ھن مھل مون کي غالب جو ھڪ شعر ياد پيو اچي تہ:
لرزتا ہے میرا دل، زحمتِ مہرِ درخشاں پر،
کہ میں ہوں وہ قطرہِ شبنم جو ہو خارِ بیاباں پر!
مون کي ڪاوڙ ڪروڌ، ڌڪار يا ڇتيون تنقيدون ڪڏھن بہ ڪمزور ناھن ڪري سگهنديون، ھا پر محبت! جيئن غالب چيو تہ منھنجي دل ڏڪي اُٿي ٿي، جڏھن محبتون ملنس ٿيون، جڏھن قرب جا ڪرڻا ان تي پون ٿا، ڇوتہ مان ڪنھن ريگستاني ٿوھر جي ڪَنڊي تي پيل ان ماڪ ڦڙي جيان آھيان جيڪو سج جي تِڙڪي پوڻ تي پنھنجي ھستي وڃائي ويھندو آھي!
پنھنجي پاڻ کي بہ گهڻو ڪري مان غالب جي ان بيت جيان ئي سمجهندو آھيان، ڇوتہ جڏھن مڻين محبتون ملن تڏھن انيڪ انومان اھي ئي ھوندا آھن تہ ھي منھنجو جيون ڇند ڇند ڇيديو پيو آھي، شايد مان اھي محبتون نہ سنڀالي سگهان ۽ مان انهن پرخلوص محبتن جي موٽ اھا نہ ڏئي سگهان (جيڪا واقعي بہ ناھيان ڏئي سگهيو) تہ سندو پاڻ ڪانئر لڳندو اٿم. ان ئي ڪري اوھان مان جيڪي دوست مُون کي ويجهو کان سُڃاڻينِ تن کي خبر آ تہ مان پھرين ڊسمبر کان اڳ ئي پنھنجو فون بند ڪري ڇڏيندو آھيان. ڪُنڊن ۾ لِڪندي اڪيلو ٿيڻ کي ترجيح ڏيندو آھيان. گهڻو ڪري روئي پوندو آھيان. خبر ناھي ڇو! الائي ڪھڙي اربع خطا ٿيل آھي جيڪا ويھڻ ئي نہ ٿي ڏئي!
اڄ سندي پاڻ کي چاليھ پنجيتاليھ سال پوئتي وٺي وڃان ٿو جڏھن پنھنجي بابا سان گڏ ھالا ڀرسان ڳوٺ غلام محمد لغاريءَ ۾ بي انتھا محبوب سڄڻن سانئين جي اوتاري تي ايندا ھئاسين. مان صفا ٻار ئي ھوندو ھئم، پر ھڪ شئي جيڪا ڪڏهوڪو ئي ڀانئين ورتي ھئي تہ منھنجي سنگت ھم عمر ساٿين سان نہ پر پاڻ کان وڏي عمر وارن سان گهڻي رھي. (جنھن کي ڀلا ڀاڳ ئي ڀائيندو آھيان) سو اتي انتھائي سادي مزاج واري پر مالڪ جي ٻاجهہ سان ٽٻٽار سائين لکاڏني شاھ جي صحبت نصيب ٿيندي ھئي. ڀلا وڙَ ڀائيندو آھيان جو مان رحمتن سان ڀريل ان ھنج ۾ پڻ ويٺم. ھڪ لڱا سائينءَ جن جڏھن خيرپور آيا تہ اتي سندس چيچ نصيب ٿي. اھي بابا لکي سائين جيڪي بابا کي چوندا ھئا: ”ادا حمزعلي! فياض بابا اسان جو آھي.“ شايد تن ڏينھن ۾ تہ گهڻي ڪل نہ پوندي ھئي پر جيئن جيئن وقت اڳتي وڌندو ويو، سائين ھن جھان مان لڏي مٿين منزل پاسي ويا تہ سندن اولاد سان وري نينھن جو ناتو رھيو. ناتو بہ اھڙو جو ڏينھان ڏينھن سندم پاڻ سندن ئي ڀاڱي جو ڀانيم. مان اڄ تائين ان اسرار کان اڄاڻ رھيو آھيان تہ ابدال ٻار ھئم تہ ھڪ سيد زاديءَ جي ٿڃ ملي. پرورش سيدن ۾ ٿي. اڳتي ھلي مان اھلبيتن جي ئي اڀل ھيٺ رھيم. ائين دنيا جھان گهمندو اڳتي وڌندو رھيم. منھنجي مٿي مٿان امڙ بابا سان گڏ ڪجهہ محبوب ھستين جا ھٿ رھيا. انهن ئي ھٿن ۾ بابا لکاڏني شاھ جو موڀي ۽ ڀلو روح بابا حيدر شاھ جانيءَ جو ساٿ اھڙي نموني سان رھيو جو ائين لڳندو آھي ڄڻ سندم ساھ ان ۾ ھجي.
ھُو آھي بہ تہ اھڙو نہ! جيڪو ٻين کي کارائي پيو لطف وٺي. ھن ھڻ ھڻان واري دور ۾، ٻين کي خوشين ڏيڻ، ميلا ڪرائي ماڻهو گڏڻ، محبتون ورهائي ڪدورتون ڪڍڻ ۾ مگن بابا حيدرجاني ائين لڳندو اٿم ڄڻ ڪور جي غفائن ۾ ڪو صديون ڄمار گذاريندڙ اھو وقت جي وٿين کان آجو وجود ھجي جيڪو يوحنا جيان مايوس سماج کي اميدون آڇي پيو چوي، بابا ھيڻا نہ ٿجو، اڀرائپ ڇڏي سڀرا ٿيو، اچڻ وارو اچيوَ ٿو!
۽ اڄ! مان سراپا حيرت ۾ آھيان جڏھن مان ستونجاھ سالن جو اچي ٿيو آھيان ۽ ٽيون ڏينھن کان تہ بابا حيدرجانيءَ جي صحبت ۾ رھيو آھيان. لڳو ائين اٿم تہ، منھنجي زندگيءَ جو ھي ستونجاھ ڪلاڪن جو سفر ئي اصل ۾ جھڙوڪ منھنجي زندگيءَ جو سڀاويڪ مُدو ھجي. جنھن ۾ بابا سائين حيدر جاني، سندس ڀاڳيو پٽ امير حيدر شاھ، سنگتي عامر نظاماڻي ھالا، دادو، لاڙڪاڻو وري ڳوٺ، جتان وري واپس ھالا ھڪ اپسرائي سفر ۾ گذريو آھي. ان ئي سفر اندر موري ۾ ھڪ ھنڌ ترسي ڪيڪ ڪٽيوسُون ۽ وچن ورجايوسُُون تہ ڪجهہ ڪري رھنداسين.
دوستو ھي پھريون ڀيرو آھي جو پنھنجي سالگرھ تي مان خوش ٿيو ھجان، اکين مان ڳوڙھا ضرور وھيا پر انيڪ خوشين جا، جو منھنجي ڄمار جي مٿين حصي جو پاسدار بابا حيدرجاني دعا ڪندي مون کي مرڪندو چوي ٿو: ”ڪڏھن نہ ڪوسو واءُ لڳندئي.“
۽ منھنجي پوري وجود ۾ ھڪ نئين شڪتي سرايت ڪندي وئي آھي. ائين ڀانيو اٿم تہ ھاڻي جيڪو اڃا گهڻو ڪرڻو آھي سو ڀلي نموني سان ڪري رھنداسين. پڪ ٿي وئي آھي تہ جن جا سڄڻ ايڏا اتم ھجن تن کي ڪھڙو لھر لوڏو!
او منھنجا محسن سانئيو! شل ھن حياتيءَ جا مُُول متا ڄاڻي پاڻ لاءِ، پاڻ سان سلھاڙيل فردن لاءِ، سندي قوم لاءِ ۽ پوري انسانذات لاءِ لاڀائتا ثابت ٿيو!
اوھان سڀني جا لک لک ٿورا. احسان، ڳڻي ڳڻي نہ ڳڻي سگهندم، ھا پر ھڪ وعدو آھي تہ جيڪو ڪم ڪلهن تي آھي اھو پورو ڪري مرندم. نہ تہ دڳ تي تہ ھوندم ئي ھوندم، ڇوتہ پڪو ويساھ مون وٽ سالم آھي.




