اقوام متحدہ وارا ڏينھن ھوندا ھئا، ھڪ آڙيڪاپ آسٽريلين گورو نالي ”رچرڊ شا“ ھوندو ھئو، ھُو تمام گهڻو گهڻ پڙھيو ۽ ڪمال جو ماڻهو ھئو جنھن کي شام جو طئي ھوندو ھئو تہ مون سان ڪچھري ڪري. ھڪ ڏينھن صفا موڊ ۾ ھئو ۽ ھن ھڪ جملو چيو تہ: ”جنھن ٻوليءَ ۾ موجود گارين تي تحقيقون نہ ھجن، انهن کي سانڍڻ وارا ڪتاب نہ ھجن يعني انهن کي دستاويزي شڪل نہ ٿي ڏئي تہ پڪ سمجهو ان جا ليکڪ پنھنجي عوام کي پنھنجو نہ ٿا ڪن.“ ان وقت جوابيو ھئومانس تہ ابا ائين نہ ڪر.. اسان وٽ گار ڏاڍي ڪريل حرڪت ليکي ويندي آھي، تہ ھن ٺھ پھ وراڻيو ھئو: ”ڇو؟ اوھان ٻٽا ٻٽا ختنا ختنا ڪرايا آھن ڇا؟ ڇا اوھان کانگهارا اڇلڻ بجاءِ ڳِھي ڇڏيندا آھيو؟“
خير! ڪجهہ ئي ڏينھن کان پوءِ ھن انگريزيءَ جا ٻہ ڪتاب ڏنا ھئا جن ۾ ھڪ تہ گارين جي لغت ھئي ۽ ٻيو ڪتاب ھئو انگريزي گار ”فڪ“ تي. ڪمال جا ڪتاب، جيڪي حيران ڪري ڇڏيندڙ ڪتاب آھن.
مان سوچيندو آھيان، اسان ڪيڏا تہ نرگسي، نالي نھال، تھذيبي آھيون جو ڪم ٻولين تي ڪريون بہ ٿا تہ اتي بہ سماجي اخلاق بندين جو شيشو اڳيان رکي پوءِ لکندا آھيون.
ياد اچينم ٿو تہ سن 1996ع ۾ انگريزيءَ کان انگريزي ۽ سنڌيءَ جي لغت تيار ڪئي ھئي سين، تنھن ۾ مان گارين جا لفظ پڻ جام رکيا ھئا، جن جي ڪري ئي اھا لغت ھتي سنڌ ۾ نہ ڇپي پر لاھوري چوھاڻ برادرس جي اورينٽيل سوسائٽيءَ وارن ڇپي پڌري ڪئي ھئي. (اھو ھڪ وڏو قصو آھي ان تي ڪنھن ٻئي ڀيري لکنداسين.)
سو جڏھن اھا لغت لڳ ڀڳ تيار ٿي چڪي تہ ان کي سنڌ جي ھڪ اداري جي چڱي مڙس انڪري رد ڪيو تہ ابا ھن لغت مان گاريون ڪڍو، اگهاڙا لفظ ڪڍو.. مان جوابيو ھئو تہ سائين، سنڌي ماڻهن جي دماغن مان اھي لفظ نڪري ويندا؟
عورت يا مرد جي نازڪ عضون جا نالا جيئن جو تيئن نہ رکان تہ ڇا رکان؟
ھن صلاحون ڏيندي زور ڀريو ھئو تہ انگريزي لفظ ”وجائنا“ لاءِ لکان تہ زنانو عضوو يا اندام نھاني يا عورت جو خاص عضوو!
کلندي چيو ھئومانس سائين بس ڪريو. جي اھو خاص عضوو آھي تہ عام عضوا ڪھڙا آھن؟
ٻيو تہ ھيءَ سائنسي بنيادن تي لغت ترتيب ڏنل آھي. لساني ڪتاب آھي، ان کي ان ئي اک سان ڏسو، باقي اوھان پنھنجي ئي اکين سان پنھنجي ئي نقطہ نظر سان ڏسندئو تہ اھي گاريون ئي ملندوَ! سو معاف ڪجو مون کي ھيءَ لغت ناھي ڇپرائڻي.
کيس گهڻو ئي منٿون ڪيو ھئون تہ سائين سنڌي ٻوليءَ ۾ جنسي عمل واري لفظ ”يھڻ“ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي، تہ ڇو ڪٿي ان کي ”جھڻ“ سڏيو وڃي ٿو تہ ڪٿي ”يھڻ“ حيران ڪندڙ ڳالهہ ناري تعلي ۾ جڻونجي علائقي ۾ ”زھڻ“. پڇيو ھئومانس تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ ان ڪرت جا ڪھڙا لفظ آھن؟ ڇا انهن بڻيادي لفظ اڄ جا تمام وڏا لفظ جھڙوڪ زادا وغيرہ ناھن ٺاھيا؟ جيڪڏھن ڪو شھزادو آھي تہ ڇا ان لفظ ۾ ”زاد“ جيڪو اڙدو فارسيءَ ۾ ”نژاد“ جھڙا لفظ بہ سانڍي ٿو ان جو بڻ بڻياد ڇا اھو جنسي لفظ ناھي؟
پر ھُو نہ مڙڻ وارو ھئو، نہ مڙيو ئي. ڇوتہ مون کي خبر پئجي وئي ھئي تہ اسان وٽ جنس خود ھڪ گار ڪري پيش ڪئي وئي آھي. جيڪا ايڏي تہ ڪريل ۽ مڪروھ ڪرائي وئي آھي جو ان کي ڳالهائڻ لاءِ بہ دل گردو گهرجي. ھاڻي جنس سئو سيڪڙو بيحيائي آھي. انڪري ئي ان تي اسان وٽ سائنسي حساب سان تہ بعد جي ڳالهہ لسانياتي حساب سان پڻ ڪم نہ ٿو ڪيو وڃي.
مان اقوام متحدہ جي ثقافتي سرگرمين کي ويجهو ڏٺو، ۽ ان بعد صفا پڪ ٿي وئي تہ اسان پنھنجي ٻوليءَ سان پيار تہ جام ڪريون ٿا، پر ان سان اھڙي ويڌن ڪيون ٿا جو جيئن ڪجهہ ڳوٺن ۾ گهڻو اڳي ڪنھن سيد سڳوري جي گهر ڪا ”پاڪدامن سيد بيبي“ يا ”ستي جتي“ بيمار ٿيندي ھئي تہ ان کي مرڻ تہ ڏنو ويندو ھئو پر ان کي ٻاھر ڪنھن ڏاڪدر کي نہ ڏيکاريو ويندو ھئو.
پر اھا بہ ڳالهہ سچ آھي تہ مان چاھيان ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ ۾ گارين جي ھڪ جدا لغت ھجي، بغير ذاتي تزليل جي کل ڀوڳ، ٺڪاءَ ۽ ڪچن ڀوڳن تي پڻ ڪتاب لکيا وڃن.
ڪاش ائين ٿي سگهي.




