ڏکڻ ايشيائي ٻولين جي ٻجن تي ڪم ڪندي ڪندي اچانڪ مسٽر آندراس راجڪي جي لغت ”عربڪ اٽملاجيڪل ڊڪشنري“ تي پئي، جنھن ۾ ھن صاحب عربي ٻوليءَ جي لڳ ڀڳ 7758 ٻولن جي ٻجن تي ڪم ڪيو آھي جيڪا لغت 2002 ۾ ھن پڌري ڪئي. ان لغت ۾ ھي صاحب فرمائي ٿو تہ عربي ٻوليءَ ۾ لفظ ” قُبّة “ جيڪو پاڻ عام طرح سان قبو ڪري پڪاريندا آھيون اھو لفظ اصل ۾ انڊڪ آھي. جناب راجڪي صاحب لکي ٿو تہ:
“qubba : dome [qabw] Ind kuba, Per qobbe, Ser kube, Swa kuba, Tur kubbe borrowed from Ind.”
ھاڻي ھي صاحب تہ ٿيو تہ ٿيو ٻڍاپسٽ ھنگريءَ جو، جيڪو مشرق وسطائي جي ٻولين جو ماھر آھي، ھاڻي وري پاڻ ھتي پنھنجي ٻوليدانن جي سھيڙيل ٻولن ۾ ڏسون تہ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران سن 2007 ۾ ڊاڪٽر مدد علي قادري صاحب جي سھيڙيل لغت ”سنڌي ۽ عربي ٻولين جو لغوي ڳانڍاپو“ جي پھرين حصي ”سنڌي زبان ۾ آيل عربي لفظ“ جي صفحي نمبر 98 تي لکن ٿا تہ:
”قبو: (قبہ) گنبذ ج قبا.“
يعني ھي لفظ اصل ۾ عربيءَ مان ئي آيو.
ساڳي طرح وري ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جن بہ جامع سنڌي لغات ۾ قبي لفظ بابت لکن ٿا تہ: ” قُبو جمع قُبَا (ذ) (ع) ١. قبر مٿان اڏيل گول عمارت، گنبذ. روضو، مقبرو. (ث) قُبِي جمع قُبِيُون ٢. نار جي مٿين چڪري جو آرو ٣. آسمان جو هڪ تارو جيڪو وڇونءَ جي ڪُنڍي جي پويان اڀري.“
۽ اھا ڳالهہ بلڪل درست آھي تہ ”ق“ اکر جي ڪري اھو لفظ عربي ئي آھي، پر سوال اھو آھي تہ عربي ٻوليءَ ۾ اھو لفظ بہ ڪٿان آيو؟
ھاڻي اوھان مان جن جن بہ سيد سبط حسن جو ڪتاب ماضي ڪي مزار پڙھيو ھوندو تہ انهن سڀني دوستن کي خبر ھوندي تہ جڳھن جي ٺھڻ ۾ ڪماندار شڪل بابل ۽ مصري تھذيبن ۾ سنڌو تھذيب مان وئي. ھاڻي ڪڏھن شڪل بہ ھتان ئي وڃي ٿي تہ ان جو ٻول اتي ڪيئن ٺھيندو؟
مثال پاڻ وٽ جيپ گورن جي دور ۾ آئي، تہ لفظ جيپ بہ تہ اتان ئي ايندو نہ؟
ائين ئي جيڪڏھن ان گنبد جي شڪل ھتان ئي وئي آھي تہ ٻول بہ تہ اسان جو ”ڪُٻو“ کي کڄندو نہ؟ جيڪو ظاھر آھي عبراني يا عربيءَ ۾ آواز جي نہ ھجڻ ڪري قبو ٿيو آھي.
ھلندي ھلندي اھا منٿ رکندا ھلون تہ ھن ميدان ۾ سانئنسي بڻيادن تي کوج ھلي رھي آھي. اھو بہ ٿي سگهي ٿو تہ ھن وقت تائين جيڪي پيرا کڄي رھيا آھن انهن ۾ صفا ڪچائي ّاھر ٿئي ۽ اڳتي ھلي ڳالهہ اڃا ڪنھن ٻئي پاسي ھلي وڃي. پر ھن سمي تائين جيڪو ڪجهہ پرکيو ويو آھي اھو ھي آھي تہ ”اڃا ڳالهہ گهڻي ڳري آھي، جنھن کي اسان جي ٻوليدانن پنھنجي وس ۽ وت آڌار کنيو تہ آھي پر پراڻن اوزارن تي، کوجن جا جديد پاسا جن جي نفي ٿا ڪن. ان ئي سلسلي ۾ اھو لڳي ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ جو قدر ۽ قيمت اسان تمام ڪَسُ ۾ رکي آھي. ايتري ڪس ۾ جو ”پاڻ ڏوھٽي اڳ ۾ ڄڻائي آھي ۽ ناني بعد ۾.“




