سوشل ميڊيا ۽ اسان جا رويا

پير حسام الدين راشديءَ ھڪ ڪمال جي ڳالهہ ڪئي ھئي تہ: ”ھر ڳالهہ، ھر ماڻهوءَ سان، ھر ھنڌ ۽ ھر وقت نہ ڪجي، جيڪڏھن ڪو ڪري ٿو تہ اھو بيوقوف ھوندو آھي.!“ مان وري سائينءَ جي ڳالهہ کي ٿورڙو اڳتي وڌائيندي چوندم تہ: ”۽ اھا ڳالهہ ڪيئن ڪجي؟“ اھو بہ ڏانءُ ضروري ٿيندو آھي.
اھو ڏانءُ ئي آھي جنھن لاءِ چيو ويو ھئو تہ ڪيئن ريجهايان تون کي، ڪيئن پرچايان، ڏس ڪو ڏانءُ! جيڪو سليقو ۽ ساٺ سوشل ميڊيا ۾ اسان کان موڪلائي ويو آھي.
اوھان مان ڪافي دوست شايد مون سان سھمت نہ ٿين، پر اھا ڳالهہ ذھن ۾ ڳُتي ڇڏيو تہ سوشل ميڊيا ڪنھن بہ سلڇڻي انقلاب جون راھون سڌيون نہ ٿي ڪري، نہ ئي وري ڪا آزاديءَ جي قوت بخشي ٿي، ھا پر آوارگي ضرور ورھائي رھي آھي! شايد منھنجو ھي جملو جلدي ھضم نہ ٿئي، پر دوستو، چتائي ڏسندئو تہ آوارگي آزاديءَ جو اھو روپ ملندوَ جنھن ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪا ذميواري ناھي ٿيندي! جنھن ۾ آوارہ دماغ آرس ڀڃڻ مھل ڀر وارو جو ڀلي نڪ پنھنجي ٻانھن سان ڀڃندي بہ چوندو: مان تہ آرس ڀڃي رهندم! مان تہ ڳالهہ رکندم، پوءِ اھا ڳالهہ ڀلي ڪيتري بہ ننگي يا اڌنگي ڇو نہ ھجي! پوءِ ڀلي ڪنھن جا جذبا مجروح ٿين تہ ڀلي ٿين! مان تہ ٻين ماڻهن تي تبرا ھڻندو رهندم، پوءِ ڀلي ان عمل ۾ مان بنيادي انساني حق، جيڪي خدا پاران سڀني کي عطا ڪيل آھن، اھي نيست ۽ برباد ٿي وڃن، ان عمل ۾ مان ڀلي ليڪا ٽپي بہ وڃان، پر اھو منھنجو بنيادي حق آھي!
مان جھڙا بہ ڦوٽو رکان، لاشن جا چچريل ڦوٽو، اگهاڙا ۽ ھيانءَ ڏاريندڙ ڦوٽو، اھڙا اھڙا ڦوٽو جيڪي مان پھنجي نوجوان نياڻيءَ يا گهر ۾ ويٺل ٻارن کي بہ ھوند نہ ڏيکاري سگهان، پر اھي سوشل ميڊيا تي رکي ”پنھنجي مصداق“ قوم جي شعور کي جاڳائيندو رهندم؛ ڇو تہ مان ڪامل يقين ڪري رکيو آھي تہ اسان جي پوري نسل جو عقل ڪل ”صرف مون وٽ“ ئي ڪاپي رائيٽ ٿيل آھي!
مان جنھن ازم کي ڪائناتي ازم سمجهان ٿو تہ ان ازم جي ايتري تہ ابتي سبتي پروپيگنڊا ڪندي ٻين ازمن جون کلون لھن تہ ڀلي لھن، ان ۾ منھنجو ڇا! اھو منھنجو حق آھي!
مان جنھن کي زليل ترين انسان سمجهان ٿو تہ مون کي اھا ٿوروئي خبر ھوندي آھي تہ ان جون بہ نياڻيون ھونديون، ان جا بہ ابھم ٻار ھوندا، انهن جا بہ اوترا ئي حق ٿي سگهن ٿا جيترا منھنجا، شخصي احترام ۽ سماجي انصاف انهن جو بہ ھوندو، پر نہ! انهن جو وڏو ڏوھ اھو آھي تہ انهن ڄمڻ مھل ان گهر جو ئي ڇو انتخاب ڪيو! سو ھاڻي ڀوڳين!
ھتي سڀ کان اھم ڳالهہ تہ سوشل ميڊيا جو مطلب ئي اھو مڃيو ويو آھي تہ ھاڻي ڪوبہ گهر ڪابہ جڳهہ مٽي، سيمنٽ يا ڪاٺ سان ناھي ٺھيل پر شفاف شيشي سان، ويندي بيڊ روم بہ تہ باٿ روم بہ! سو سڀ اگهاڙا آھن ۽ سڀني کي ائين ئي ڏيکاريو!
ھاڻي اھا ساڳي روش، ساڳي سوچ، اظھار جي ساڳي آزادي جڏھن سوشل ميڊيا جي ھر استعمال ڪندڙ جي ٿيڻ شروع ٿئي تہ پوءِ؟ منھنجا دوستو: پوءِ ان آزاديءَ کي اوھان آزادي نہ پر آوارگيءَ جو ئي نالو ڏيندا. جنھن ۾ ڪنھن بہ انسان جي ڪابہ ذاتي زندگي محفوظ نہ رهندي! پوءِ ٿيندو ڇا؟ ٻولين ۾ مقدس ترين لفظن جو بيدريغ استعمال ٿيندي ٿيندي اھي لفظ پنھنجو تقدس وڃائي ”بازارو“ ٿي ويندا! عزتن زلتن جا پئمانا تبديل ٿي ايڏا تہ اڍنگا ٿي ويندا جو اوھان اھو نہ سمجهي سگهندا تہ چڱائي آھي ڇا؟ يا برائي ڪھڙي آھي؟
پوءِ جڏھن بري ڀلي کي سڃاڻڻ يا ماپڻ وارا پئمانا خود مشڪوڪ ٿي وڃن پوءِ اھو طئي ڪير ڪندو تہ ڪير ڀلو آھي ۽ ڪير برو؟ حد تہ اھا ٿيندي جو اوھان روشنيءَ ۽ اونداھ وچ ۾ بہ وٿي نہ ڪري سگهندا! بلڪل ائين جيئن ھاڻي ھائبرڊ ڊاڪٽر ٿوري گهڻي ڦٽ ڦرڙيءَ تي بہ ڳوري قسم جي اينٽي بايوٽڪ ڏئي مريض کي تڪڙو چست تہ ڪري وڃن ٿا، پر ان دوا جي ڪري جيڪي ٻيون پرمار بيماريون جسم ۾ داخل ٿيون انهن جو تہ ڪو ڪاٿو نہ ٿو ڪري سگهجي!
۽ ائين جڏھن فيصلي ڪرڻ جي سگهہ، يا اختيار خاصن مان ڪڍي عامن کي ڏنو وڃي تہ پوءِ ٿيندو ڇا؟ ھتي آوارہ ماڻهن جو ھڪ ھجوم ھوندو، جنھن ۾ سڀني جي ھٿن ۾ رسيون ھونديون، جيڪي پنھنجي پنھنجي طرف پيا ان رسيءَ کي ڇڪيندا ۽ خبر اٿوَ تہ اھا رسي وري ٻي ڇيڙي تي ڪنھن سان ٻڌل ھوندي آھي؟ دوستو سڀني جون رسيون ٻي ڇيڙي تي ان اٻوجهہ خلق جي ڳچين سان ٻڌل اٿوَ جن کي اھا بہ خبر ناھي تہ اھي ٻڌل ڇا سان آھن! (۽ حقيقي الميو اھو ئي آھي)
۽ دوستو، ھتي اھو ئي تہ ٿي رهيو آھي! سوشل ميڊيا جي اچڻ سان ائين ئي تہ ٿئي پيو. ھا سئو ردعملن مان پنج ردعمل ڪمال جا ٿيا ھوندا، پر پنجانوي ردعمل تہ اسان جا ترا ڪڍڻ ۾ ڪافي آھن.
۽ ڏٺو وڃي تہ اھو سانحو لڳ ڀڳ دنيا جي سڀني ملڪن سان آھي، ھا پر فرق اھو آھي تہ جن ملڪن ۾ بنيادي انساني حقن جو پورو تحفظ موجود آھي اتي فيس بڪ يا ٻي سوشل ميڊيا جو ڪارج ڪافي قدر بھتر آھي، پر جتي انساني حق ”بُلا ڪي جاڻان مين ڪون“ جيان اڃا شناخت ڳوليندا ھجن اتي جيڪي ذاتياتي برباديون ۽ حقن جي لتاڙ ٿي آھي ان جو ڪوبہ تصور نہ ٿو ڪري سگهي!
اوھان کي ھڪ مثال ڏيان. فيسبڪ تي الائي ڪيترن ماڻهن کي انصاف مليو آھي، اھا ڳالهہ سڀني کي خبر آھي پر فيسبڪ جي ڪري ڪيترن ماڻهن جون زندگيون برباد ٿيون آھن انهن جو ڪاٿو ڪنھن وٽ آھي؟ گذريل سال پنجاب ۾ اٺن ڇوڪرين خودڪشيون ڪيون، ٽن نوجوانن بہ پاڻ ماريو. ان جي ڪنھن کي خبر آھي؟
ھي جيڪي ميموري ڪارڊن مان تصويرون چوري ڪيون پيون وڃن ۽ بعد ۾ انهن جو ڪھڙو استعمال ٿئي ٿو ان جي ڪنھن کي ڪا ڪل آھي؟ ھي جيڪي اسان مختلف شعرن تي سھڻين ڇوڪرين جون تصويرون لڳائي پوسٽ ڪيون ٿا، ڇا اھي ”ليونارڊو ڊا ونچيءَ“ جون پينٽنگ ٿيل آھن يا انهن ڇوڪرين جا بہ ڪي ماتا پتا ھوندا؟ ڪڏھن اسان سوچيو آھي ان ڳالهہ تي؟ ڪڏھن بہ نہ!
ڀلا ان تي سوچيو اٿوَ تہ اسان جيڪي سُڪن سان گڏ ساون ساڙڻ جيان، پرايُن الٽين کي سچ سمجهي لائيڪ ۽ شيئر ڪريون ٿا تہ ڇا واقعي بہ جيڪا شيئر ڪريون ٿا اھا سچي خبر آھي بہ يا ڪنھن کي ڪنھن جي عزت لاھڻي ھُئي ۽ ان ھوا ۾ تير اڇليو، جنھن کي وري اسان ڇڪي رکيوسين! سو دوستو ائين اسان کان ھر روز الائجي ڪيتريون حرڪتون ٿينديون رهن ٿيون، جيڪي ٻين جي زندگين تي برو اثر وجهن ٿيون، بجاءِ انجي جو ڪا چڱائي ٿئي، اڃا بري کان بري حالت ۾ منتقل ٿينديون پيون وڃن!
تہ ڇا ھاڻي ائين ئي ٿيندو رهندو؟ ڇا ڪا ذاتياتي پاليسي موجود آھي؟ ڇا ھاڻي اسان پاڻ پنھنجي سماج جا خدا آھيون ۽ پاڻ فيصلا ڪندا ٻين جون زندگيون برباد ڪندا رهون؟ دوستو! ٺيڪ انهن سوالن جي جواب ۾ ”سوشل ميڊيا جا باني“ ھاڻي ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري نيون پاليسيون سوچڻ ۽ ٺاھڻ ۾ لڳل آھن، ۽ مان جيڪو محسوس ڪري رهيو آھيان تہ سوشل ميڊيا پنھنجي منطقي انجام طرف وڌڻ لڳي آھي. عرض اھو رکڻو ھئو تہ دنيا جي اٿل پٿل ۾ اوھان ڪجھہ بھتر نموني سان اڳتي اچو. ڇوتہ ھتي بچندو اھو جيڪو تخليقي ھوندو، معياري ھوندو، جيڪو ٻين انسانن سان گڏ ھلڻ جوڳو ھوندو، نہ وري اھو جيڪو ”پنھنجي منھن پاڻ مڙس ماڻهو ٿي، سماج کي پنھنجي جڙتو فيصلن سان ھلائڻ چاھيندو، سڌي ڳالهہ جيڪو خاص ھوندو، ۽ جي نہ، تہ پوءِ ويٺو لالڻ ڳائيندو!“