امر فياض ٻرڙي جي ويب سائيٽ تي ڀليڪار

امر فياض ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ، ادب، ثقافت ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ سرگرم فڪر رکندڙ محقق، ليکڪ ۽ اداري ساز آهي. هو سنڌي ٻوليءَ لاءِ مصنوعي ذھانت جي پليٽ فارمن تي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڦھلاءَ جا منصوبا اڳتي وڌائي رهيو آهي. ان سان گڏ هو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر کي پڻ عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

اسان ھائبرڊ ناھيون

اسان پنھنجي مائرن جي ڪُکين مان بلڪل ائين آياسين، جيئن فطرت ۾ نوان جيوَ فطري طور تي ايندا آھن. انڪري اسان جي ساھن ۾، زندگيءَ جا اھي ڪومل ھُڳاءَ موجود آھن جن کي محسوس ڪندي اسان مٽيءَ تي بارش جي پھرين بوندن پوڻ واري اوٺي جو ھُٻ کي ڄاتو ھئوسين! اسان پيٽن کي ڪٽرائي پنھنجي ڦڦڙن ۾ رت جي بوءِ ڪونہ کڻي آيا ھئاسين پر امڙ جي ھٻ.
انساني تخليق جي اھا خوشبو جيڪا تون سائنس جي ليبارٽرين ۾ بہ ڪونہ لھي سگهندين. اسان پنھنجي مائرن جي ڇاتين سان چھٽي ٿڃ پيتي سين، وڻ ويڙھيءَ جيان امان جي چيلهہ کي وڪوڙي پنھنجي پاڻ کي ان وقت بہ ڪائنات جو آسودو وجود سمجهيو ھئوسين جڏھن اھا بہ خبر نہ ھوندي ھئي تہ ڪائنات ڪيڏي نہ وشال آھي!
اسان کي مائرن جون ھنجون مليون، ائين جيئن ڪا ندي سمنڊ ۾ سمائجي پنھنجي ھستي وسعت ۾ موڪلي ڇڏي!
اسان کي پنھنجي مائرن جون لوليون مليون، ڀلي کٽ جي ٻانھينءَ سان ٻڌل انگوڇي جي لوڏ ئي ڇونہ ھئي، جنھن کي ھٿن سان يا وري کٽ تي ويھي اسان جون مائرون پيرن سان لوڏي سنهي آواز ۾ لولي ڏينديون ھيون ۽ اھا لولي اسان جي ڪنن ۾ ان ئي ٻوليءَ ۾ ملي ھئي جيڪا امڙ ڳالهائيندي ھئي!
اسان مٽيءَ تي کيڏياسين، مٽي کاڌي سين بہ، تہ مٽي چٽي سين بہ. ھزار دڙڪن جي باوجود. مٽيءَ سان ڀڀوت ٿي جڏھن امڙ وھنجاريندي ھئي تہ وري ڪجهہ ئي پلن ۾ اسان ساڳيو مٽيءَ سان ملي ويندا ھئاسين. مٽي، جيڪا امان کان پوءِ اسان جو وجودن کي پنھنجي ھنج ڏيندي ھئي. اسان اگهاڙا ھوندا ھئاسين، پر مٽي اسان کي پنھنجي ٻُڪ ليئي سان اسان جي اوگهڙ کي ڍڪي ڇڏيندي ھئي ۽ ائين وڏا ٿيندا وياسين.
سو اي دوست! اسان جي ساھن ۾ امان ۽ ڌرتيءَ جي ھُٻ، اسان جي ديماڪن ۾ امڙ جي ٻولي، اسان جي اکين ۾ فطرت جو رومانس ۽ اسان جي رڳ رڳ ۾ فطرت ائين ڳوھيل آھي جو ڪائنات ۾ ھاڻي ڪوبہ اھا نہ ٿو لاھي سگهي. جيڪڏھن ھو ائين ڪندو تہ ان جي سڄي فطرت چڪناچور ٿي ويندي!
تون وري بہ پڇين ٿو تہ اسان پنھنجي ڌرتيءَ سان ڇو ٿا پيار ڪريون؟ اسان پنھنجي ٻوليءَ سان ڇو ٿا پيار ڪريون؟
اسان زندگيءَ سان ايترو ڇو سلهاڙيل آھيون جو ڪو مقدس نعرن تي بہ موت جي ڳالهہ ڪري تہ اسان کي اھو ڀلي ملائڪن جي دعوا ڪري تہ بہ اھو ڪوڙو ڪافر لڳندو آھي!
منھنجا دوست! تون سيزرين (Cesarean) ٻار، ميجي (Meiji milk) جو کير پي وڏو ٿئين، ھنج جي جڳھ تي تون کي بيبي ڪارٽ (Baby cart) ملي، امڙ جي جاءِ تي تون کي آيائون مليون! تون ھن حياتيءَ کي ڇڏي ڇونہ جنت جي حورن، غلمانن، کير ۽ ماکيءَ جي ندين ۽ ڪنھن ٻي ماورا جيون جي ڳالهہ ڪرين! تون فطرت جي ڪاڳر تي ھائبرڊ ٻار ئي تہ آھين. چست، چالاڪ. ھٿيارن جو شوقين. جنھن کي ڄمڻ سان ئي رت جي بوءِ سنگهڻ لاءِ ملي ھئي!

ENGLISH

English write-ups

Lorem ipsum dolor sit amet consectetur. Ultricies vel feugiat at velit lectus quam. Etiam morbi turpis senectus vitae.
اردو

اردو تحاریر

امر کے اپنے خیالات جو کہ انسانی نفسیات، سماجی اور پاکستانی عوام کے عمل اور رد عمل پر گوش گذار کرتے ہیں۔
سنڌي

سنڌي لکڻيون

سنڌي سماج، ٻولي ۽ ماڻهن بابت امر جا ويچار جيڪي ھن جا پنھنجا تجربا آھن، جيڪي ھو لکندو رھي ٿو.

وڊيو گيلري

ٽن وڊيوز تي ٻڌل هڪ سيريز جنھن ۾ امر جي سنڌي لساني ورثي، لوڪ ڏاهپ، ۽ جديد مصنوعي ذهانت جي دور ۾ عالمي ٻولين ۾ سنڌي روٽ لفظن جي سفر تي ڳالهيون شامل آهن.
ھن ليڪچر ۾ امر سنڌي ٻوليءَ تي هڪ علمي ۽ تحقيقي ليڪچر پيش ڪيو، جنھن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت کي اجاگر ڪيو ۽ جديد مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) جي فريم ورڪن ۾ ان جي شموليت لاءِ زور ڀريو۔
امر فياض ٻرڙي مصنوعي ذهانت (AI) جي دور ۾ سنڌي لوڪ دانائيءَ بابت هڪ فڪر انگيز ليڪچر ڏنو، جنھن ۾ هن سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ اسان جي گڏيل ذميوارين تي پڻ ويچار پيش ڪيا۔
امر فياض ٻرڙي سراج انسٽيٽيوٽ جي لئنگئيج ڪانفرنس دوران سنڌي ٻوليءَ تي هڪ علمي تقرير پيش ڪئي، جنھن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي لفظن جي وڏين عالمي ٻولين ۾ ڦهلاءَ ۽ اثر بابت تفصيلي روشني وڌي۔