امر فياض ٻرڙي جي سائيٽ تي اوهان کي ڀليڪار ڪجي ٿوبند ڪريو

سنڌي ڪالم

  • 1
  • 2
  • 3
Prev Next

تخمي خار، جنهن کي سائنس ۾ مِيُوٽَنٽ سڏجي ٿو

تخمي خار، جنهن کي سائنس ۾ مِيُوٽَنٽ سڏجي ٿو

ٿئي ڇا ٿو ته جڏهن عورت جي پيٽ ۾ انساني سلسلو شروع ٿئي ٿو ان رات جي وارتا کي پهريون ضرور سمجھجي ته گھڻو ڪري گھڻو...

وڌيڪ پڙهو

سنڌي سياسي طالبانيت کي قبلو مٽجڻ گھرجي

سنڌي سياسي طالبانيت کي قبلو مٽجڻ گھرجي

هڪ ماڻهو، دماغ جو صفا ڪورو، جنهن جي ميڄالي کي پراڻي دور جي پرائمري اسڪولن ۾ استعمال ٿيندڙ پٽيءَ جيان ميٽ مَلي، نئين سري سان خيال...

وڌيڪ پڙهو

تصورن جي جوڙجڪ ۽ اسان (آخري حصو)

تصورن جي جوڙجڪ ۽ اسان (آخري حصو)

پهريون حصو هاڻي جيئن اسان پهرين حصي ۾ مشاهدو ڪري آياسين ته ذهن ۾ اڳواٽ مقرر ڪيل تصور ضرور ناهي ته درحقيقت ۾ نج ۽ صحيح هوندا...

وڌيڪ پڙهو

سنڌي شاعري

  • 1
  • 2
  • 3
Prev Next

بيت رنگ

بيت رنگ

ڪيڏي پنهنجي ڪوشش آ ته ڳالهائيون سرڀاٽن ۾ پر چور آواز ٿو چغلي کائي چوڙين جي ڇڻڪاٽن ۾.

وڌيڪ پڙهو

ڪجھ هائيڪا

ڪجھ هائيڪا

ايڏو چپ آنءِ سو ڇو؟ ڏسين نه ٿو سونهن لاءِ متل آ رونشو! ............................ خالي هن سند، اهڙي آئي آ ڪا نڀاڳي مند!

وڌيڪ پڙهو

پنج سٽا

پنج سٽا

پَن ڇَڻ جِي هِيءَ مُندَ اَو پيارا جُواني منهنجي ڪِيئَن سَهي ٿِي ڇا ٿِي پَئي جو گڏجِي گھارين پَروڪَي وانگر سِياٽِيَل سِيارا، اِئين ڳالهه ته ڪانه ٺهَي ٿِي! .....................

وڌيڪ پڙهو

شاه جو رسالو

  • 1
  • 2
  • 3
Prev Next

سر ڪيڏارو

داستان پَھريون1ڏِٺو مُحَرَّمُ ماهُ، سَنڪــو شَهـزادَنِ ٿِـيـو؛ڄاڻي ھيـڪُ اَللهُ، پاڻَ وَڻَندِيُون جو ڪَري.2مُحَرَّمَ موٽِي آئِيو، آئِيا تان نه اِمامَ؛مَدِيني جا ڄاَم مؤلا، مُون کي ميڙِئين!3مِيرَ مَدِينِئان نِڪِري آئِيا نه موٽِي؛ڪارا رَڱِج ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!آن تنِين لَءِ لوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ...

وڌيڪ پڙهو

سر سهڻي

داستان پهريون1وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن، تِکَ نرالِي؛جِن کي عِشقُ عَمِيَقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي؛وارِئين سا، والِي! هِنَئڙو جِن هَٿِ ڪيو.2واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اَڳي ٿيو؛گَھرِ ويٺيون گَھڻا ڪريو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان؛صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، سا جي ڏٺِي آن؛هُوندَ...

وڌيڪ پڙهو

سر مارئي

داستان پهريون1'اَلَستُ بِرَبِّڪُم'، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ؛'قَالُوا بَليٰ' قَلبَ سِيـن، تَڏَهِن تِتِّ چَيومِ؛تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين.2جَڏهِن 'ڪُن فَـيَڪُونُ'، مَنُ تَڏهانڪُون مارُئين؛تُون ڪِئَن وِجِهين تن کي، سُومِرا! شَڪُون؟هَمِيـرَنِ هَڪُون، جاڙَ جُسي کي پاتِــيُون!3نَڪا 'ڪُنۡ فَــيَڪُون' هُئي، نَڪا مُورَتَ ماهَ؛نَڪا سُڌِ...

وڌيڪ پڙهو

امر فياض ٻرڙي جي سائيٽ تي ڀليڪار

دنيا جي پهرين سنڌي سائيٽ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام کان پوءِ هي ٻي سائيٽ آهي جيڪا تمام تر برائوزرن ۽ موبائلن جي اسڪرينن تي ٺيڪ پنهنجي سنڌي لکڻيءَ واري خوبصورتيءَ سان نظر اچي سگھندي. هيءَ ويب سائيٽ جيڪا هڪ ئي وقت ٽن ٻولين جي اصلوڪي خوبصورتيءَ کي پيش ڪندڙ آهي سا برائوزرن، ۽ استعمال ڪندڙ جي اسڪرين جي ماپ کي پرکي پنهنجي نمايان ڏيک کي پاڻمرادو مٽيندي. نتيجي طور تي پڙهندڙ کي آرام سان سائيٽ جي هر پاسي ۽ هر لنڪ تي وڃڻ لاءِ ڪابه ڏکيائي نه پيش ايندي.

امر فياض جي باري ۾

فياض، اڻ ڳڻپ ٿيندڙ بابن تي ٻڌل اهڙو نادر ڪتاب آهي جنهن جي هر هڪ صفحي ۽ هر سٽ ۾ هن جو تجربو ڳالهائيندو آهي

فياض جيڪو امر به آهي ۽ امر هجڻ الله جي ئي صفت آهي، جيڪا هن ٻين خصوصيتن وانگر پنهنجي چونڊيل ۽ پيارن ٻانهن کي عطا ڪئي آهي. منهنجو اهو ئي پڪو ايمان رهيو آهي ته اسان وٽ نالا ائين بي سبب ناهن رکيا ويندا، مان سمجھان ٿو ته نوي سيڪڙو نالن جا اثر ان ماڻهوءَ ۾ موجود هوندا آهن. هن فياض تي جنهن به نالو اهو رکيو هوندو، اها ٻي ڳالهه آهي مٿان وري امر نالي جو اضافو، مان پڪ سمجھان ٿو ته اهو ڪو اجايو ناهي. نالي جا ٻئي حصا پنهنجي پنهنجي جڳهه تي فياض جي سڃاڻپ آهن. هيءَ بلاگ جي دنيا انڌي دنيا آ، هتي ڪيترن ئي ماڻهن کي اها ڪَل ئي ناهي پوندي ته انهن جي وچ ۾ لکڻ ۽ ڳالهائڻ وارو ماڻهو ڪهڙي قد ڪاٺ جو هوندو آهي. اهڙي ئي ويڌن ڪجھ امر فياض سان به آهي. فياض کي اسان وٽ سچ اهو آهي ته اڃان ڪنهن به سمجھيو ناهي. هو روايتي ليکڪ يا فڪري بحث ڪرڻ وارو ماڻهو ئي ڪونهي پر هو ته پنهنجي دل کي ڪسوٽي ٺاهي پنهنجي اندر جي ڳالهه رکندو آهي. فياض، اڻ ڳڻپ ٿيندڙ بابن تي ٻڌل اهڙو نادر ڪتاب آهي جنهن جي هر هڪ صفحي ۽ هر سٽ ۾ هن جو تجربو ڳالهائيندو آهي، جيڪو هن تتل جھولن جي مانجھاندن کان ۽ راتين جي خاموشين سان ڀرت جيان ڀريو آهي. الله پاڪ، هن جي زندگيءَ سان به ڪهڙو عجيب مرض چنبڙائي ڇڏيو آهي جو هو پنهنجي ٻين حادثن سان گڏ هن کي به کڻي چپ چپات ۾ اسان سڀني سان هلي ۽ گھمي ٿو جو هن جي ڪا به دانهن ۽ ڪوڪ ڪو ٻڌي به نه ٿو سگھي.

صفدر همداني
(ايڊيٽر عالمي اخبار، ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر)