اظھار جي آزادي يا آوارگي

ھڪ پاسي جنھن وقت يونان جو وڏو ڏاھو سقراط دليلن سان چڱن ڀلن جون واڇون گودو ڪندو رھندو ھئو تہ ٻئي پاسي سندس زال زينٿپي کيس سدائين اڻ ٻڌو ڪندي آئي ھئي، رھندو کھندو ڪاوڙ ۾ اچي مڙس مٿان ھڪ ڀيري تہ ٽھڪندڙ قھوي جي ڪيٽلي اھڙي تہ ٺوڪي ڇڏيائين جو آخري وقت تائين سقراط جي منھن تي...