ڪجهہ ڪراچيءَ جي مھاجرن جي باري ۾

سڀ کان پھريون کين ڏٽا پوزيون ڏئي، پاڪستان ۾ آندو ويو، کين اهو چيو ويو تہ پاڻ جو حقيقي ملڪ هاڻي ٺهيو آهي، سو اٿو تہ ان طرف نڪري هلون. سماجياتي سائنس ۾ جيڪڏهن انهن جي اتي جي زندگي اوهان ڏسندا تہ اوهان کي خبر پئجي ويندي تہ اهي سنڌيءَ جي مثال جيان ائين ئي لڳا پيا هئا تہ ”رٺي اڳي ئي ويٺي هئي، ويتر آيس پيڪن جو نياپو.“
مٿان وري هتي لياقت علي خان کين پھرين نرگسيت واري سُتي پياري!
ڏسندي ڏسندي سنڌين جو ڏٺو تہ هي جمعو جمعو اٺ ڏينھن هاڻي آيا، جن کي هنن مانيون کارائي جايون ڏنيون انهن وري آپي شاهي ڪرڻ شروع ڪئي تہ کين مڪڙ مڪڙا ڪري سڏڻ شروع ڪيو!
اهو ئي الطاف حسين هئو جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ سپاف جي ليڊرن کي زور ڏيندو هئو.
اي پي ايم ايس او ٺھي، همراه ڦوشر ۾ اچي ويا، مٿان وري ٻي نرگسيت جو نانگ کين ڏنگي زهر منتقل ڪرڻ لڳو! هاڻي هو مھاجر قوم طور اڀرڻ لڳا. ايم قيو ايم ٺھي، ايجسين جو آشيراد، مٿان وري حرامخورين جون ٽيڪرون. جماعتين سان جهيڙا، پٺاڻن سان ويڙهاند، وري ٻروچن سان ڏي وٺ! دوستو هي وقت هئو جڏهن ڪراچيءَ ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ ۾ هڪ ايڊونچر پيدا پيو ٿئي ۽ اهو هڪ وقت آيو، ان جماعت جي آڏو وجودي بليڪ ميلنگ ۾ جڪي پيا، جيڪا بين الاقوامي مافيا بڻجي چڪي هئي.
اردو ڳالهائيندڙ هيٺين ۽ مڊل ڪلاس وٽ ڪوبہ آپشن نہ هئو، سواءِ ان جي تہ هو الطاف حسين جي هر جائز ناجائز ها ۾ ها ملائين ۽ نہ کي حرام سمجهن.
اڇا هيڏي وري اسان واري پاسي، اهو تہ سوچيو سين ئي ڪونہ تہ ڪراچيءَ کان وٺي ڪشمور تائين اسان صدين جا هت رهاڪو، بقول قومپرست نرگسيت جي ”مٽيءَ ڄاوا“ اصل ۾ اردو ڳالهائيندڙن کان وٺي هر ڌارئي جا وڏا ڀائر بہ آهيون، ڇوتہ ڳالهہ ڳچيءَ ڀلي پوي پر ڳالهہ گهر جي تہ آهي نہ!
ويتر ايم قيو ايم جي ڪري هر اردو ڳالهائيندڙ ماڻهوءَ سان فطري نفرت پالي ويهي رهيا سين، جناب ممتاز ڀٽو جي ٽيڪر تہ ”مڪڙن لاءِ سمنڊ ئي رستو آهي“ سو اسان ائين يقين ڪري ڇڏيو سين تہ اهي هتان ڀڄائي ڪڍنداسين… (جيڪا ڳالهہ صفا ناممڪن آهي) سو اٿندي ويھندي، جلسن جلوسن ۾ جن جو تازو مثال 23 مارچ تي ڪراچي جو عالمگير سنڌين جو جلسو جنھن ۾ چاڪيواڙي کان وٺي گرومندر تائين هر طرف سنڌين جو اٿاھ سمنڊ هئو، جتي پاڻ وارا يار اردو ڳالهائيندڙن جي دڪانن، گھرن، پاڙن اوڙن طرف اشارا ڪري رڙيون ڪري رهيا هئا تہ ”هر شھر ڪنھن جا؟ سنڌين جا، هي گهر ڪنھن جا؟ سنڌين جا؟ هي دڪان ڪنھن جا” سنڌين جا!“ سو منھنجا پيارا دوستو! اسان اڻ سڌيءَ طرح اردو ڳالهائيندڙن وٽ اهو نياپو ڏنوسين تہ اوهان هتي ڪجهہ ناهيو.. چور آهيو.. ڦورو آهيو، هي سڀ ڪجهہ اسان جو آهي.. جڏهن بہ وقت مليو، اوهان کي لتن سان ڪڍي ڦٽو ڪنداسين!
ڀلا اهڙي محروميءَ ۽ مايوسين جي غورابن ۾ اوهان عام اردو ڳالهائيندڙن وٽ ڪھڙي ريشنل سطح جي اميد ڪري سگهو ٿا؟
پليجي صاحب جي ڊاڪٽرائين ۾ تہ اهي اردو ڳالهائيندڙ صفا دهشتگرد آهن. (هڪ لوسي قسم جي جماعت جنھن ۾ بليڪ ميلنگ جي رستي سڄي ڪميونٽيءَ کي گاريون ملن) تہ منھنجا سهڻا ساٿيو! اهي هاڻي واقعي بہ نعرو مستانو هڻي بر ٿيا پيا آهن. وري بہ سوچيو.. سڀ سوچيو.. گهر جا وڏا آهيو. ڳالهہ ڏنڊي مان ڪونہ حل ٿيندي. سنڌين کي اردو ڳالهائيندڙن لاءِ لچڪ آڻڻي پوندي… جي نہ تہ؟
سمجهي وڃو!
گانڌيءَ ٻانھُون ٻڌي مسٽر محمد علي جيڻي کي چيو هو تہ ابا هي کڻ وزارتون، سنڀال ڀارت جي حڪومت… پر خدا جي واسطي ورهاڱو نہ ڪراءِ!
۽ جيڻو ائين ڪري ها.. پر نهروءَ ۽ پٽيل ضد ڪيو.. ۽ ان ضد جو نتيجو ڇا ٿيو؟
ڀارت ٽٽي پيو!