سنڌي ثقافت ۾ واپاري سوچ جي گهُرج

بلڪل ائين جيئن اسان جي وڏين تعليمي ۽ تدريسي ادارن اندر سنڌي ڊپارٽمينٽن ۾ ”سنڌي ادب“ ۽ ”سنڌي لسانيات“ جدا جدا شيون نہ ٿيون سمجهيون وڃن جنھن جي ڪري اھو محسوس ڪيو ويو آھي تہ ”شاعري يا ڪھاڻين تي مشتمل ادب“ پڙھڻ ۽ شعر و شاعري يا ڪھاڻي لکڻ سولو ڪم لڳي ٿو ڇوتہ اھو آرٽ سان واسطو رکي ٿو ۽ اسان جي سماج ۾ شعر و شاعري، ڪھاڻي وغيرہ ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جي رت ۾ شامل ٿيل آھي، جيڪڏھن ڪنھن کي شاعري نہ بہ ايندي تہ بہ کيس شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان ويندي جديد شاعرن پاران ڪيل شاعريءَ جا انيڪ بيت ياد ھوندا پر ان جي ابتڙ لسانيات ھڪ ڏکيو ۽ پر مغز شعبو آھي. ڇوتہ لسانيات آرٽ سان نہ پر سائنس سان لاڳاپيل آھي جنھن ۾ لينگئيج ليبارٽريون ٿينديون آھن، جتي ٻوليءَ ۾ اچاريل آوازن جو تجزيو ڪيو ويندو آھي. جتي ٻوليءَ جي لفظن جا بڻ بڻياد ڳوليا ويندا آھن، لھجن تي سائنسي بنيادن تي ڪم ڪيو ويندو آھي. ھاڻي انهن شين جي فرق نہ سمجهڻ جي ڪري ئي ھتي اسان جي سماج ۾ رڳو ادب تي زور آھي، حالت اھا آھي جو سنڌين جي ڪروڙن جي آباديءَ واري ھن صوبي ۾ سائنسي بنيادن تي لسانيات جي ماھرن جي شديد کوٽ آھي. ھڪ ٻن کي ڇڏي ڪري ڏسجي تہ اھو پڻ تڪليف ڏيندڙ ھڪ نظارو آھي تہ پوري سنڌ ۾ ھاڻي جديد لسانياتي تجزين ڪندڙ موجود ڪو ورلي ٿو ملي، جيڪي آھن سي پڻ پراڻن فارمولن ۽ نظرين تي بيٺل آھن جيڪي پاڻ اڃا اپڊيٽ ناھن ٿي سگهيا.
ٺيڪ ساڳي ئي اھا صورتحال اسان جي ڪلچر يعني ثقافت سان پڻ آھي. صفا سولي طرح ثقافت جي جيڪڏھن تشريح ڪجي تہ ھڪ لفظ ۾ ان جي معنا ”پيداوار“ ٿيندي آھي. يعني جيڪا بہ شئي يا ڳالهہ اسان ٺاھيون ٿا اھا اسان جي ثقافت آھي. ياد رکجو جيڪا اسان ٺاھيون ٿا نہ وري قدرت يعني فطرت. قدرت جي ثقافت اسان انسان، ٻيا جيت پکي پکڻ، وڻ ٽڻ، جبل، ڌرتي، سج تارن کان ويندي پوري ڪائنات، اھا فطرت جي ثقافت آھي. اسان جي ثقافت اھا آھي جيڪا اسان ٺاھيون ٿا. ثقافت جيڪا بڻيادي طور ٻن حصن ۾ ورھايل ھوندي آھي. ھڪ اھا جيڪا مادي ثقافت ٿئي، جنھن کي ڇُھي سگهجي ٿو، کڻي سگهجي ٿو ٻين ملڪن ڏانھن موڪلي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، ان کي سماجي علمن ۾ مادي ثقافت (tangible culture) سڏجي ٿو. ثقافت جو ٻيو روپ وري اھڙو ھوندو آھي جيڪو اسان جي عادتن کان ويندي روين، ريتن رسمن، ناچ گانن شعر و شاعري ادب وغيرہ سان ٿيندو آھي. فنڪار، اديب، سگهڙ، سازن وڄائڻ وارا سڀ جو سڀ ثقافت جي ھِن زمري ۾ ايندا آھن جنھن کي وري غير مادي ثقافت (intangible culture) سڏبو آھي.
پاڻ جيئن مٿي لکيو تہ ثقافت معنا پيداوار، تہ صاف ڳالهہ آھي ھن دور ۾ اھي ئي ثقافتون بچنديون جن جو ڪارج ھوندو. جن جو ڪارج نہ ھوندو اھي ختم ٿينديون وينديون. ڀلي اسان سئو سيڪڙو ان ڳالهہ کان انڪار ڪريون پر اھا ھڪ تلخ حقيقت آھي تہ ھن دنيا ۾ ھاڻي پوري ڌرتيءَ تي وافر مقدار ۾ جن قومن جي ثقافت اُسربي ۽ ڦھلجي رھي آھي اھي مغربي ۽ چيني ثقافتون آھن. جيئن، اسان جي گهرن ۾ پکن کان ويندي ڀِتين تي لڳل نمائشي تصويرن جي، تسبيح جي داڻن کان ويندي ڊيڪوريشن ۾ استعمال ٿيندڙ لائيٽن جي اھي سڀ جو سڀ چين مان ٺھي ھتي اچن ٿيون ۽ واپسيءَ ۾ وڏو سرمايو چين حاصل ڪندو وڃي ٿو، ان حساب سان ھاڻي جيڪا مادي ثقافت پوري دنيا تي راڄ ڪري رھي آھي، اھا چين ملڪ جي ثقافت آھي (ڀلي ان ۾ رنگ اسان جي مقامي پسندن جو ڀريل ڇونہ ھجي).
پر جيئن پاڻ مٿي مثال ڏنوسين تہ اسان جي يونيورسٽين ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽن جو مقصد سنڌي ادب ئي ورتو وڃي ٿو جنھن ۾ لسانيات کي گهڻو ڪري نظرانداز ڪيو وڃي ٿو يا لسانيات کي پڻ ادبي جي اک سان پڙھايو وڃي ٿو، ٺيڪ ساڳي نموني سان وري اسان وٽ ثقافت کي بہ راڳ روپ، شعر و شاعري، ڊانسن، سال ۾ ھڪ اڌ ڀيرو اجرڪ ٽوپي پائي ملهائڻ کي ئي سمجهيو وڃي ٿو، جيڪي بہ ثقافت جو مظھر تہ آھن پر اھي ھڪ ثقافت جي گهڻ پاسائين روپن جو ھڪ قسم يعني غير مادي ثقافت جي ڪيٽيگري ۾ اچن ٿيون. اھا ھڪ انتھائي ھڪ طرفي سطح آھي جنھن جي ڪري اسان جي مجموعي سوچ محدود ٿيندي وئي وڃي. سچ تہ ھاڻي اسان ثقافت جي ھڪ غير مادي روپ ۾ ڦاٿا پيا آھيون جيڪو وسيع بنيادن تي اسان جي قوم کي مجموعي طور پيداواري ناھي ڪري سگهيو، رھندو کھندو اسان ثقافت جي نرگسيت ۾ ڦاسي ويا آھيون. حد اھا آھي تہ اسان وٽ پڙھي لکيي گهڻن ئي ماڻهن وٽ ”تخليق“ جو مطلب ئي شعر شاعري يا ڪھاڻي وغيرہ رھيو آھي.
ھڪ ٻي بہ غير سائنسي ۽ ڇسي جذباتيت تي ٻڌل حقيقت نظر ايندي آھي جڏھن اسان ڏسندا آھيون تہ اسان جي اجرڪ جي ڊزائين کي جيڪڏھن ڪنھن ڪمپنيءَ اندروني ڊريسن ۾ استعمال ڪيو آھي تہ اسان فوري طور جذباتي ٿي نعرا ھڻڻ شروع ڪندا آھيون تہ اسان جي سنڌي ثقافت جي اھڃاڻ اجرڪ جي بي حرمتي ٿي آھي، ان ڪمپنيءَ کي فوري طور تي بند ڪريو، اھا معافي وٺي وغيرہ. جڏھن تہ حقيقي اک سان ڌسجي تہ اھا روش انتھائي ڇسي ۽ غير سائنسي آھي. ھجڻ ائين گهرجي تہ ان اجرڪ کي نيشنل سطح تي ئي ڇو انٽرنيشنل سطح تي مارڪيٽ ڪرڻ گهرجي تہ جيئن ان جي ڪري اسان جي سنڌ ۾ اجرڪ ٺاھيندڙ ڪاريگرن کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ جو ھڪ وسيلو پيدا ٿي وڃي. اجرڪ دنيا جي منڊين ۾ اچي ھڪ نالو ڪمائي سگهي ٿو ۽ جهجهو ناڻو ملڪ اندر آڻي سگهي ٿو ۽ ڇڙو اجرڪ ئي ڇو؟ اسان جي سنڌو سڀيتا جي ھزارين سالن کان پروھيو ڪندڙ ڪاريگرن جن ۾ مرد بہ آھن تہ مايون بہ جن جون دستڪاريون جن ۾ رليون، سڳيون، ڀرت جا قسم، آرگانڪ رنگ جن ۾ سنڌي نير جيڪو پوري دنيا ۾ انڊيگو سڏائي ٿو (چتائي ڏسو تہ اھو لفظ انڊيگو پڻ اصل ۾ اِنڊ جو يعني سنڌ جو ئي رنگ ئي آھي) اھو ڪپڙن تي رڱائي پوري دنيا جي مارڪيٽ ۾ سنڌي ثقافت ھڪ برانڊ طور اڀري سگهي ٿي، جنھن جي مستقل مزاجي سان ھلائڻ جي ڪري سنڌ ۾ ھڪ واپاري ڪلاس پيدا ٿي سگهي ٿو.
پر وڏو سوال آھي تہ ھن ڪم جي شروعات ڪير ڪري؟ مان سمجهان ٿو تہ سنڌ جي ثقافت واري صوبائي وزير صاحب جيڪو پڻ ثقافت سان گهڻو پيار ڪندڙ آھي ان کي منٿ ڪجي ٿي تہ ھي وقت آھي کيس پنھنجي سيڪريٽريءَ جي شڪل ۾ ھڪ آدرشي انسان مليو آھي، ساڳي طرح ثقافت کاتي ۾ پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ سيل جو ريزيڊينٽ ڊائريڪٽر، جيڪو پڻ ھڪ اڻٿڪ انسان آھي، اھي سڀ گڏجي سنڌ جي ثقافت جي جيڪا مادي شڪل ۾ آھي، ان کي بين الاقوامي ڪاروباريت ۾ آڻي دنيا جي مارڪيٽ اندر ڀلو ناڻو ڪمائي ھڪ وڏو ڪاروباري ماحول ٺاھي سگهن ٿا. جنھن سان اسان جي ھنرمندن، فنڪارن، تخليقي پورهيتن کي آسودو ڪري سگهجي ٿو. ھن وقت ساڳي نموني جو ماڊل چائنا استعمال ڪري رھيو آھي. ياد رکو! جيڪڏھن اسان ھن وقت اھو نہ ڪري سگهياسين تہ پڪ ڄاڻو اسان جا ھنرمند، اسان جا فنڪار، اسان جي ثقافت جا خالق بيمار ٿيندي اسپتالن ۾ سرڪاري سھائتا ھيٺ علاج معالجي لاءِ سنديون انائون ۽ تخليقي قدر ختم ڪندا رھندا. ڇوتہ ياد رکي ڇڏيو، ھر اھا ثقافت يا ثقافتي علامت جيڪڏھن بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ نالو ۽ ناڻو نہ ٿي ڪمائي تہ پڪ سمجهو اھا ان لاش مثل ٿيندي آھي جيڪا اوھان پنھنجي ڪلهن تي کڻيون گهمندا ٿا وتو جنھن جي ڪري اوھان ڪڏھن بہ ترقي نہ ڪري سگهندئو.