پنھنجو ڪيٿارسس

بد اخلاقيءَ جي بہ ڪا حد ھوندي آھي ۽ جڏھن اھا پنھنجي حد اورانگهي تہ اھا بد اخلاقي نہ پر سفاڪي، حيوانگي ٿي انسانيت مان ئي ڪڍيو ڇڏي!

ڪافي ڏينھن کان فيس بُڪ جي انباڪس ۾ گاريون گند تہ جيڪي ڪندا اچن اھي ھاڻي ايس ايم ايس ذريعي زليل ترين حرڪتون ڪندا منھنجي ٻچڙن لاءِ بہ بي انتھا ڪريل لفظ استعمال ڪندي اھو بہ نہ ٿا سمجهن تہ اھي ڪنھن سان ڪيتري قدر ڪريل ٻولي ڳالهائين ٿا!

ڪالهہ کان وٺي واقعي منھنجو صبر بلڪل ختم ٿيندي محسوس ٿئي پيو! منھنجا دوستو مان ڪو صبر ايوبيءَ جو دعويدار ناھيان نہ ئي وري مان ڪو ”تذڪرہ اولياءَ“ جي ڪنھن پير فقير جو ڪو ٻيو جنم آھيان جو منھنجي مٿان ڪو مسخرو پيشاب ڪري تہ مان پنھنجي نفس کي اھو چئي خوش ٿيان تہ ”اڄ تون کي تنھنجي اوقات جي خبر پئي سو واھ واھ..“

حالت اھا آھي تہ جيڪڏھن مان ان شيءِ جو اظھار ڪيان ٿو جيڪو مون کي سمجهہ ۾ اچي ٿو تہ ”مان غدار آھيان، مان ھڪ خاص ڌر جو پگهاردار آھيان، مان جيڪو ڪيان ٿو اھو ڪنھن فرد يا ڌر جي خوشنوديءَ حاصل ڪرڻ لاءِ پيو ڪيان… مان مال پيو ميڙيان، ۽ ان ناجائز مال کي پنھنجي ٻچڙن جي پيٽ وجهي حرامخوري پيو ڪيان، مان سنڌ دشمن آھيان، مان ڦلاڻي مير پير شاہ ۽ زردار جو ….. آھيان…“

مٿيان اھي جملا آھن جيڪي مان لکي سگهيو آھيان، پر جيڪي نہ ٿو لکي سگهان اھي اصل ۾ ساڳيا ئي جملا ۽ لقب آھن جيڪي ڪوبہ فھميدو ماڻھو پنھنجي نياڻين جي سامهون ورجائي نہ سگهندو آھي!

دوستو! جيڪي مون کي ويجهي کان سڃاڻين ٿا صرف انهن کي خبر آھي ٻيو جيڪي منھنجا ڳوٺائي آھن اھي ڄاڻن ٿا تہ زندگيءَ ۾ سڻڀين جڳھن تي رھندي بہ مان ڪڏھن ھڪ ٽڪو پئسو بہ حرام جو ناھي کنيون! نوي کان وٺي ھن مھل تائين ستن ادارن جي بھترين جڳھن تي ڪم ڪندي جيڪڏھن اھي پوسٽون ڄاڻي واڻي ڇڏيون ھونديون تہ بہ انڪري جو مون کان حرامخوري ڪرائڻ جا سانباھا ٿيا ھوندا!

مان پنھنجي ٽولي ۾ واحد اھو بيوقوف ترين ماڻهو ھوندم جيڪو گذريل ڇھن سالن کان ٽن ادارن ۾ گهٽ کان گهٽ پگهار کڻي ڪم ڪندڙ ھوندم. اندازو ڪريو: 2013 ۾ اڍائي لک پگهار، ھڪ ڪارپوريٽ يونيورسٽيءَ ۾ ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ، ھڪ مشھور ٽي وي چئنل پاران منو لک ڪنسلٽنسيءَ جي عيوض ملندڙ جدا، پر مان لئنگئيج اٿارٽي صرف ۽ صرف مني لک رپين تي راضي ٿي ڪم ڪيم.

جتان وري نفسياتي طور تي ڪجهہ منھنجي ۽ ڪجهہ بالا افسر جي ”فني خرابين“ جي ڪري ثقافت جي وزير سيد سردار شاھ مون کي ڪلچر کاتي ۾ وٺي اچي ٿو، جتي بہ مان ٽي مھينا اڌار تي ڪم ڪندو رھيم. 2014 کان وٺي منھنجي ڪمن جي ڪري گوگل مونکي پنھنجي ”پارٽنرشپ پروگرام“ ۾ رکي ٿي.

مارچ 2018 کان گوگل پاران ٻہ ڀيرا آڇ (پھرين عمان ملڪ ۽ ٻي وري آسٽريا ملڪ ۾ پروگرام آفيسر) لاءِ اچي ٿي، جنھن جي ترتيبوار پگهار ساڍا نوَ لک رپيا ۽ سوا تيرنھن لک رپين سان گڏ ٻيون مراعتون بہ.. پر مان پھرين لمبر جو احمق ماڻھو انھن کان معافي وٺي ڏيڍ لک رپين جي عيوض ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪيان ٿو.

ڪم ڇا آھن؟

  1. سنڌ جي قديم ماڳن مڪانن، سير سياحت وارين جڳھن ۽ علائقن کي ڊجيٽلائيزڊ ڊاڪيومينٽ ڪرڻ
  2. سنڌي ٻوليءَ جي ھڙني لھجن جي نيورال نيٽورڪ ۾ گنجائش پيدا ڪرڻ
  3. سنڌ جي سير سياحت کي ترقي ڏيارڻ تہ جيئن سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ناماچاري ٿئي وغيرہ

۽ ھي مان ڇو ٿو ڪيان؟ سبب صفا سادا آھن. منھنجو سنڌ، سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ سان عشق آھي. منھنجي مرحوم بابا جي اميد ھئي، مٿان وري سائين سردار شاہ اڪيلائيءَ ۾ چوي ٿو تہ امر مان تون سان گڏ آھيان، ڪر.. جيڪو وڻئي ڪر، پر سنڌ جي ثقافت، ٻولي ماڳ مڪان دنيا تائين پھچاءِ ۽ ٻوليءَ جي انجڻڪاري مڪمل ڪر، مان آھيان يا ناھيان، پر اھا پڪ سمجهہ تہ مان تون سان گڏ آھيان!

اھو ساڳيو امر سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جو بہ رھي ٿو ۽ مان نعرو ھڻي ڪاھي پوان ٿو!

سائين سردار شاھ اھو ڪجهہ ڪيو جيڪو سندس وس ۾ ھئو ۽ مونکي پڪ آھي تہ ڪندو رھندو. ھن منھنجي پھرين پريزينٽيشن تي چيو تہ ”امر! سمجهہ تہ ماجد ڀرڳڙي سينٽر فار لئنگئيج انجنيئرنگ ٺھي ويو! ھاڻي ڪم کي ڇڪيو!

۽ ان اداري جي عمارت ھاڻي پنجانوي سيڪڙو مڪمل ٺھي چڪي آھي جيڪا اميد آھي تہ اگسٽ کان پھرين راس ٿي چڪي ھوندي! جتي سڄي سنڌ مان ٽئلينٽ کي کڻي سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽنگ ۾ عالمگير سطح تائين آڻڻو آھي.

جنھن دور ۾ اسان رھون ٿا ان ۾ ڪنھن کي ڪو انڪار ٿي سگهي ٿو تہ سرڪاري سطح تي ھڪ ادارو قائم ڪرائڻ ڪيڏو نہ برڙباڪاس ڪم آھي. ۽ اھو ادارو قائم ڪرائي تہ وياسين پر ان جو پوءِ ڇا ٿيندو؟

جيڪڏھن ھن سينٽر جي پوئواري نہ ٿي، جيڪڏھن ھن سينٽر جي ٺھڻ جو مقصد پورو نہ ٿيو ۽ سرڪاري بيوروڪريسيءَ جي اک تي چڙھي ويو تہ پوءِ؟

سنڌ اندر ڪيترا اھڙا ادارا آھن؟ جن جي پوئواري ۽ ساندھ نواڻ نہ ٿيڻ جي ڪري ڪيئن اھي خود ”نوادرات“ جيان ٿيندا ٿا وڃن؟ ڪنھن کي ڪا ڪل جن آھن؟

مونکي چوڻ ڏيو تہ پاڻ ازدھا قسم جا ”نقاد“ تہ آھيون پر افسوس جو تخليقي گهٽ ثابت ٿيا آھيون. اوھان ناھي ڏٺو تہ سنڌي ٻوليءَ جي مروج ڳالهہ ٻولهہ ۾ ”تخليق“ جو مطلب ئي شاعري، يا ڪھاڻي ٿئي ٿو، يا وري ڪو ڪتاب…! پر ڇا تخليق اھا ئي آھي؟ ڪا سائنسي ترتيب…؟ ڪا سائنسي ۽ سماج جا رخ مٽيندڙ تحقيق؟ اھي ڪٿي ۽ ڪيتريون ٿيون آھن؟

مون کي اھو بہ چوڻ ڏيو تہ گذريل ٽيھن سالن ۾ جيڪڏھن ڪا حقيقي تخليق ۽ تحقيق ٿي آھي تہ اھا ”ايم بي سنڌي“ ئي آھي، جنھن جي ڪري اڄ سڄي سنڌ ۾ ھزارين نوجوان، چار ڏوڪڙ ڪمائين ٿا!

۽ اسان ان ساڳي مشن کي اڳتي ڪرڻ لاءِ نھاريون ٿا! پر ھاڻي صرف ھڪ ئي ڪم ناھي، پر ثقافت، نوادرات ماڳ مڪان بہ ڊاڪيومينٽ ڪرڻا آھن. سو مان اھي ڪم ڪيان ٿو. مھيني ۾ ھڪ يا ٻہ ڀيرو ٻارن سان ملان ٿو.. نہ تہ چوويھ ئي ڪلاڪ ڪم ۾ لڳل ماڻهو، جيڪڏھن ننڊ کي ڇڏي پنھنجي ماڻھن سان ھم ڪلام ٿي کين پنھنجي آڌار درست فيصلا ڪرڻ لاءِ لکان ٿو تہ گاريون ملن؟

جيڪڏھن مان وسيع ترين قومي مفادن کي اک ۾ رکي اھو ڏسان تہ ”ھيءَ دوا عارضي طور تي تہ ٺيڪ ڪري سگهي ٿي پر عمر ڀر جو عذاب آڻيندي“ ۽ مان اھا جهليان تہ مون کي ۽ منھنجي نياڻين کي بہ گاريون ملن؟؟؟ ڇا ھي آھي ”شعور؟“

مان سمجهان ٿو تہ ھن سسٽم ۾ رھي ڪم ڪرڻو آھي، اھڙو ڪم جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ لاڀائتو ھجي، سو اھڙن ڪمن لاءِ ڪا طاقت کپي، ڪا ڌر کپي جيڪا انھن ڪمن کي پنھنجي منزل تائين نعريبازيءَ جي ابتڙ حقيقي طور تي رسائي! ۽ مونکي اھڙي طاقت سائين سردار شاھ جي صورت ۾ ملي ٿي. جيڪو منھنجو فيس بڪ تي 2011 کان دوست بہ آھي تہ جيڪو پنھنجي ارادن ۽ ادراڪ ۾ گهڻو فھميدو بہ آھي. جنھن ھم وقت تائين سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کاتي ۾ جيڪي اڳڀرايون ڪيون آھن اھي تاريخ ۾ لکيون وينديون. سو مان لکان ٿو. ھن جي حمايت ۾ بہ لکان ٿو تہ سنڌ دشمن حرڪتن تي بہ لکندو آھيان.

جن جي ڪري ھاڻي طعنا تنڪا ملندي ملندي جڏھن گارين تائين نوبت اچي وئي آھي تہ مان چپ ٿي ويو آھيان. خبر ناھي تہ منھنجي لکڻين جي سزا مون کي تہ ملي پر منھنجي ٻارن ۽ ٻچڙن ڪھڙو ڏوھ ڪيو؟

سو اڄ ڦاٽي پيو آھيان! مون کي معاف ڪجو دوستو! اڄ ضبط ٽٽي پيو اٿم! پر اھا ڳالھ مان وڏي واڪي چوان ٿو تہ پاڻ جي اڪثريت جيڪو ڪجهہ ڪري ٿي اھو صحيح نہ ٿي ڪري! ان جو عذاب پاڻ بہ ڀوڳينداسين پر ايندڙ نسل بہ ڀوڳيندو، جيئن پاڻ اڳ ۾ ئي ڀوڳي رھيا آھيون!