ٻولي لوڪ جي ملڪيت ھوندي آھي، جنھن کي لوڪ پنھنجي سولائپ آڌار ٻولن جي اچارڻ کي مَٽيندو ۽ سھنجو ڪندو ويندو آھي. ٻوليدان اصل ۾ ٻولين جا خالق نہ ھوندا آھن، پر اھي لوڪ جي ڳالهايل ٻوليءَ کي محفوظ ڪندا ويندا آھن. ھٿيڪي ٿيل مواد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ان جي اندر ھڪجھڙاين کي ڏسي فارمولا ترتيب ڏيندا آھن ۽ پوءِ انهن فارمولن آڌار ھو نيم (قانون) پرکيندا ۽ ڏسيندا ھلندا آھن. ھو چوندا آھن تہ ”ٻوليءَ ۾ ھيئن ٿئي ٿو، جيڪڏھن ھونئن ٿيندو تہ ان جا وري ھي اھنج يا سھنج پيدا ٿيندا!“
صدين کان ٻوليدان لَکين ھزارين لفظن جو اڀياس ڪندي ٻولين جا واھرو ٿيندا رھيا آھن، تہ ٻوليءَ جي ٻولن ۾ ھيئن ترتيب ٿيندي رھي آھي، يا انهن ۾ ھيئن مٽا سٽا ٿيندي پئي اچي. اصل ۾ اھي ماپا ۽ پد ڏسيندا ھلندا آھن. دنيا جي ڪنھن بہ تھذيب ۾ اڄ تائين ڪو ٻوليدان ”پنھنجي ٻوليءَ جو مطلق العنان يا ڊڪٽيٽر“ نہ ٿيو آھي ۽ نہ ٿيندو، جيڪو ھٿ ۾ ڏنڊو کڻي لوڪ تي حڪم ھلائي تہ ھيئن نہ پر ھونئن پڪاريو! ڇوتہ اھو لوڪ ئي آھي جيڪو ٻوليءَ کي پنھنجي ڪارج آڌار ٻولي ٿو. مان، اوھان يا ڪنھن بہ ٻئي کي اھو حق ناھي مليو تہ پاڻ ڪنھن خاص پرڳڻي جي ماڻهن کي اھو چئي رد ڪريون يا ٺٺول ڪريون تہ اوھان ”بيڪار ڳالهايو“ ٿا، يا اوھان ”ٻوليءَ جو ٻيڙو ٻوڙيو ٿا.“
پاڻ ھينئر تائين اھو ٻڌندا پيا اچون تہ لهجا چاليھين ميل مٽجن ٿا. بلڪل ٺيڪ، ڳالهہ اھا آھي تہ: لهجا ان پرڳڻي جي آبھوا، اٿڻي ويھڻيءَ جي ريتن سان گڏ فطرت ماحول جي مٽاسٽا جي ڪري پاڻمرادو مٽبا آھن.
سامونڊي علائقي جي جاتي، کارو ڇاڻ، بدين ۽ ماتليءَ وارن پاسن ڏانھن، ٿورو انهن سان ڳالهائي ڏسو. اوھان جيڪڏھن لاڙڪاڻي، شڪارپور، خيرپور، نوشھري يا دادوءَ جا آھيو تہ اوھان سان ھي لاڙي لهجي ۾ ڳالهائي اوھان کي وائڙو ڪري ڇڏيندا. ھو ڳالهائڻ ۾ پنھنجا آواز ”گهُڻا“ ڪندا آھن. ھو وڏن سُرن جھڙوڪ ”آ، او يا اي“ کي مٽي ننڍا سُر جيئن ”اَ، اِ ۽ اُ“ ۾ گهڻو اچاريندا آھن. اھي ”اوھان“ نہ چوندا پر ”اھان يا اَھين“ چوندا، ڳالهائڻ مھل ”الف“ کي زور ڏيندا سو بہ ھڪ ”ڍِڪ“ جي شڪل ۾. لاڙي ماڻهو ڳالهائڻ وقت لفظن کان وڌيڪ ”سُرن“ تي زور ڏيندو آھي. اوھان ڪڏھن سوچيو آھي تہ ھتي، ائين ڇو ٿيندو آھي؟
ھاڻي ھڪ پل سنڌ کي ڇڏي پوري دنيا جي نقشي ۾ 23 کان 27 ڊگريءَ جي ويڪرائي ڦاڪ ۾ ايندڙ ملڪن، خطن ۽ علائقن کي گوگل جي نقشي ۾ ڏسو. پوري دنيا ۾ موسمي خبرون ڏيندڙ ادارن جي ويبسائيٽن تي وڃي مٿين پرڳڻن جي سالياني سراسري مند ڏسو، گهِم جي نسبت ڏسو ۽ انهن موسمي اثرن جھڙوڪ لوڻياٺي ھوا جي ڪري خشڪ چمڙيءَ جو ٿيڻ، فطري ڳالهہ آھي. ھنن علائقن ۾ ھوا زميني سڌائيءَ سان نہ پر لھرن جيان وڪڙ کائيندي ھلندي آھي. ھاڻي پنھنجي ٺٽي يا بدين جي ڪنھن بہ علائقي ۾ وڃو تہ اوھان کي لڳندو ھتي زمين گهڻو ڪري ناھموار آھي. ھتان جا رھواسي زمين تي پير رکندا آھن تہ پنھنجي پٻن کي وڪڙ ڏيندا آھن. (ان جي تصديق اوھان کي ڪو بہ پيراڍو ڏيئي سگهي ٿو) ھتي ھوا جهمريون پائيندي پئي پاسا ورائيندي رھندي آھي. ھوا ڳري ھجڻ جي ڪري پاڻ سان گڏ آواز گهٽ کڻندي آھي، جنھن جي ڪري ھنن علائقن وارن ماڻهن کي ٻئي تائين پنھنجي ڳالهہ رکڻ لاءِ ھوا جيان وڪڙ کارائڻا پوندا آھن. ھو ڍِڪ ڏيئي انڪري ئي ڳالهائيندا آھن جو اھا صدين کان سندن مجبوري رھي آھي.
ٻي جيڪا اھم ڳالهہ اوھان ڪوھستانين سان گڏ ھتي پرکيندا تہ اھا آھي تہ ھتي ”لغوي ڳراڻ“ اتراڌين کان جهجهي ملندي. ھو ڳالهہ رکڻ مھل اسم، صفت، فعل ۽ ظرف وارا لفظ گهڻا استعمال ڪندا آھن، جڏھن تہ ضمير، حرف جر، حرف جملو ۽ حرف ندا تي سندن زور تمام گهٽ ھوندو آھي. مطلب ٿورن لفظن ۾ ڳالهہ پڌري ڪريو ڇڏين. (ھتي مان صرف اچارڻ واري ٻوليءَ جي ڳالهہ پيو رکان، نفسياتي روين تي ان جو ڇيد جيڪڏھن ڪبو تہ ان جا نتيجا وري ڪافي ابت ۾ ملندا) سو انهن موسمي ۽ زميني سببن جي ڪري ھتي ماڻهن جا ٻولي مختصر ملندي آھي. ھاڻي وري ھلو سنڌ جي خشڪ موسمن وارن علائقن يعني اتراڌي پرڳڻن ڏانهن.
اوھان گهوٽڪيءَ کان مٿي پنجاب واري پاسي ڏانهن پنھنجي ئي سنڌ جو سير ڪريو. اتي اوٻاوڙو يا ڏھرڪيءَ جي ماڻهن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪري ڏسو. ھو اوھان کان اوھان جي ذات يا قبيلي پڇڻ مھل چوندا: ”تون ڪير ٿيندو پيو آن؟“ اوھان کي ائين محسوس ٿيندو ڄڻ اھي اوھان کي ڌمڪي پيا ڏين، تہ تون آھين ڪير جو مونسان پيو ڳالهائين؟ اوھان بيھي ڪا شيءِ کائو تہ اوھان کان رسمي ئي صحيح پڇندا ”خير ھئي، کَڙُو پئي کاندي او“، معنا خير تہ آھي جو بيھي پيا کائو!
اھڙي نموني سان اتي ڳالهائڻ جو ڍنگ ساھتي تڪ تور سان تپاسجي تہ وٽَ ٽُٽي پوندا، پر خبردار، جو اسان مان ڪو ائين چوي تہ ھيءَ ٻولي خراب يا اُڌريل آھي.
اوھان ٿورو سوچيو، اھو علائقو ٻن ٽن ٻولين جي وچ ۾ سٿيو پيو آھي، جنھن ۾ سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابيءَ جي ملاوت فطري آھي. اوھان پاڻ اتي وڃي ٽي سال رھو تہ اوھان جي بہ ڳالهائڻ جو ڪُل ڍنگ مَٽجي ويندو. ڇوتہ اڪيلا اوھان رھي نہ سگهندا، اوھان کي اتي ماڻهن سان اٿ ويھ ڪندي ڳالهائڻو پوندو، انهن جي ڳالهہ سمجهڻي بہ پوندي ۽ اوھان کي پنھنجي ڳالهہ انهن کي سمجهائڻي پوندي. سو اوھان اتي جي رنگ ڍنگ ۾ رڱجي ويندا ۽ اھو سڀ فطري آھي ۽ ان ۾ ڪابہ خرابي ناھي.
سنڌو نديءَ جي ساڄي ڪپ تي جيڪب آباد کان دادوءَ تائين ۽ کاٻي ڪپ تي سکر، کان ويندي نوابشاھ يا نوشھري فيروز تائين چتائي ڏسندا تہ ھتي ھوا خشڪ آھي. تيز ٿڌ ۽ تيز گرمين جا علائقا بہ ھي ئي آھن. زمين گهڻو ڪري سڌي ملندي آھي. ھاڻي ھنن علائقن ۾ اوھان کي ٻوليءَ ۾ ڍِڪ ڏيندي، سُرن سان ڳالهائيندي ماڻهو ورلي ملندا. تِکي ۽ تُرش روانيءَ سان اوھان کي ھتي سنڌي ٻولي ملندي. ڇوتہ گرم پٽي جي ڪري ڌرتيءَ جي مٿاڇري کان لڳ ڀڳ ٽي ميٽر مٿا ھوا گهلندي آھي انڪري ھتي جا ماڻهو جهيڻي آواز ۾ نہ ڳالهائيندا. وات پٽي ڳالهائين يا ٻيٽيل چپن سان گهُڻي آواز ۾ ڳالهائڻ ھنن لاءِ ڪا معنا نہ ٿو رکي. سبب ساڳيو موسمي آھي. ان جو مثال ائين سمجهو تہ انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ ھڪ لفظ آھي ”ڪَم“ جنھن جا سنڌيءَ ۾ ٻہ لفظ عام آھن. اچ ۽ آءُ. ھاڻي اوھان اچ کي ڊگهو ڪري نہ سگهندا (ڇوتہ چ جو آواز اوھان کي ڊيگهہ ڪرائڻ لاءِ ھڄائيندو) جڏھن تہ آءُ آواز ۾ وڏو سُر يعني ”آ“ جي ڪري وات ڦاڙي اچارڻو پوندو ۽ ان کي اوھان تڪڙو يا ننڍو بہ نہ ڪري سگهندا. ھاڻي اصل ۾ ڳالهہ اھا آھي تہ اچ ويجهي ماڻهوءَ کي سڏڻ لاءِ ٿيو آھي ۽ آءُ پري بيٺل ماڻهوءَ کي سڏڻ لاءِ فطري طور تي صدين کان اچاريو ويو آھي. اوھان غور ڪريو تہ اتراڌي لهجي ۾ ”آ“ وارو سُر ھجي يا ”اي“ يا وري ”او“ ئي، اھو جهجهو آھي. پر اسان جيڪو محسوس ڪيو آھي تہ اتراڌي ”آ“ وارا سر تمام گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪن ٿا. ان جو ثبوت اوھان پاڻ ڏسو، شڪارپوري، سکري، لاڙڪاڻوي ماڻهو عام طور تي ڪنھن بہ اسم کي جمع ڪرڻ مھل ”اُون“ گهٽ ”آن“ جا سر ملائي ڪندا آھن. جيئن کٽ جو جمع ”کٽان“ ڪتاب جو جمع ”ڪتابان“ وغيرہ.
شڪارپوري يا لاڙڪاڻوي ماڻهو ”ڇ“ جو آواز ”ش“ جي آواز سان ڇوٿا اچارين ان کي ڪنھن ٻي واري کولبو، سو پاڻ لهجن کان پوءِ ھتي واپس ٻولين جي مالڪيءَ تي واپس اچون ٿا. پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آھيون تہ ٻوليءَ جو مالڪ لوڪ ٿيندو آھي، لهجا بہ لوڪ جا ئي ٿيندا آھن نصابي ڪتابن کي ھڪ پاسي ڪري جيڪڏھن ڏسجي تہ سڀ جو سڀ لهجا پنھنجي اندر مڪمل ڳر رکيون پيا ڳالهايا وڃن. ھاڻي ھتي ھڪ اھم ڳالهہ کي چوريو وڃي تہ بھتر ٿيندو. اھا آھي ڌارين ٻولين جا لفظ جڏھن داخل ٿيندا آھن تڏھن اھي پنھنجي لفظي ساخت ايندڙ ٻوليءَ جي پدن، ماپن ۽ ڍِڪُن سان ھري نئين شڪل ۾ نروار ٿي ويندا آھن.
مثال ڪرڪيٽ راند جو بڻيادي ايڪو انگريزي ٻوليءَ جو لفظ ”رن“ ٿيندو آھي، جيڪو ان ٻوليءَ ۾ جمع”رنز“ ٿيندو. پر پاڻ وٽ جڏھن ڪرڪيٽ کيڏي ويندي تہ اھا انگريزيءَ واري ھڪ ”رن“ ھتي ”سنڌيائي“ ٿي ”رنس“ ٿي ويندي آھي ۽ جمع ۾ ٿين تہ ”رنسون“. سو اھو انگريزيءَ وارو لفظ ”رن“ ھاڻي نئين ٻوليءَ ۾ گهڙجي پنھنجي پوري شڪل مٽائي ھاڻي اسانجو ٿي ويو. اھڙا کوڙ سارا مثال آھن. ساڳي طرح جيئن انگريزيءَ جو ھڪ لفظ آھي ”نيشنل“ ۽ اھو لفظ جڏھن عربيءَ ۾ داخل ٿيو تہ عرب ان ڌارئي لفظ کي ”عربيائي“ ڪري سڏيندا ”ناشيونال“. اوھان غور ڪيو تہ ھاڻي اھو عربي ٻوليءَ ۾ ھڪ نئون لفظ بڻجي ويو. ھاڻي اھو ناشيونال لفظ انگريزن جو رھيو ئي نہ.
ھاڻي ڌارين ٻولين مان ايندڙ مھاجر لفظن جي شڪل مٽجڻ بلڪل فطري آھي. جيڪڏھن شڪل نہ مٽيندا تہ داخل ٿيندڙ ٻوليءَ ۾ ان جا ٿي سگهندا نہ ئي وري انھن لفظن جي ڪا مڃتا ميزبان ٻوليءَ ۾ ٿي سگهندي.
اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪافي ڌارين ٻولين جا لفظ آيا آھن جيڪا ھتي رلجي ملجي ھاڻي اھي سنڌي ئي ٿي ويا آھن. اوھان لفظ ”چانھن“ کي ئي ڏسو. اھو لفظ اسان وٽ گورن جي حڪومت واري دور ۾ ھتي آيو، جڏھن ھڪ جاسوس چين وڃي اتان ان پوک جنھن کي اتي ”چئي يا چي“ سڏيندا ھئا، اھا ھتي پوکي وڌائي وئي. ان کي ھنڌي اردوءَ ۾ چائي، پاڻ وٽ چانھن ۽ گورن وٽ ”ٽِي“ پڪاري وڃي ٿي. پر ھاڻي پاڻ گاج ھجي يا ٿر، نارو ھجي يا گنداواھ، اتي وڃي جهور پوڙھن ۽ پوڙھين کان پڇبو تہ ان کي چانھن ئي سڏين. سو ھاڻي اھو لفظ اسان جو ٿي ويو. اسان سمجهون ٿا تہ اسان جي سنڌي ٻولين جي سڀني ماپن ۾ ھڪ جهجهي، ڳردار ۽ وسيع ترين ٻولي آھي، جنھن کي ڌارين ٻولين جا لفظ اڳرڻ بہ اچن تہ انھن جا پد بہ مقرر ڪن، اھا ٻي ڳالهہ آھي جو ھتي ڪجهہ علمي پاٺڪن، پنھنجي مٿان عربي ٻوليءَ جي ڇاپ اھڙي آمراڻي انداز ۾ ڪري ڇڏي آھي جو ھاڻي جيڪڏھن ڪو ان انياءَ تي ڳالهائي بہ ٿو تہ اھو جھڙوڪ مرتد ٿي وڃي ٿو. پر سچ اھو بہ آھي تہ: پرائي ٽوپي پنھنجي مٿي تي رکجي بہ کڻي، تہ بہ سوال آھي تہ اسان جا مٿا جيترا ڪشادا آھن، ان حساب سان اھا ٽوپي اسان کي ڪنن تائين ڍڪي بہ سگهندي؟
پاڻ ڀلي ڪيتري بہ ڪوشش ڪريون، پر سچ تہ اڃا اسان جي سنڌي لوڪ توڙي پريسن عربي ٻوليءَ جي لفظن (مثلاً، اصولآً، فى الحال، عيسىٰ، استعيفىٰ وغيرہ) کي اڃا تائين پنھنجو نہ ڪيو آھي.
اوھان پاڻ ئي ڏسيو! ڇا اوھان اھي لفظ درست صورتخطيءَ سان لکي سگهندا؟



