اھو زمانو پاڻ گذاري چڪا آهيون جڏهن دنيا ۾ سڀ کان قيمتي شيءِ سون، تيل يا پراپرٽيون سمجهيون وينديون هيون، پر هن جديد ڊجيٽل دور ۾ سڀ کان قيمتي شئي ”انساني ڌيان“ بڻجي ويو آهي. اڄ جي ڪاروباري دنيا ۾ وڏيون ٽيڪنالاجيءَ واريون ڪمپنيون انسان جي ذهن، وقت، احساسن ۽ ڌيان تي قبضو ڪرڻ لاءِ هڪ خاموش جنگ وڙهي رهيون آهن. ھن دور جا ڏاھا هن نئين قسم جي ڪاروبار کي ”اٽينشن اڪاناميءَ“ جو نالو ڏئي رھيا آھن، جنھن ۾ پاڻ خريدار گهٽ پر غور سان ڏسو تہ ھاڻي پاڻ ”وکر“ طور وڌيڪ بڻجي ويا آهيون. سوشل ميڊيا، شارٽ وڊيوز، نوٽيفڪيشنون، وائرل ٽرينڊ ۽ مسلسل اسڪرين اسڪرو لنگ هاڻي صرف تفريح جا اوزار ناهن رهيا، پر اهي انساني نفسيات، سماجي قدرن ۽ پوري انساني اخلاقي ڍانچي کي مِٽائڻ واري هڪ مڪمل معاشي مشين بڻجي چڪا آهن.
اوھان ٿورو چتائي ڏسندئو تہ ھن ”اٽينشن اڪاناميءَ“ جو بنيادي اصول تمام سادو ۽ سولو آهي. ”موبائلن تي جيڪو اوهان جو وڌيڪ وقت پنهنجي پليٽفارم تي حاصل ڪري سگهي ٿو، اهو اوترا وڌيڪ اشتھار وڪڻي سگهي ٿو ۽ وڌيڪ پئسا ڪمائي سگهي ٿو.“ ان ڪري ٽڪ ٽاڪ، فيس بوڪ، انسٽاگرام، يوٽيوب ۽ ايڪس (ماضيءَ وارو ٽويٽر) جھڙيون ڪمپنيون ھاڻي اوهان کي معلومات ڏيڻ کان وڌيڪ اوهان کي اسڪرين تي روڪي رکڻ ۾ لڳيون پيون آھن. انهن جا لڪيل تاڃي پيٽا (الگورٿم) انساني نفسيات جي ڪمزورين کي سمجهي ڪم ڪن ٿا. ڊپ، اچرج، جنسي ڇڪ، ھنبوشين، ڪاوڙ، وائرل ڊرامن ۽ جذباتي مواد تي انسان فطري طور تي جلد ردعمل ڏئي ٿو، تنھنڪري اھي ڪمپينيون اهڙي قسم جي مواد کي وڌيڪ اڳيان آڻي اربين ڊالرن جي ڪاروبار ۾ رُڌل آھن.
ھن سلسلي ۾ حاصل ڪيل انگ اکرن، هن صورتحال جي ڳنڀيرتا کي صفا چٽو ڪري رکيو آھي. عالمي سطح تي هڪ ماڻهو سراسري طور ھر روز لڳ ڀڳ 6 کان 7 ڪلاڪ اسڪرين تي گذاري رهيو آهي. نوجوان نسل ۾ اهو انگ تہ 9 ڪلاڪن تائين پھچي چڪو آھي. آمريڪي نفسياتي ادارن مطابق مسلسل شارٽ وڊيوز ڏسڻ دماغ ۾ ڊوپامين جي اهڙي عادت پيدا ڪري ڇڏي آھي، جو ڪوڪين جھڙي نشي جھڙي پِٽ جيان حالت خراب ٿيندي پئي وڃي. تحقيقون ٻڌائين ٿيون تہ هڪ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ڏسڻ کان پوءِ انساني دماغ کي ايندڙ ساڳي نموني واري نئين وڊيو جي انتظار جي عادت پئجي وڃي ٿي، جنھن سبب ڊگهو پڙهڻ، سنجيدہ ڳالهہ ٻولهہ ۽ تخليقي سوچ سمجهہ ڏکي ٿيڻ شروع ٿي وئي آھي.
پوري دنيا ۾ هيءَ تبديلي رڳو نفسياتي ناهي رھي پر ان جا سماجي نتيجا بہ گھرا آهن. اڄ جي نوجوان نسل ۾ ”شھرت“ کي ”ڪردار“ کان وڌيڪ اهميت ملي رهي آهي. اڳي ماڻهو علم، فن، ادب، سچائي يا سماجي کيتر ۾ خدمتن جي ڪري مشھور ٿيندا هئا، پر هاڻي وائرل ٿيڻ ئي ڪاميابي جي علامت بڻجي وئي آهي. ڪنھن بہ قيمت تي وڌيڪ ويوز، لائيڪس ۽ فالوئر حاصل ڪرڻ جي خواهش ماڻهن کي مصنوعي زندگي، ڪوڙن ڊرامن ۽ اخلاقي حدن کان ٻاهر نڪرڻ ڏانھن ڌڪي رهي آهي. ڪيترائي نوجوان هاڻي پنھنجو اصل وجود نہ، پر هڪ “آن لائن ڪردار” ٺاهڻ ۾ لڳا پيا آهن، جنھن ۾ هر وقت نقلي خوشي، فلٽر واري خوبصورتي ۽ ھر ھنڌ مشھورين ۾ نظر اچڻ ضروري بڻجي ويو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو پوري دنيا ۾ ھر پاسي اندر جي لُڇ پُڇ (انزائٽي)، مايوسي (ڊپريشن) ۽ ذهني ھيڪيلائي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. برطانيا ۽ آمريڪا ۾ ٿيل تحقيقن موجب جيڪي نوجوان روزانو ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ سوشل ميڊيا استعمال ڪن ٿا، انهن ۾ ذهني دٻاءَ سان گڏ خود اعتماديءَ جي کوٽ جا امڪان گهڻا وڌي وڃن ٿا. ڇو تہ سوشل ميڊيا تي ماڻهو ٻين جي زندگيءَ جو صرف ”چمڪندڙ پاسو“ ڏسن ٿا ۽ پوءِ پنھنجي عام زندگيءَ کي ناڪام سمجهڻ لڳن ٿا.
اٽينشن اڪانامي صحافت کي بہ تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. هاڻي خبرن جي اهميت ان ڳالهہ سان طئي نٿي ٿئي تہ اها ڪيتري سچي يا سماجي طور فائديمند آهي، پر ان سان تہ ” ھن خبر جي ڪري ڪيترا ڪلڪ ملندا؟“ نتيجي ۾ سنجيدہ صحافت ڪمزور ٿي رهي آهي ۽ جذباتي، اشتعال انگيز يا نفرت تي ٻڌل مواد وڌيڪ پکڙجي رهيو آهي. ڪوڙيون خبرون سچ جي ڀيٽ ۾ تيزيءُ سان ڦهلجن ٿيون، ڇوتہ سوشل ميڊيائي الگورٿم اهڙي مواد کي اوليت ڏين ٿا جيڪو ماڻهن کي وڌيڪ وقت تائين اسڪرين تي ڄمائي ۽ بيھاري سگهي.
روئڻ جي ڳاله تہ سياست بہ هن نئين قسم جي روش کان بچي ناهي سگهي. اڳي سياسي اڳواڻن جي علم، تدبر ۽ پاليسين تي بحث ٿيندو هئو، پر هاڻي وائرل جملن، ننڍڙين ڪلپن ۽ ڊجيٽل شوبازيءَ جو دور آهي. سنجيدہ بحثن لاءِ وقت گهٽجي ويو آهي، جڏهن تہ جذباتي نعرا ۽ تڪراري وڊيوز سياسي مقبوليت جو اهم ذريعو بڻجي ويا آهن. جنھن ڪارڻ سماج ۾ برداشت گهٽجي رهي آهي ۽ ماڻهن کي ”سوچڻ“ بدران ”ردعمل ڏيڻ“ جي عادت پئجي رهي آهي.
پنھنجي سماج ۾ اخلاقي سطح تي بہ ھن اٽينشن اڪاناميءَ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي انساني ڏُک ۽ ان پويان ھروڀرو جي ڪُوڙي ھمدردي بہ ”وکر“ طور وڊيوز ۾ پيا ھلن. سچا حادثا، غربت، بيماريون، ذاتي جهڳڙا، خاندانن جا تڪرار ۽ عورتن جي نجي زندگي بہ وائرل مواد ۾ تبديل ٿي رهي آهي. ماڻهن جي درد تي همدردي گهٽ ۽ تفريح وڌيڪ ورتي وڃي ٿي. سچ اھو آھي تہ ھيءَ صورتحال سماج کي اندروني طور بيحس بڻائي رهي آهي.
ٻارن تي ان جا اثر وڌيڪ خطرناڪ آهن. ڪيترن ملڪن ۾ هاڻي اسڪولن اندر بہ ڌيان جي کوٽ هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي. استاد شڪايت ڪن ٿا تہ شاگرد ڊگهي وقت تائين ڪنھن هڪ ڳالهہ تي ڌيان نٿا ڏئي سگهن. پڙهڻ جي عادت گهٽجي رهي آهي، جڏهن تہ هر شيءِ کي ”15 سيڪنڊن جي وڊيو“ ۾ سمجهڻ جي خواهش وڌي رهي آهي. اها ذهني تبديلي ايندڙ نسل جي فڪري صلاحيتن تي وڏو اثر وجهي سگهي ٿي.
پر سوال اهو آهي تہ ڇا ٽيڪنالاجي پاڻ انسان جي ويري آهي؟ شايد نہ! پر اصل مسئلو ان جي ”غير ذميوار استعمال“ ۽ ”غير اخلاقي ڊجيٽل ڪاروبار“ آهي. اٽينشن اڪانامي جو ڍانچو اهڙي طرح ٺھيل آهي جو ان جو مقصد انسان کي وڌيڪ وقت تائين اسڪرين سان ٻڌي رکڻ آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ وڊيو ڏسي ٿو تہ ميڊيا جو الگورٿم ان لاءِ سوين اهڙيون ٻيون وڊيوز تيار رکي ڇڏي ٿو. اها سرشت انسان جي نفسيات کي مسلسل ھڻ ھڻان ۾ رکي ٿي تہ جيئن ھُو آھا اپليڪيشن بند نہ ڪري.
ھاڻي جڏھن ھيءَ ڀيانڪ قسم جي روش ھر پاسي ھجي تہ ان مُوزي صورتحال کان بچڻ لاءِ فرد، خاندان، تعليمي ادارن ۽ رياستن کي گڏيل قدم کڻڻا پوندا. سڀ کان پھرين ”ڊجيٽل شعور“ ضروري آهي. ماڻهن کي اهو سمجهڻ گهرجي تہ سوشل ميڊيا جا الگورٿم غيرجانبدار ناهن. درحقيقت اهي اوهان جي ڌيان کي خريد ڪرڻ لاءِ ٺهيل آهن. جڏهن انسان کي اهو شعور ٿيندو تہ پوءِ هو پنھنجي وقت ۽ ذهني توانائي جي حفاظت بھتر نموني ڪري سگهندو.
گهرن اندر پنھنجا اصلي قدر قائم رکڻ لاءِ ھڪ ”ڊجيٽل رواج“ قائم ڪرڻ بہ تمام گهڻو ضروري آهي. مثال طور: کاڌي وقت موبائل استعمال نہ ڪرڻ، سمهڻ کان هڪ ڪلاڪ اڳ اسڪرين بند ڪرڻ، ٻارن لاءِ اسڪرين ٽائيم محدود ڪرڻ ۽ هفتي ۾ ڪجهہ وقت ”گانڌيءَ ورت“ جيان ”ڊجيٽل روزو“ رکڻ.
تازيون تحقيقون ٻڌائين ٿيون تہ جيڪي ماڻهو روزانو ڪجهہ وقت ڪتاب پڙهن ٿا، قدرتي ماحول ۾ وقت گذارين ٿا يا سماجي طور ماڻهن سان ملن جُلن ٿا، تہ انهن جي ذهني صحت بين جي ڀيٽ ۾ ڀلي رهي ٿي. ان ڪري ڪتاب، ادب، راند، موسيقي ۽ گهر ۾ ڳالهہ ٻولهہ ڪرڻ ان مُوزي اٽينشن اڪاناميءَ جي ذهني قبضي کان بچائڻ جا ڀلا نسخا ثابت ٿيا آھن.
تعليمي ادارن کي بہ”ڊجيٽل اخلاقيات“ ۽ ”ميڊيا خواندگي“ پڙهائڻ گهرجي. ٻارن کي سيکارڻو پوندو تہ هر وائرل شيءِ سچي يا فائديمند ناهي هوندي. انهن کي سوشل ميڊيائي الگورٿم، ڊيٽا ۽ نفسياتي هٿرادو طريقن بابت آگاهي ڏيڻ ضروري بڻجي چڪي آھي.
رياستن کي بہ ٽيڪنالاجي ڪمپنين تي ضابطا سخت ڪرڻا پوندا. ڪيترن يورپي ملڪن هاڻي ٻارن لاءِ ڪجهہ سماجي ميڊيا فيچرز محدود ڪرڻ شروع ڪيا آهن. نفسياتي تحقيق جي بنياد تي نوٽيفڪيشن ڊيزائن، انتھائي لت پيدا ڪندڙ اسڪرولنگ ۽ ڊيٽا جي غيراخلاقي استعمال تي بحث وڌي رهيو آهي. مستقبل ۾ شايد دنيا کي اهڙي ”ڊيجيٽل انساني حقن“ جي ضرورت پوي، جيڪي انسان جي ذهني آزاديءَ جي حفاظت ڪري سگهن.
اسان جھڙن معاشرن لاءِ هي مسئلو اڃا وڌيڪ حساس آهي، ڇو تہ هتي اڳ ئي تعليم، فڪري تربيت ۽ سماجي شعور جا مسئلا ڀيانڪ حدن تائين موجود آهن. جيڪڏهن نوجوان نسل مڪمل طور شارٽ وڊيو ڪلچر ۾ گم ٿي وڃي، تہ پوءِ علم، ادب، فلسفي ۽ تاريخ سان سندن تعلق ڪمزور ئي تہ ٿي ويو آھي. تنھن ڪري ئي تہ پاڻ وٽ ماڻهو تڪڙا رد عمل ڏيندڙ وڌيڪ ۽ گهٽ سوچيندڙ بڻجي ويا آھن.
پر ساڳئي وقت، اميد جو در بہ بند ناهي ڪرڻو. ساڳي ٽيڪنالاجي جيڪا سماج کي سطحي بڻائي سگهي ٿي، اها علم، ٻولي ۽ ثقافت جي واڌ لاءِ بہ استعمال ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن معياري مواد ٺاهيو وڃي، لوڪ ڏاھپ جيڪا اسان جي مادري ٻولين جي ڪُک ۾ ڀري پئي آھي ان جديد انداز ۾ پيش ڪيو وڃي، ۽ نوجوانن کي تخليقي، علمي ۽ مثبت ڊجيٽل ماحول ڏنو وڃي، تہ پوءِ ان اٽينشن اڪاناميءَ کي شعور جي اڪانامي ۾ بہ تبديل ڪري سگهجي ٿو.
مان انڪري ئي چوندو آھيان تہ ڊجيٽل دنيا ۾ اصل جنگ شايد ٻاھر نہ پر انسان جي ذهنن اندر هلي رهي آهي. سوال اهو آهي تہ اسان پنھنجو ڌيان ڪنھن جي حوالي ڪريون ٿا؟ ڇو تہ جنھن وٽ انسان جو ڌيان هوندو، مستقبل ۾ حقيقي طاقت بہ انهيءَ وٽ ئي هوندي.




