امر فياض ٻرڙي جي سائيٽ تي اوهان کي ڀليڪار ڪجي ٿوبند ڪريو

سنڌي ڪالم

تخمي خار، جنهن کي سائنس ۾ مِيُوٽَنٽ سڏجي ٿو

ٿئي ڇا ٿو ته جڏهن عورت جي پيٽ ۾ انساني سلسلو شروع ٿئي ٿو ان رات جي وارتا کي پهريون ضرور سمجھجي ته گھڻو ڪري گھڻو مونجھارو سلجھي ويندو.

پهريون ڪجھ حقيقتون سمجھو:

الف.  مرد جي تخم (اسپرم) ۾ ٽيويهه ڪروموسوم ۽ هڪ نيوڪليس ٿيندو آهي.

ب. ساڳي طور عورت جي آني ۾ به ٽيويهه ڪروموسوم ٿيندا آهن ۽ هڪ نيوڪليئس.

ٻ. جڏهن اهي ٻئي ملندا آهن ته ٻئي نيوڪليئس پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي کير کنڊ ٿي ويندا آهن.

hghfjf ()

مڪمل پڙهو...

سنڌي سياسي طالبانيت کي قبلو مٽجڻ گھرجي

هڪ ماڻهو، دماغ جو صفا ڪورو، جنهن جي ميڄالي کي پراڻي دور جي پرائمري اسڪولن ۾ استعمال ٿيندڙ پٽيءَ جيان ميٽ مَلي، نئين سري سان خيال ٿڦي تيار ڪيو وڃي ته هي بم پنهنجي سيني سان ٻڌي ڦلاڻي مارڪيٽ، جلسي، مسجد يا ڪنهن به مجموعي ۾ ڦاڙ، مر ۽ مار، ان جي عيوض هن فاني دنيا جنهن توکي سواءِ بک بدحاليءَ جي ڏنو به ڇاهي، ان مان نڪري مٿين دنيا ۾ پهچ جتي حسين ترين حورون جن جو جسم تنهنجي جسم سان ملڻ لاءِ آتو آهي، جتي تون خدا جي خوشنودي به حاصل ڪري سگھين ٿو اتي پهچي خدا جو ازلي مقصد پورو ڪر... ۽ هو ائين ئي ڪري ٿو!

hghfjf ()

مڪمل پڙهو...

تصورن جي جوڙجڪ ۽ اسان (آخري حصو)

پهريون حصو

هاڻي جيئن اسان پهرين حصي ۾ مشاهدو ڪري آياسين ته ذهن ۾ اڳواٽ مقرر ڪيل تصور ضرور ناهي ته درحقيقت ۾ نج ۽ صحيح هوندا آهن پر مان ته ائين چوندم لڳ ڀڳ سڀ جو سڀ مدي خارج ٿيندا آهن، ڇوته فطرت جو اهو ازلي اصول هوندو آهي ته هتي ڪابه شئي جامد ۽ سڪل حالت ۾ پڪي نه هوندي آهي، ائين هاڻي پنهنجي سماج ۾ ڳوڙهو اڀياس ڪري ڏسون ڇا ٿا؟ مان ان جو عملي مظاهرو هتي اوهان سڀني جي سامهون رکان ٿو.

hghfjf ()

مڪمل پڙهو...

تصورن جي جوڙجڪ (حصو پهريون)

ماڻهو شعور جي حدن ۾ داخل ٿيڻ سان ئي پنهنجي ماءُ پيءُ، وري اسڪول، سنگت ساٿ ۽ پوءِ سماج جي سڀني ادارن ۾ جيڪي ڪجھ ڏسندو آهي ۽ انهن لقائن يا مليل ڄاڻ مان جيڪي تصور پنهنجي ذهن ۾ سانڍي ان آڌار تي هلندو آهي ان کي سولي نموني سان ائين کڻي چئجي ته هي في الحال ان طوطي مثال هوندو آهي جيڪو اڃان پنهنجي طوطڪي ٻوليءَ ۾ ”ٽيئون ٽيئون“ ئي پيو ڪندو آهي. هو جيڪو ڪجھ به ڳالهائيندو يا ڪم ڪندو آهي اهو سندس ته بلڪل نه، پر سماج جي ئي ڪاپي ڪندو آهي. هو جيڪو ڪجھ ڳالهائي پيو اهو اڳ ۾ ئي چيل هوندو آهي، هو جيڪو ڪجھ ڪندو آهي اهو ڪم هن کان اڳ سڀ جو سڀ ڪندا ئي رهندا آهن. انڪري اهو اڃان ٻار ئي سڏرائيندو آهي.

hghfjf ()

مڪمل پڙهو...

ماڻهو ڇا چوندا؟

هالن کان اوڀر پاسي وارن ننڍن ننڍن ڳوٺن جي عام ڪمي ڪاسبيءَ کان وٺي تر جي زميندارن ۽ ان وقت جي مغل سردارن جي مرشد سيد حبيب شاه جي پٽ سيد عبداللطيف شاه جڏهن پنهنجي شاعريءَ ۾ جتي وحدت جي عميق سمنڊ ۾ غوطا هڻندو رهيو ته اتي خاص طور تي سنڌي ماڻهن ۽ عام طور تي پوري خلق خدائيءَ کي ايڪانت جا درس به ڏيندو رهيو. هُو سر ڪلياڻ ۾ فطرت جي مها وحدت کي خدا جي خلق سان ڀيٽي چوندو رهيو ته هيءَ سڄي ڪائنات هڪ وحدت تي بيٺي آهي ۽ جنهن به هن وحدت کي ٽوڙيو تنهن تحقيق شرڪ ڪيو! هو مورڙي جي ننڍڙي قصي ۾ انسان جي معذورائپ کي ظاهر ڪندي ٻڌائيندو رهيو ته ڀلي هُو ڄنگھ کان منڊو ئي هئو، ننڍي ڀاءُ جي حيثيت سان تجربن ۾ سيکڙاٽ ئي هئو پر جڏهن مورڙي ڏٺو ته هن جي ڪُل مَوڙيءَ کي هڪ سامراج صفت مانگر مڇ ڳڙڪائي ويو آهي ته حرفتن ۽ سليقي سان ڪيئن نه معذور مورڙي ان اجگر کي ماري ان جي پيٽ مان پنهنجا ڀائر ڪڍي اچي ٿو! اوهان ڀلي هن قصي کي هڪ عام ”آکاڻي“ سمجھو پر درحقيقت اها به هڪ ٻي ڳالهه آهي ته هن قصي کي هتان کان ڪيئن ته ويهين صديءَ جي يوڪرائني ولي صفت محترم گرڊجيف عرف جورجي زادي، فرانس جي مڪتبن تائين پهچايو جتان وري هن جي ويجھي مريد ”اوس پنسڪيءَ“ پنهنجي ڪردارن ۾ مورڙي کي يورپي ماحول ڏئي ڳائڻ شروع ڪيو وري ان جي ڪردارن کان متاثر ٿي هالي ووڊ جي خبطي ڊائريڪٽرن ”وڪاسڪي“ ڀائرن مورڙي کي ”نيو“ جو جديد روپ ڏئي شهره آفاق فلم ”ميٽرڪس“ ٺاهي.

hghfjf ()

مڪمل پڙهو...