيت ٿي سگهي؟ جنھن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ ننڍڙو ڊيٽا سرور ٺھي سگهي!
سنڌ ۾ مختلف جڳھن تي انفرادي طور ڪافي نوجوان سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڪمپيوٽيشنل لسانيات تي ڪم تہ ڪري رھيا آھن پر انهن وٽ مھانگي قسم جي سرورن ۽ گرافڪ پروسيسرن وارن بھترين ڪمپيوٽرن جي کوٽ آھي، ان سان گڏ اُھي مشيني ذھانت جي مختلف ماڊلن تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڳريون فيسون نہ ٿا ڀري سگهن، پر ھن قسم جا انسٽيٽيوٽ کين مالي سھائتا ڪن بہ تہ ڪيئن ڪن؟ مان تہ ائين چوندو آھيان تہ ”ھجي ڪا خطير بجيٽ تہ شايد موھن جي دڙي جي اکرن جي پڻ ڀاڃ ممڪن ٿي سگهي.
پر ڇا ڪنھن اداري وٽ ان بابت ڪا حڪمت عملي آھي؟
ڇا پوري دنيا ۾ رھندڙ سنڌين جي مختلف تنظيمن جي دماغن ۾ ھيءَ اھم ترين ايجنڊا آھي؟
يارو! ياد رکي ڇڏيو تہ جيڪڏهن ڪا ٻولي مشيني ذھانت ۾ شامل نہ ٿيندي، تہ اھا مستقبل ۾ پنھنجي اھميت وڃائي ويھندي ۽ تڪڙو مري ويندي. ان خطري کي ٽارڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي ھن ميدان ۾ وسيع پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي.
تازو عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ وچ ۾ ھڪ ٺاھ ٿيو آھي، جنھن جو مکيہ مقصد آوازي ٽيڪنالاجيءَ ۾ سنڌي ٻولي آڻڻ آھي. ان ٺاھ تحت انسٽيٽيوٽ پاران اڳ ۾ رڪارڊ ڪرايل ٽيھ ھزار ٽوڪن ۽ گڏيل ڪوششن جي ڪري ٺھيل لڳ ڀڳ ويھ ھزار ٽوڪنن جي سرشتيڪاريءَ سبب جيڪو نتيجو مليو آھي، تہ اھو پروگرام ۾ چيل جملن جي لڳ ڀڳ سٺ سيڪڙو تُز لکت ڪري ٿو. پر ياد رکو، جيئن جيئن اسڪور مٿي چڙھندو ويندو تيئن تيئن اھو ڍرو ٿيندو ويندو. يعني سڀاڻي جيڪڏھن ھڪ لک جملن جا ٽوڪن تيار ڪياسين تہ سٺ سيڪڙي مان ممڪن آھي پنجھٺ سيڪڙو ٿئي. ڏھ لک جملن تي ٻہ کن سيڪڙو وڌندو. مطلب اسان جي ٽارگيٽ ۾ چوئيتاليھ ملين ٽوڪنن جو نتيجو وڃي ڪو نوي سيڪڙو ڏئي تہ ڏئي! يعني تمام گهڻو ڪم ڪرڻو آھي. (جيڪو اوس اسان سڀني کي ڪري رھڻو آھي)
سنڌي ٻوليءَ جي جديد آبياريءَ لاءِ ڪجهہ مخلص دوستن جو ھڪ پراڻو سٿ نالي ”سنڌ سلامت“ بہ موجود آھي جيڪي مستقل مزاجيءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽل شڪل ڏيندي جيڪو آن لائين آڻيندا پيا وڃن تنھن لاءِ ھو کيرُون لھڻن، ساڻ ساڻ سنڌ سلامت وارا دوست سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٻيا انيڪ منصوبا پڻ جوڙي چڪا ۽ رھيا آھن، ساڳيءَ ريت وري ثقافت کاتي جي ئي فنڊنگ ۽ ائڪٽ آڌار ڄامشوري ۾ قائم ”ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ“ پڻ پي ڊي ايف ڪتابن جو جهجهو ڳاڻيٽو آن لائين رکي چڪو آھي، جيڪا ڳالهہ سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي لاءِ بڻيادي سِرن جيان ھوندي. پر مصيبت آھي تہ ان انسٽيٽيوٽ وٽ جديد دور جي حساب سان خواب تہ ڀلا آھن پر کين ٽيڪنيڪل ڄاڻ گهٽ آھي تہ ڪھڙي ڊيٽا ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني سان آن لائين رکجي؟ سادي ڳالهہ تہ ھاڻي سرچ انجڻين جو زمانو موڪلائي رھيو آھي ھاڻي مصنوعي ذھانت آڌار خودڪار جواب ڏيڻ واري مشيني سرشتن جو دور آھي. جنھن کي ھاڻي ”آنسر انجڻ آپٽيمائيزيشن“ (Answer Engine Optimization) جو نالو ڏنو ويو آھي. ان سرشتي کي سمجهڻ لاءِ ائين سمجهو تہ اڳ اوھان گوگل کان ڪو سوال پڇندا ھئا تہ گوگل اوھان کي لاڳاپيل ويب سائيٽن جي لسٽ ڏيندي ھئي، پر ھاڻي جديد سرشتي جي ڪري گوگل ويب سائيٽن تي ڏنل مواد مان اوھان جي سوال جو جواب تيار ڪري سڀ کان پھريون اھو ڏئي ٿي بعد ۾ ويبسائيٽن جون لنڪون! سو ان نئين سرشت ۾ اسان جي ڪتابن جي ڄاڻ ڪيئن ڪم ڪندي؟ تنھن بابت رڳو ھڪ ئي جواب تہ بابا وڏو ”او سي آر“ ئي منھنجي خيال ۾ ڪافي ناھي، پر او سي آر سان گڏ وڏي ماڊل ٺاھڻ جي ضرورت آھي.
ھلندي ھلندي اسان وٽ ڪجهہ اُگريون رڪاوٽون اڃان ٻيون پڻ آھن جن کي جيڪڏھن ھتي شامل نہ ڪجي تہ شايد انصاف نہ ٿيندو. اھو آھي اسان وٽ ڊجيٽل اڻپڙھيلائپ (Digital illiteracy)، يعني اسان سنڌ ۾ رھندڙ ئي نہ پر ٻاھر رھندڙ وڏن وڏن عھدن تي ويٺل سنڌي پڻ سنڌي ٻوليءَ جي ”انجنيئرنگ“ کان اڻ واقف آھن. ھاڻي ان سُڃ واري دور ۾ ھتي ”ھريڙ لڀي حڪيم ٿيڻ“ جي روايت پڻ عام جام ملي ٿي. يعني دوستن جو سٺو ڳاڻيٽو نج سندي ”واھ واھ“ ڪرائڻ ۾ مختلف پروگرامن ۾ پنھنجي ”مان مان“ ڪرائڻ جي چڪرن ۾ جڳاڙي نمونن جا پرائمري ۽ پروٽو ٽائپ ائپليڪشون ٺاھي وٺ وٺان ۾ لڳو پيو آھي. سندن ھاھاڪري ڏسندي اسان جا ميڊيا ھائوس وري ٻہ وکون صفا اڳتي اڪثر ڪري منفي خيالن جا ماڻهو، اجائي شوشا ڪلچر کي اڀاري، اصل ٿيندڙ ڪمن کي پڻ جھڙوڪ نندي رھيا آھن. ھاڻي (خاص ڪري سوشل ميڊيا جا موالي) اسان سنڌي ماڻهو شل نہ ڪنھن دوست وٽان لفظ ”گوگل“ يا ”مصنوعي ذھانت“ ۾ ”مان“ ھي ڪري ڇڏيو تہ ”سِڪڻيءَ کي پٽ ڄمڻ“ واري ڪيفيت ۾ چمي چمي کيس اھڙو ڪري ڇڏينداسين جو ھو اھو بہ ناھي سوچيندو تہ ھُن کي اڃا گهڻو پر تمام گهڻو اڳتي ڪم ڪرڻو آھي. پر ھُو ان ”ڦوشر“، ان ”واھ واھ“ ۽ پنھنجي ”مان مان“ ۾ اھڙو ڦاسي وڃي ٿو جو بس سندس فُل اسٽاپ لڳي وڃي ٿو. ھتي ڪو بہ نہ ڏسندو آھي تہ بابا ھي جيڪو نالي نھال ڪم ٿيو ان جو فائدو ڪنھن ڪنھن کي مليو آھي؟ ڪا ڪيس اسٽڊي؟ ان سان سنڌي معاشري سميت سنڌي ٻوليءَ کي عملي طور ڪھڙو فائدو مليو؟ ڪجهہ بہ نہ! اسان سامهون الائجي ڪيترا مثال موجود آھن، جو اسان انهن نالن سان رابطو ڪيو، کانئن تفصيل پڇيا، پوءِ خبر پئي تہ ھنن تہ سندن اھي نالي نھال پروگرام ظاھر ئي نہ ڪيا آھن. کين ايستائين پڻ چيوسين تہ اوھان سان ملاقات ڪجي، ادارو اوھان لاءِ ڇا ڪري سگهي ٿو پر سامهون ملندڙ جواب اھڙا مليا جو شديد اچرج لڳو. ان ھوندي بہ اسان جي ٻاھر رھندڙ سنڌين مٿين ٻڌايل ”ڊجيٽل اڻپڙھيلائپ“ جي ڪري ڪافي دوستن جي سٺي مدد ڪئي، ليپٽاپن سان گڏ آءِ فون موڪليا، پئسا وغيرہ. (جيڪا ڳالهہ سندن وڙ مطابق گهڻي ڀلي ليکبي)
پر سچ اھو آھي تہ سنڌ کان ٻاھر رھندڙ سنڌين کي ھن سلسلي ۾ گهڻو متحرڪ ڪرڻ ھڪ وڏي لاڀ وارو ڪم ٿي سگهندو. کين ھتي سنڌ اندر ٿيندڙ حقيقي پليٽفارم اک ۾ رکڻ گهرجن ۽ ھڪ انتھائي مضبوط حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، تنھن بعد ھُو پاڻ ۾ آن لائن پليٽفارمن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽل ترقيءَ ۾ شامل ٿين تہ اھو ڪم تمام گهڻو ڀلو ٿيندو. تڏھن ئي سنڌي ٻوليءَ جي آن لائن تعليم، ثقافتي پروگرامن ۽ ڊجيٽل نيٽ ورڪن ذريعي ھڪ عالمي سنڌي ڪميونٽي جوڙڻ ممڪن آھي.
ھتي ھڪ مثال نموني خاطر ڏجي ٿو، ”واڱڻائپ“ ناول جي ليکڪ مانواري ادي زبيدہ ميتلو جيڪا سنڌي ٻوليءَ لاءِ انتھائي مخلصيءَ واريون ڳڻتيون رکندي آھي ۽ چاھيندي آھي تہ لنڊن ۾ سنڌي ٻارن کي سرڪاري زبان انگريزيءَ سان گڏ سندن ابن ڏاڏن واري سنڌي ٻولي پڻ ائين ئي پڙھائي وڃي جيئن اتي پنجابي ٻار پنجابي ٻولي پڻ پڙھن ٿا. ھاڻي اھا خوبصورت آس رڳو مختلف پروگرامن جي اسٽيج تي نہ ٻڌائي وڃي پر ان کي پورو ڪرڻ لاءِ باقائدہ نموني سان ائين ئي ڪوششون ڪيون وڃن جيئن ٻاھر رھندڙ ڀارتي سِک پنجابين ڪالهہ ڪيون ھُيون، يعني انهن پنھنجي ملڪ جي تعليمي وزارت سان گڏجي نصاب تيار ڪيو، وري گورن جي ملڪ ۾ اھو نصاب منظور ڪرائي رائج ڪرايو. ھنن ڊجيٽل پليٽفارمن تي پنجابي ٻوليءَ جا مشيني چرپر ڪندڙ (3D Animated) وڊيوز ٺھرائي ٻارڙن کي ٽيبليٽن ۾ آڻي سرڪاري سرٽيفڪيٽ ڏيارڻ ۾ اڳڀرائي ڪئي. اڄ اھو ئي سبب آھي تہ ڀارت کان ٻاھر رھندڙ پنجابي، پنھنجي مادري ٻوليءَ سان گڏ سندِي ثقافت کي ٻاھرين ملڪن ۾ اتي جي معيشت طرف اڳتي وڌائي رھيا آھن. اھي ھاڻي روايتي ناچن ڀنگڙن مان آھستي آھستي اڳتي وڌي ثقافتي معيشت طرف ڦھلجي رھيا آھن. اڄ جيڪڏھن ھالي ووڊ موويءَ ”دي سمرفس“ ۾ پنجابي گاني جي مڪسنگ انگريزي سان گڏ پنجابي ٻوليءَ ۾ ھلي ٿي تہ ان عمل پويان سندن شاندار حڪمت عملي آھي.
سچ اھو آھي تہ اسان سنڌين وٽ پنھنجي مادري ٻوليءَ کي اڳتي آڻڻ لاءِ اڄ پنجابي ٻوليءَ جو عالمي اُڀار تمام وڏو سبق آھي. جيڪو ٻڌائي ٿو تہ ”انساني ٻولين“ جي بقا صرف انهن جي تاريخ يا ادب تي دارومدار نہ ٿي رکي، پر ان جي مستقبل سان ڳانڍاپي ۽ ڊجيٽل معيشت تي بيٺل آھي. سنڌي ٻوليءَ وٽ تاريخي عظمت، ادبي ورثو ۽ ثقافتي سڃاڻپ موجود آھي، پر ھاڻي ان کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، معاشي ماڊلن ۽ عالمي حڪمت عملين سان ڳنڍڻ انتھائي ضروري آھي.
مٿين ڊگهي مضمون جي آخر ۾ منھنجي اھا منٿ آھي تہ: ”ڪابہ انساني ٻولي پاڻ نہ بچندي آ، پر ان کي بچائڻو پوندو آھي، ان کي جديد دور سان ھڪ ڪرو ڪرڻو پوندو آھي ۽ ان کي مستقبل جي ٽيڪنالاجين سان ڳنڍڻو پوندو آھي.“ جيڪڏهن سنڌي ٻولي ھن جديد رستي تي ھلي پئي تہ پڪ سمجهجو اھا نہ صرف زندہ رهندي، پر عالمي سطح تي ھڪ طاقتور ۽ معاشي ٻولي بڻجي سگهي ٿي.