انسان ھزارين سالن جي تھذيبي زندگيءَ ۾ لقائن، شين ۽ انهن نتيجن ۾ دماغ جي اندر تصورن سان لاڳاپيل لفظ وري انهن جون معنائون مسلسل تبديل ڪندو رھي ٿو. ھزارين سالن جي ڳالهہ کي پاسي تي رکي گذريل ڪجهہ ئي صديون اڳ گذريل تيرھين صديءَ ۾ انگريزي ٻوليءَ جي لفظ ”نائيس“ (Nice) جي معنا ھوندي ھئي بي عقلو، ڄٽ، ناسمجهہ صفا مورک، پر چوڏھينءَ صديءَ کان پوءِ ان لفظ جي معنا تبديل ٿيڻ لڳي، پندرھينءَ صديءَ ۾ فھميدي معنا ٿيڻ لڳس، جو ھاڻي اھو اڄ تائين ”عمدي يا ڀلي“ تصور لاءِ ڪتب پيو ٿئي. (اھو ھڪ جدا بحث آھي تہ درحقيقت انگريزيءَ وارو اھو لفظ نائيس (nice) اصل ۾ پاڻ وارو ٻول ”نسئو“ ئي آھي، جنھن جو نار نالو آھي نسئي، سسئي جو ضد) حوالي طور ڏسو ھتي:
https://www.etymonline.com/word/nice
خير، پاڻ ٿا اچئون اڄ جي چونڊ ٻول تي يعني ”زاد“ جيڪو فارسيءَ ۾ ”ژاد“ جي صورت ۾ ملندو آھي. ھي جيڪو اڙدو ٻوليءَ ۾ عام طور تي چيو ويندو آھي نہ تہ ڦلاڻو ماڻهو ”برطانوي يا پاڪستاني نژاد“ آھي تہ اھو لفظ ”نژاد“ بہ ساڳي ئي زمري ۾ اچي ٿو. سو ان ”زاد“ لفظ جي معنا آھي ”-مان ڄاول“.
ھاڻي ائين ڪيئن ڪا شئي ڄمندي جيستائين ان ڄمڻ پويان جنسي ملاپ نہ ٿيو ھجي؟ اھو ناممڪن آھي. سو ااھو زاد فعلي حساب سان جنھن ٻول وٽ بيھي ٿو اھو آھي پاڻ وارو ”يڌ“ (جنھن مان يڌل، يڌو، يڌي وغيرہ جھڙا ٻيا ٻول نسرندا آھن) ۽ وري ان فعل جو اسم آھي ”يَڀُ“.
اوھان کي ان لفظ جي شجري کي سوچيندي ئي اندر ۾ جيڪڏھن ڪراھت محسوس ٿئي ٿي تہ اھا بڇان يا اڻوڻند جو احساس انڪري اڀري ٿو جو اوھان کي صدين کان ھلندڙ ھڪ مخصوص روش ۽ سوچ ۾ رکيو ويو آھي تہ اھو ڪم ڪريل ترين، زليل ترين يعني غليظ ترين آھي. پر يارو اھو ساڳيو ئي غليظ ترين ڪم* اڳتي ھلي ڪمال جا شاھڪار پيدا ڪري ٿو. جيئن ٻول ”يڀ“ جي ”يڌ“ مان ”زاد“ جيڪو ڪمال جي ٻين ٻولن ۾ بيھي اعلا ترين شڪل ٺاھي ٿو، جيئن شھزادو، شھزادي وغيرہ.
ھاڻي اچو ۽ ڏسو تہ ان تصور جو وري جسماني اولڙو پاڪ ڪتاب ۾ ڪيئن ٿو ملي: سورہ سجدہ جي اٺين نمبر آيت آھي: ”ثُمَّ جَعَلَ نَسْلَهُ مِن سُلَالَةٍ مِّن مَّاءٍ مَّهِينٍ“ يعني: ”پوءِ ان جو نسل ھڪ حقير ترين پاڻيءَ (يعني منيءَ) جي خمير مان ٺاھيو“. سو الھامي طور اھا تہ ٿيس ان جي جسماني اڻت پر فضيلت ڏسو ان ساڳي ئي حقير ترين پاڻيءَ جي ٽيپي مان ڄمندڙ جي! ساڳي ئي پاڪ ڪتاب جي سورة التين جي چوٿين نمبر آيت پڙهو: ”لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِیْ اَحْسَنِ تَقْوِیْمٍ“ معنا: ”بيشڪ يقين سان اسان انسان کي سڀ کان سھڻي صورت ۾ پيدا ڪيو آھي.“
اوھان کي ڪجهہ سمجهہ ۾ اچي ٿو تہ ھر تخليق جي شروعات نہ رڳو ڪراھت ڏيندڙ يا درد ڏيندڙ يا مزو ڪرڪرو ڪندڙ حالتن مان ٿيندي آھي جيڪا اڳتي ھلي ڪمال جو درجو ماڻيندي آھي بلڪل ائين ئي ٻولين جا لفظ، انهن جون اڻتون، ٺاھ ٺوھ، بڻياد بہ ائين ئي ٿيندا آھن. ان مان اھو ٿو لڳي تہ ھزارين ورھيہ اڳ جن تصورن کي اسان اڄ بڇڙو سمجهون ٿا اھي تصور ڪنھن ٻي حالت ۾ سمجهيا ويندا ھئا.
ھاڻي لساني حساب سان ٻيھر مٿين لفظن جي ٺاھ ٺوھ ڏسو ۽ سمجهو. تہ ”يڀ“ جي ”يڌ“ مان ”ياڌ“ ٿيندو اھو ”زاد“ جي شڪل ۾ ڪيئن نروار ٿيو؟ ھي سفر واقعي بہ حيرت ۾ وجهندڙ آھي. تہ اوھان کي نہ ٿو لڳي تہ انساني ٻوليون پنھنجي خمير ۾ ھزارين سالن جو تجربو ۽ لوڪ ڏاھپ کان ويندي سائنس ۽ فلسفي وغيرہ کي ڪيئن ٿيون سانڍينديون اچن! ھاڻي اندازو لڳايو تہ اڄوڪي گار سمجهيل ٻولن جو ماضي ڇا ھئو، ڇا مان ڇا ٿي ويو.
….
*ڪم: سنڌي ٻوليءَ ۾ لڳي ائين ٿو تہ ھزارين سال اڳ لفظ ”ڪم“ جي پيڙھ رکي ئي ان جنسي ڪم ھئي، جنھن جي باقيات اڄ سوڌو ھندي ٻوليءَ ۾ ڪاما جي صورت ۾ موجود آھي. جيئن ڪام واسڻا يعني جنسي خواھش، ڪاما سترا (سُٽ) يعني جنس جي ٺاھ ٺُوھ وغيرہ.




