هن مھل مونکي ميڊم نورجھان جو هڪ فلمي گانو پيو ياد اچي. هو جيڪو آهي نہ: ”کہاں تک سنوگے، کہاں تک سنائوں؟“ ان ۾ هڪ مصرحو آهي تہ:
“حضور آپ پر اک جہاں کی نظر ہے، نگاہِ کرم کا مگر مجھ کو ڈر ہے، زمانے کی نظروں میں کہیں آ نہ جائوں!ِ
هاڻي هروڀرو جي ڏيکائن کان پرتي رهي نزاڪتن ۽ فضيلتن جو معيار محسوس ڪريو! چوي ٿي تہ: ”منھنجا سائين، اوهان تي زماني جون نظرون لڳيون پيون آهن، پر جيڪڏهن اوهان منھنجي مٿان نظر وڌي تہ اهي سڀ زماني جون اکيون منھنجي مٿان اچي ڪڙڪبيون.. سو منھنجا محبوب، مان انهن تاڙو نظرن کان ڊڄان ٿي. “
ڀلا اها ڇوٿي ڊڄي؟ ٿورو سوچيو تہ اوهان کي جواب ملي ويندو… ڇوتہ اها پنھنجي محبت جي وچ ۾ ڪو ٻيو خلل نہ ٿي چاهي. اها اهو چاهي ئي نہ ٿي تہ هوءَ هزارين بيسود ۽ آوارہ سوالن جا جواب ڏي. ڇوتہ سوال جوابن ۾ وقت ٿو وڃي، مقصد ٿو برباد ٿي. انڪري اهي سوال ۽ جواب رکو پاسي ڪري ۽ بلهي شاه جي ڳالهہ جيان تہ ”تو ڪتڻ نال رک ڌيان ڪڙيي“ معنا ته تون پنھنجي ڪم سان ڪم رک!
پر هتي مونکي اٿندي ويھندي مٿيون نورجھان جو گانو تہ پرتي رهيو، بلهي شاه جي نصيحت بہ پاسي رکو، لطيف بہ مونکي يتيمن جيان لڳي ٿو جنھن چيو تہ ”محبت پائي من ۾ رندا روڙيا جن..“ هتي اسان ان کي بہ ٻڌڻ کان نابري واريو بيٺا آهيون. اسان جي پياري دوست مسعود لوهار چواڻي تہ ”سنڌ ۾ دانشوريءَ جو هڪ خودساخته خبط آهي جنهن کي هن نالو ڏنو آهي (AC-SM-Silo Syndrome) معنا ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويھي، سوشل ميڊيا جي گُنديءَ ۾ ويھي پنھنجي پاڻ کي مھا پارکو سمجهڻ.. سمجهڻ بہ اهڙو جو ماڻهو ائين جتائين تہ سنڌ جي تمام تر حالتن، ابترين، بربادين جي ڄاڻ ۽ انهن مان جان ڇڏائڻ جا گر جيڪڏهن ڪنھن وٽ آهن تہ اهي فقط انهن وٽ ئي آهن. اهي ادب جا مھا پارکو آهن تہ سماجدان بہ آهن، اهي هڪ ئي وقت سياست جي سڄي ابجد جا ڄاڻو بہ آهن تہ ڏکڻ ايشيا جا مھا سائنسدان بہ اهي ئي آهن.
۽ پوءِ ان نفسياتي بيماريءَ جو شڪار ٿي ”امر فياض“ فيس بڪ تي ٽاڪوڙا ٻاري ويھندو.. هٿ ۾ کڻندو ڏنڊو، چوڌاري پيو ڦيريندو، جيڪو آيو معنا ويو! پوءِ ٿيندي تبصرن جي وٺ وٺان، جيڪي ويھن پنجويھن جي عدد کي رسي ”تبرن“ ۾ نئون جوڻ مٽيندا!
دوستو مونکي چوڻ ڏيو تہ اسان وٽ وقت وڏو ۽ ڪم ڪجهہ ناهي. پر ظاهر ائين ڪنداسين جو لڳندو ائين تہ اولهہ ۾ آمريڪي صدر ۽ اوڀر ۾ امر فياض ئي دنيا جا مصروف ترين ماڻهو آهن… ۽ نتيجو؟ ٻڙي ضربيان ٻڙي معنا ٻڙي! وري پنھنجي ئي ضمير جي عدالت ۾ بيھبو ۽ لڳندو تہ يار ڪيان تہ ڪجهہ نہ ٿو… پر وري ضمير جي آئيني کان اکيون چورائي رڙيون ٻارينداسين… ڌاڙ گهوڙا… ظلم ناحق.. سنڌي ماڻهو، سنڌ جي سياست، ڦلاڻا ھھڙا ڦلاڻا تھڙا…… وغيرہ وغيرہ
۽ پوءِ هتي ٿيندي گرگ باران ديد، پر عجب جھڙي ڳالهہ، تہ هتي اھا بگهڙن واري روش ابتي ٿيندي آهي. بگهڙ ان کي کائيندا آهن جيڪو ڪمزور ٿيندو آهي، پر هتي ابتو ڪم ٿيندو.. هتي بگهڙن جي پاڻ ۾ اهڙي تہ يونين آهي جو ان کي کائيندا جيڪي چست هوندا، جن وٽ ڪم ڪرڻ جي سگهہ بہ هوندي تہ همٿ بہ… پر ڇوتہ بگهڙ پاڻ ڪم نہ ڪندا انڪري اهي انهن چست اقليت کي کائڻ ۾ جهٽون پائيندا وتندا آهن.
دوستو حيرت جو مقام آهي، تہ تحقيق هتان موڪلائيندي ٿي وڃي، سماج ۾ نرگسيت پوليو جي قطرن جيان پياري ٿي پئي وڃجي، دنيا جھان ترقيءَ جي اعلا منزلن طرف پيو وڃي، پر اسان هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ۾ پورا آهيون! پاڻ کي تصوف جا پوئوار سڏائيندي به تصوف جي ”ت“ تي به عمل ڪرڻ کان نابري واريو بيٺا آهيون. ڪي وري ملامتي صوفيءَ جيان لڳندا آهن، جيڪي پنھنجي نہ پر ٻين جي ملامت ڪرڻ کي ئي عين عبادت ٿا سمجهن! پر ڇا ڪڏهن اسان سڀني اهو سوچيو بہ آهي ته آخر ڪيستائين؟ هي جيڪو پنھنجي پاڻ کي بيوقوف ٺاهڻ جي مٿاهين منسب تي اسان بيٺا آهيون، اهو سڀ آخر ڪيستائين هلندو؟ اهو ڪڏهن سوچيو بہ آهي تہ اسان پنھنجي ذهني عياشيءَ جي برڙباڪاس ”علمي ڌئونس“ ۾ پنھنجي ايندڙ ٻچڙن لاءِ ڇا پيا ڪريون؟ ڪجهہ بہ تہ نہ…
اڄ تائين ڪير آهن اهي جيڪي چپ چپات ۾ ڏينھن رات هڪ ڪيون سماج ۾ تبديلين آڻڻ لاءِ ڪم ڪن ٿا؟ ڪنھن سوچيو آهي؟ جيڪي ڪنھن بہ حالت ۾ پاڻ نمائيءَ کان پاسيرو رهي ايڏي تہ خاموشيءَ سان ڪم ڪن ٿا جو سچ بہ تہ ڄڻ ولي هجن. اهڙا کوڙ ماڻهو آهن. جن نہ تہ اجورو گهريو نہ وري تاڙين جي صورت ۾ داد، بس خاموشيءَ ۾ پنھنجي مٿان الھامي حڪم جو سڏ ورنائي ڪم ڪيو ۽ خاموشيءَ سان رهن ٿا…. ڀلا اوهان ناهي ڏٺو عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب کي، جنھن کي مان جديد سنڌ جو حقيقي تبديلي ڏيندڙ چوان ته ڪوبہ وڌاءُ نہ ٿيندو!
پر اهو سڀ ڪجهہ ڪرڻ لاءِ خاموشيءَ جي ضرورت آهي، ٻين جي نظرن کان لڪڻ جي ضرورت آهي، ۽ پنھنجي پاڻ تي اعتبار جي ضرورت آهي… جيڪا هتي هاڻي ناياب پئي ٿيندي وڃي! جو گوڙ ايترو آهي جو اهي خاموشيءَ وارا سرڀاٽ هاڻي ٻڌڻ ۾ ئي نہ ٿا اچن… هتي تبصرن ۽ تبرن جو اهڙو تہ هل هنگامو پيدا ٿي ويو آهي جو سادگي، نزاڪت ۽ سليقي جو دم پيو گهٽجي!
آهي ڪو جيڪو ان ٻڙڌڪي غوغاءَ کي چوي ٿورو ماٺ ڪري ڪجهہ پاڻ به سنجيدگيءَ سان سوچيو ۽ ٻين کي بہ سوچڻ جو موقعو ڏيو! ڪو مونکي نہ ٿو وڻي تہ ان جو مقصد اهو قطعي اهو ناهي ٿيندو ته اهو بڇڙو آهي! اهو اوهان کي بڇڙو لڳي ئي انڪري ٿو جو ان سان اوهان جي ڪيمسٽري نه ٿي ملي، پر ڇا ڪيمسٽري نه ٿي ملي ته اوهان ان جي مٿان پادر کڻي بيھي رهو!
ڇا خاموشي، سڪون ۽ برداشت هتي ائين ناپيد آهي جيئن طالبانين مان انسانيت؟




