ٻُڌندو پيو اچان تہ باليووڊ ۾ عامر خان ۽ ھالي ووڊ ۾ ميل گبسن (Mel Gibson) جھڙن ھدايتڪارن جي فلمن مان چڱا ڀلا نقاد بہ چُڪون نہ ڪڍي سگهندا آھن، ھا پر دنيا جي مووي ڊيٽابيس وارين ويب سائيٽن ۾ وڌ ۾ وڌ انهن تي انڪري ئي ٽيڪاٽپڻي ٿيندي آھي جو ھُو صرف سندي ذات جي يگاني طبيعت ۽ مصنوعيت کان پرتي رھن ٿا ۽ جيئن جيڪا شئي يا واقعو آھي تيئن ھو ڳالهائيندا ۽ ڪم ڪندا آھن.
ظاھر آھي مٿيان ٻئي پنھنجي ھٿ وس نہ ھجڻ ڪري ملڻ کان پري آھن پر ھا، مان ھڪ ڪردار اھڙو بہ ڏٺو آھي جيڪو پنھنجي طبيعت ۾ انتھائي سادو انسان پر نازڪ مزاجيءَ جي ھوندي بہ سخت جان ۽ ٿيندڙ تعميراتي ڪمن ۾ ڪوبہ نقص نہ ڇڏيندڙ ھي اڻ ورچ انسان اسان اوھان جي ئي ماحول ۾ رھندڙ سائين روشن علي ڪناسرو ئي آھي.
اوھان شايد ئي سندس نالو نہ ٻڌو ھجي پر مان ميڊيائي ڦھلايل سڀني تصورن کان نرالو ھڪ رنگ اوھان کي ڏيکارڻ ٿو چاھيان تہ الائي ڪيترن بي پھچ اپاھجن جي گهر ۾ چلهہ ٻاريندڙ روشن علي ڪناسرو ڪو ٻيو آھي. ھن جي سندي ذاتي زندگي جڏھن مان ڏسان ٿو تہ سچ بہ تہ اچرج ۾ اچي ويندو آھيان. صبح جو ستين وڳي کان رات جو يارھين وڳي تائين مسلسل ڪم ڪندڙ ھي انسان مجال جو ٿڪجي! ڪڏھن ڪڏھن دل چوندي آھي تہ کيس چوان تہ: ”اڙي ڀائي ڇڏ ڪمن جي پچار، ڪا ويل سندي پاڻ کي بہ ڏي…“ ڇوتہ مون کي لڳندو آھي تہ ھي الائي ڇاجو ٺھيل آھي جو ماٺار اٿس ئي ڪينَ!
طبيعت جو صفا مولائي روشن ڪناسرو، ھر ان ماڻهوءَ جي اک جو ڪنڊو ٿي سگهي ٿو جيڪو وڏن نالن ۽ نعرن پويان ذاتي مفادن جي پويان ھجي، پر ھر ان انسان کي جيءَ ۾ جايُون ڏيندو جيڪو نعميري ڪم ڪندو ۽ نرالا خيال آڻي ڪجهہ ڪرڻ جي نيت رکندو آھي.
”امر! ھي روشن ڪناسرو صاحب جِنُ آھي يا ڪِي ٻيو؟“ چانھن جي سُرڪ ڀريندي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب مون کان پڇي رھيو ھئو: ”تمام گهڻو محبتي آھي ۽ ڪو پروٽوڪول بہ نہ ٿو رکي، تہ ڇا ڀلا ٻيا افسر کيس ڪيئن ٿا برداشت ڪن؟“
مان مرڪندي جوابيو ھئو مانس تہ: ”بابا! ڪا تہ گدڙ سنگهي ھوندس جو سڀ آفيسر سندس دل سان عزت ڪندا آھن، ھا پر شايد ڪي ممڪن آھي سڙندا پڻ ھجنس، پر مون کي ناھي لڳندو.“
اھوساڳيو سوال تہ مون کي پڻ پھريون پھريون جاڳيو ھئو جڏھن انيڪ ماڻهو ساڻس جهُڪي ملندا ھئا پر سندس مُنھن ۾ ڪڏھن بہ وڏائي، ڪو ھٺ نہ ڏسندو ھئم، ۽ وري جڏھن ڏسندو ھئم تہ ھو پڻ الائي ڪيترن ماڻهن سان جهڪي ملندو ھئو تڏھن منھنجي من ۾ اھا ڳجهارت ڀڳي ھئي تہ ھو پاڻ ٻين کي جهجهي عزت ڏيندو آھي جنھن جو سِلو مالڪ کيس ان صورت ۾ ڏئي رھيو آھي تہ ھِن جي پڻ ايتري ئي عزت ڪئي وڃي!
”جيئن ٻلي پڇ ڇنڊي ويھي تيئن اسان انسان بہ جتي ويھون ۽ اتي صفائي سٿرائيءَ جو خيال ڪريون تہ ھوند ھن دنيا مان ديد تي چڙھندڙ گند نہ ٿئي“ اھو جملو جڏھن ھُن چيو ھئو تڏھن مان نيڻ نھار تائين سندس نگھبانيءَ ۾ ثقافت کاتي جون ٺھيل عمارتون دل ئي دل ۾ ياد ڪيون ۽ دل ۾ ھڪ آس جاڳي پئي ھئي، تہ ڪاش سنڌ جي سڀني ڊپارٽمينٽن جا افسر ائين بي عيب سرڪاري عمارتون ٺھرائين تہ پوري دنيا ۾ سٺي ناماچاري ٿي پوي.
ھو انگريز چوندا آھن نہ تہ: ”ڏسو ۽ مڃو“ تيئن اوھان کي جيڪڏھن روشن علي ڪناسري جي محنتن جو ڪو ثبوت گهرجي تہ ڪراچي باءِ پاس تي قائم ثقافت کاتي جي پلاننگ ڊولپمينٽ ۽ ورڪس جون آفيسون ڏسي وٺو، اوھان دنگ رھجي ويندا تہ سرڪاري آفيسون ھيئن پڻ ٿينديون آھين ڇا؟




