ھڪ پاسي جنھن وقت يونان جو وڏو ڏاھو سقراط دليلن سان چڱن ڀلن جون واڇون گودو ڪندو رھندو ھئو تہ ٻئي پاسي سندس زال زينٿپي کيس سدائين اڻ ٻڌو ڪندي آئي ھئي، رھندو کھندو ڪاوڙ ۾ اچي مڙس مٿان ھڪ ڀيري تہ ٽھڪندڙ قھوي جي ڪيٽلي اھڙي تہ ٺوڪي ڇڏيائين جو آخري وقت تائين سقراط جي منھن تي ان واردات جا نشان چٽا رھيا! اھو سقراط، جنھن جا شاگرد جڏھن مسلسل سندس ھا ۾ ھا ملائيندا ھئا تہ ھو اڪثر وري انھن مٿان تپي ويندو ھئو تہ مان ڪو اوھان جو ربي مرشد آھيان جو اوھان منھنجي ھر ڳالهہ اکيون پوري مڃي ٿا ڇڏيو ، سو مڙس ماڻهو ٿيو، مون مٿان ڇتي تنقيد ڪندا ڪريو! اھو سقراط، جنھن لاءِ ڊيلفيءَ واري مندر جا پروھت بہ چوندا ھئا تہ آسماني ديوتائن کان پوءِ ڌرتيءَ تي جيڪڏھن ڪو ڏاھو آھي تہ اھو مُئو ماريو سقراط ئي آھي، جيڪو وري پنھنجي پاڻ لاءِ ائين چوندو ھئو تہ ”سواءِ ان جي تہ مان ڪجهہ نہ ٿو ڄاڻان، باقي مان ٻيو ڪجهہ بہ نہ ٿو ڄاڻان!“ اڄ ٻن ھزار سالن کان بہ وڌيڪ وقت گذري وڃڻ جي باوجود پوري دنيا جا فيلسوف جيڪڏھن سقراط جا مثال نہ ڏين تہ کين احساس ٿيندو آھي تہ ھو وڏي زيادتي ڪن ٿا! اھو سقراط، جيڪو چوندو ھئو تہ ”جيڪا زندگي تنقيد کان آجي آھي اھا ڪنھن بہ ڪم جي ناھي.“ شايد اھا سقراط جي وڏائي ھُئي جيڪو ان وقت تنقيد کي اکين تي رکندو ھئو. پر اڄوڪي جديد دور ۾ تنقيد تہ پري جي ڳالهہ پر اظھار جي آزاديءَ جي نالي تي ڇا ٿي رھيو آھي ان جي ھڪ جهلڪ آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي جنسي اسڪينڊل جي متاثر مائي مونيڪا ليونسڪي جي واتان ٻڌون ٿا جيڪا چئي رھي آھي تہ:
”گذريل ٻن ڏهاڪن کان اسان پنھنجي ڌرتيءَ ۾ هڪ اهڙو زهر پوکي رهيا آهيون، جنھن ۾ ھاڻي انساني مان ۽ مريادا جا بخيا اڊيڙجي ويا آھن، ان سان گڏ ھاڻي ھتي هڪ ٻي گندي ثقافت به ڦُٽي رهي آهي جيڪا آهي ”ذلالتن ۽ ذليل ڪرڻ جي ثقافت“. ھاڻي ھتي اسان ڪارپوريٽ مارڪيٽ سان گڏ هڪڙي ٻي بہ مارڪيٽ ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا آهي ”بيعزت ڪرڻ جي مارڪيٽ“، جتي ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ ھاڻي ڪاروبار بڻجي ويو آهي ۽ عجيب ڳالهہ اها آھي جو ان مان دولت ڪمائي پئي وڃي.ڪڏهن سوچيو اٿوَ تہ اھا ڪيئن؟ جنھن مارڪيٽ ۾ اوهان بس هڪ ڪلڪ ڪريو ۽ جيئن اي ڪامرس جي ويب سائيٽن تي ھڪ ڪلڪ ڪرڻ سان شيون خريد ڪيون وينديون آھن تيئن ئي ھن بيعزت ڪرڻ واري مارڪيٽ ۾ وڌ کان وڌ ڪِلڪن ڪرڻ سان وڌ کان وڌ بيعزت ڪيو پيو وڃي. پاڻ ڪڏھن سوچيو آھي تہ اسان اظهار راءِ جي آزاديءَ جو تہ تمام گهڻو پرچار ڪيون ٿا، پر ڪڏھن اسان اظهار جي اُن آزاديءَ جي ذميداريءَ بابت بہ سوچيو آهي؟ تہ ڪھڙي ڳالهہ، ڪھڙي طريقي سان ڪرڻ گهرجي؟“
اوهان سوشل ميڊيا تي هڪ روايت محسوس ڪئي آهي تہ ڪوبہ صارف ڪنھن بہ قسم جي ڳالهہ ڪري ۽ خاص طور تي ان ڳالهہ جو مفھوم جيڪڏھن ڪنھن ٻئي ھمراھ جي ڄنڊا پٽ ڪرڻ هجي پوءِ چاهي ان ڳالهہ جي پويان مقصد سواءِ ٻئي صارف کي ذليل ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به نہ هجي پر ان ڳالهہ رکڻ کان پوءِ، سندس فيس بُڪي دوست جيڪي تبصرا ڪندا آهن، انهن تبصرن ۾ ڇا تہ تبرا لعنتون ملامتون هونديون آهن جو فلحال تہ دل ماتم ڪرڻ تي چوندي آهي.
الف خان پنھنجي سوشل ميڊيائي ڀت (وال) تي ڪنھن دوست لاءِ اول فول لکيو تہ ڦلاڻو هيئن ٿو ڪري جيڪو اسان جي ازلي مقصدن کي ڌڪ رسائڻ آهي. هاڻي ٿيندو ڇا؟ الف خان جا دوست ان جي مقصد کي سمجهڻ، حقيقت کي ڄاڻڻ جي هڪ ٽڪي جيتري بہ ڪوشش نہ ڪندا ۽ شروع ٿي ويندا، بيشمار لعنت ، غدار، ذليل (۽ الائي ڪھڙا ڪھڙا تبصرا ڪندا)
هي تہ بلڪل ائين آهي جيئن بازار ۾ اچانڪ ڪا عورت ڪنھن مرد لاءِ چوي تہ هن مونسان حرڪت ڪئي آهي تہ بازار جا لانگهائو سڀ جو سڀ ان عورت جا ”عارضي“ ڀائر ٿي ويندا ۽ لتر، بجا، ٿڦون، ٺونشا سڀ جو سڀ ان همراه جي مٿان شروع ٿي ويندا، پوءِ ڀلي اهو ماڻهو بي قصور ئي ڇونہ هجي. اها ساڳي روش سوشل ميڊيا ۾ جام ملندي آهي. هاڻي ان ئي ڳالهہ مان اوهان اندازو ڪري وڃو تہ اسان ڪيترا انصاف پسند آهيون.
چون ٿا تہ ڪئنيڊا جي البارٽا واري علائقن ۾ بلا جي برف باري ٿيندي آهي. ٿڌ ايتري جو الله ڏئي امان، جهنگن ۾ برف ايتري تہ ڪرندي آهي جو ماڻهو اتان گذري تہ گوڏن تائين گم ٿي ويندو آهي. سيءَ جو عالم اهو هوندو آهي جو ڪاٽُو ويھ يا ٽيھ جي ڀر ۾ جڏهن ٿڌ پد ٿي وڃي تہ جهنگن ۾ وڃي بچندا ڪي بگهڙ، نہ تہ هر طرف هوا ۽ ڪرندڙ برف جي واويلا لڳي پئي هوندي آهي. ان وقت اتي رهندڙ بگهڙ هڪ عجيب قسم جي ڪرت ڪندا آهن. ڪندا ڇا آهن جو اهي گول دائري جي شڪل ۾ ويھي هڪ ٻئي کي تڪڻ شروع ڪندا آهن. مجال جو ڪنھن اوناڪيو بہ، بس خاموشيءَ سان هڪٻئي کي تڪيندا رهندا. ڪلاڪ گذرندو، ٻہ ڪلاڪ لنگهي ويندا، ٽي، چار، اوچتو ڇا ٿيندو جو انهن بگهڙن مان جيڪو ڪمزور بگهڙ هوندو اهو ٿڪجي آڍربو، نٻل حالت ۾ جيئن ئي هو ڪرڻ لڳندو، تہ ٻيا بگهڙ امالڪ کيس ورائي ويندا ۽ ڪجهہ ئي دير ۾ هن جا آنڊا گونڊا ڪڍي کيس کائي ويندا. بگهڙن جي جسمن ۾ گرمي ۽ پيٽ قوت اچي ويندي، وري ڪجهہ ڪلاڪن لاءِ گهمي ڦري وري ساڳي نموني سان ”ڦڻ ڦڻ سونٽو، دٻلي ٿي کڙڪي“ جيان ويھي وري ٻي ڪمزور کي کائڻ لاءِ ساڳي ڪرت ڪندا.
بگهڙن جي ان خوني ڪرت کي، فارسي ٻوليءَ جا پارکو ۽ پاٺڪ ”گرگ باران ديدہ“ جو نالو ڏيندا آهن. مان وري چوندس تہ اسان وٽ اهي خوني قسم جا نہ بگهڙ ٿين، نہ ئي وري ڪاٽُو ويھ ٽيھ جھڙا پارا، مٿان وري گرميءَ جو ٻوساٽ، سو هتي وري مٿين روش جھڙي ڪرت “ٻہ ڄنگها بگهڙ” ڪندا آهن. ظاهر آهي سماج سماج جو فرق ٿئي ٿو سو هتي وري گرگ باران ديدہ ابتي ٿيندي آهي. هُتي چار ڄنگها بگهڙ موت مار ٿڌ ۾ گول دائري ۾ ويھي هڪ ٻئي کي ڏسندا آهن پر هِتي ٻہ ڄنگها بگهڙ نمرودي باھ جھڙي حسد ۾ سڙندي، گول دائري ۾ هڪٻئي کي پٺيون ڏئي دائري کان ٻاهر تڪيندا آهن. شل نہ ڪو اچانڪ چست ۽ ڪم وارو ماڻهو نظر اچي، سڀ نعرو هڻي ان کي ورائي ويندا. کيس کائي ويندا. انهن ٻہ ڄنگهي بگهڙن قسم کاڌو آهي تہ هتي ڪوبہ ڪم نہ ڪندو، هتي ڪوبہ تبديليءَ جي ڳالهہ نہ ڪندو، علم شعور، نيڪ نيتيءَ ۽ فھم فضيلت جي جنھن بہ ڳالهہ ڪئي اهو انهن ٻہ ٽنگي بگهڙن هٿان مرڻو ئي آهي.
ھاڻي مٿين روش کي جيڪڏھن اظھار جي آزاديءَ جو نالو ڏنو وڃي ۽ اھو چيو وڃي تہ اھو منھنجو جمهوري حق آھي تڏھن مونجهہ ٿيندي آھي. مٿي سقراط جي دليل مٿان ملمع ڪاري ڪري جيڪڏھن ھيٺ مونيڪا ليونسڪيءَ جي چوڻ موجب پڳون لاھڻ اظھار جي آزادي چئي وڃي تڏھن سماج جي سڀني ادارن لاءِ ھي واقعي بہ ھڪ ڇرڪائيندڙ پاسو آھي. جنھن تي ھر رخ کان ڪم ٿيڻ گهرجي. جنھن ۾ اسان جي پڙهيل ڳڙهيل ڪلاس جي ذھني تربيت سماجي نيٽورڪن جي سائيٽن تي ملي رھي آھي. جن لاءِ مير صاحب واھ جي ڳالهہ ڪندو آھي تہ: ”اٺ ڪتابن جا پڙهي بہ اوھان کي ڳالهائڻ نہ ٿو اچي تہ پڪ سمجهو اھو مطالعو اوھان سندي ذات کي بھتر ڪرڻ لاءِ نہ پر ٻين تي لٺيون وسائڻ لاءِ ڪيو آھي.“