ڍيڍ شڪارين جي باقيات

انسانذات جهنگ مان نڪتي تہ آهي پر اڄ تائين اندر ۾ ”شڪار ڪرڻ“ واري عادت منجهس رهي پئي آهي. جيڪي ماڻهو سڌري حياتيءَ جي چرخي کي سمجهي ويا آهن اهي مڙيوئي شڪار ڪرڻ واري روش مان نڪري ڪافي اڳتي وڌي ويا آهن.
پاڻ واري برصغير ۾ اڃا تائين هندو ڌرم جي هيٺين ذاتين معنا شودرن ۾ جانور پوءِ اهي جيڪي بہ هجن انهن کي ماري کائڻ واري جبلت اڃا سوڌي هلي رهي آهي. سنڌ ۾ مختلف جڳھن تي شڪاري لاڏُو جيڪي ڍيڍ سڏجن ٿا اهي ڳوھ بلائون، نوريئڙا، ڳورپٽ، گدڙ، نور، سوئر مطلب هر قسم جا چوپايا ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانور ڳولي ڳولي ماري انهن کي کائيندا آهن. سنڌ ۾ اهڙين ذاتين ۾ هڪ ڳالهہ مشھور آهي تہ: ”سانڊو تہ ٿوم، ڳوھ تہ ميٿي“… حالت اها آهي تہ انهن جا مرد ڏڦا ۽ تيز ڌاريدار لٺين ۾ پٽ هڻي رڳو ناليون اوسا پاسا پيا جاچيندا رهندا… شل نہ ڪنھن نَور يا ڳوھ تي انهن جي نظر پئي ته سمجهو مري ويو اهو جانور!
وري ڏيڍ هزار سال اڳ ٿيو ڪجهہ ائين هو جو پاڻ واري سنڌ ۾ ”عرب سڳورو“ هڪ اهڙو آيو هو جنھن راجا ڏاهر جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري هتي اهڙو هوڪو ڏنائين جو هتي جا شودر، ڍيڍ گهڻي مقدار ۾ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا! برهمڻن کي تہ اها ڳالهہ نہ آئڙي، سو لڳ ڀڳ اهي سڀ ساڳيا برهمڻ ئي رهيا، جيڪي شڪاري ڀيل ڍيڍ شودر هئا سي ڪجهہ ڏنڊي جي زور تي تہ ڪي وري هڪ قطار ۾ بيھڻ واري ڏٽي پوزيءَ ۾ ”بسم الله“ ڪري نئين حساب سان زندگي گذارڻ لڳا.
هاڻي وري انهن کي حلال حرام جي پٽي اهڙي پڙهائي وئي جو اهي ڪُمين، سيسر، نور نوريئڙا، ڳوهون سوئر تہ نہ کائڻ لڳا، پر انهن کي هڪ نئون خيال ڏنو ويو!
کين چيو ويو تہ سانڊو نمڪ حرام جانور آهي ڇوتہ ان حضرت ابراهيم کي باھ ۾ سڙڻ لاءِ ڦوڪون پئي ڏنيون، نانگ بلا انڪري حرام آهي جو انهن ڏاڏيءَ حوا کي جنت ۾ برغلايو، سو انهن حرام ۽ پليت جانورن کي ماريو!
سو هنن کي هاڻي کائڻ کان تہ روڪيو ويو، پر اندر ۾ شڪاري جبلت کين هر هر پئي اڪسايو تہ ماريو ماريو، جانور ماريو!… ۽ ائين اڄ تائين انهن ماضيءَ جي ڍيڍ، شڪاري شودرن جي اندر ۾ جانورن کي مارڻ جي اهڙي تہ لست ملي وئي آهي جو اهي اڄ جي دور ۾ شل نہ ڪو ڳورپٽ ڏسن، يا ڪتو، ٻلو، پکي پکڻ، ڪو اڄاتو جانور… تہ بندوقون ڪلهن تي رکي کين مارڻ ۾ لڳي ويندا!
اصل ۾ اهي اڄ تائين پنهنجي اندر ۾ هڪ عدد ڍيڍ شڪاري جيئرو رکيون ٿا اچن! اعتبار نہ اچيوَ تہ پڙهو روز روز جون اخبارون! پاڻ ئي سمجهي ويندئو تہ انهن ڍيڍن جو رهيل نسل ڪير آهن!